افسوس جو پي ٽي سي ايل وي وائرليس، ونڊوز ايڪس پي کان پوءِ ونڊوز 7 جي اچڻ تي موڊيم انسٽال ڪرڻ جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي ۔۔۔ جنهن جي نتيجي ۾ اهي ساڳيا ڊرائيور جيڪي ونڊوز ايڪس پي جي دوران مشڪل سان ئي سهي پر انسٽال ٿي ويندا هئا ونڊوز 7 ۾ انسٽال ڪرڻ ڪافي مشڪل آهن۔۔۔ خير توهان جي سهولت لاءِ هتي تصويرن سان ڳالهه سمجهائجي ٿي۔۔۔
سڀ کان پهريان وي وائرليس جي يو ايس بي ڪيبل ڪمپيوٽر سان لڳايو۔۔۔ جنهن توهان اڳيان هي تصوير ظاهر ٿيندي۔۔۔

پهرين آپشن Locate and install Driver Software تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

هاڻي Do not search online تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

هتان برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ۽ سي ڊي روم ۾ موجود سي ڊي منهنجان DriverFiles\winXP فولڊر سليڪٽ ڪريو ... ۽ نيڪسٽ بٽڻ دٻايو...

نئين ايندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان install this driver software anyway تي ڪلڪ ڪريو...

هتي ڪلوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ... جنهن کان پوءِ هيٺيون ڊائلاگ باڪس ظاهر ٿيندو...

جتان Don’t search online تي ڪلڪ ڪريو...

هتي هڪ دفعو وري برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري سافٽويئر جي لوڪيشن ڏيو جيڪا اڳ ڏني هئي...

نئين ايندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان Install this driver software anyway تي ڪلڪ ڪريو...

هتي هڪ دفعو وري ڪلوز بٽڻ دٻايو...