مقبول نظاماڻي صاحب کي اڱڻ تي ڀليڪار۔
ادا مقبول صاحب اوهان جي ڳالھ کي درگذر ڪندي عرض ڪبو ته هت ڪنهن هڪ طبقي، يا هڪ نظريي يا ڪنهن هڪ شهر جا دوست نه بلڪه هر قسم جا دوست آهن، هت قوم پرست دوست آهن ته مذهبي دوست پڻ موجود آهن، بحرحال جيڪڏهن اوهان جي ڳالھ کي ٿورو غور سان ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته اوهان سنڌ سلامت جي پيغام کي صحيح طرح سمجهيو ئي نه آهي، ڇا اوهان جي ان الزام کان بچڻ لا اسان کي انگريزي، پنجاپي يا پشتو يا دهلي جي ٺڳن جي ٻولي ۾ لکڻو پوندو؟
ظاهر آهي اسان سنڌي آهيون، ته ٻولي به سنڌي آهي، ته پڙهندا سون به سنڌي ته لکندا سون ته به سنڌي ٻولي ۾!!
اوهان جي ڳالھ پڙهندي ايئن محسوس ٿئي پيو ڄڻ اوهان ڪنهن خول ۾ بند آهيو!! ادا جيڪڏهن اوهان واقعي سنڌي آهيو ته خدارا ان خول کان ٻاهر نڪري اچو تاڪِ اوهان کي محسوس ٿئي ته پنهنجي ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ به عبادت آهي۔
وري جيڪڏهن اوهان قوميت تي ايندا ته اسلام کان وڌيڪ قومن جو ڪهڙي مذهب تحفظ ڪيو آهي؟!! اهو اسلام ئي آهي جنهن قوم، قومن، قوميت ۽ قوم پرستي جو تحفظ ڪيو آهي، اسلام قوميت کي ڪيڏو تحفظ ڏنو آهي ان لا اوهان کي مولانا عبيد الله سنڌي رحمه الله جو فڪر پڙهڻو پوندو، اميد آهي ته پو اوهان ان خول مان نڪري ايندا۔۔۔
اوهان سان اسان جو ڪو ذاتي اختلاف نه آهي، بحرحال هي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت اسان جي پنهنجي مٺڙي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ واڌ ويجھ لا سائين ذيشان رشيد صاحب ۽ سنڌ سلامت ٽيم جي محنت سان اوهان ۽ اسان لا سجايو ويو آهي، اميد آهي ته اوهان هن اوطاق جي مڙني ڪمرن ۾ پير پائي ڏسندا ته اوهان جي سوچ ۾ تبديلي اچي ويندي!!!
ڪا ڳالھ بُري لڳي هجي ته معذرت۔۔۔