پي ٽي سي ايل وي فون موڊيم پرابلم حل ڪريو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عرفان ساحل طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2012۔

  1. عرفان ساحل

    عرفان ساحل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين مون وٽ ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي ان ۾ هوائي وي وائرليس پي ٽي سي ايل جا موڊيم انسٽال نه پيا ٿين هوائي وائرليس جي اوريجنل سي ڊي مان سيٽ اپ انسٽال ڪيو آهي پر موڊيم جو ايرر پيو اچي مهرباني ڪري ان جو صحيح طريقو ٻڌايو ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔۔۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    افسوس جو پي ٽي سي ايل وي وائرليس، ونڊوز ايڪس پي کان پوءِ ونڊوز 7 جي اچڻ تي موڊيم انسٽال ڪرڻ جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي ۔۔۔ جنهن جي نتيجي ۾ اهي ساڳيا ڊرائيور جيڪي ونڊوز ايڪس پي جي دوران مشڪل سان ئي سهي پر انسٽال ٿي ويندا هئا ونڊوز 7 ۾ انسٽال ڪرڻ ڪافي مشڪل آهن۔۔۔ خير توهان جي سهولت لاءِ هتي تصويرن سان ڳالهه سمجهائجي ٿي۔۔۔​
    سڀ کان پهريان وي وائرليس جي يو ايس بي ڪيبل ڪمپيوٽر سان لڳايو۔۔۔ جنهن توهان اڳيان هي تصوير ظاهر ٿيندي۔۔۔​
    [​IMG]
    پهرين آپشن Locate and install Driver Software تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔​
    [​IMG]
    هاڻي Do not search online تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔​
    [​IMG]
    هتان برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ۽ سي ڊي روم ۾ موجود سي ڊي منهنجان DriverFiles\winXP فولڊر سليڪٽ ڪريو ... ۽ نيڪسٽ بٽڻ دٻايو...​
    [​IMG]
    نئين ايندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان install this driver software anyway تي ڪلڪ ڪريو...​
    [​IMG]
    هتي ڪلوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ... جنهن کان پوءِ هيٺيون ڊائلاگ باڪس ظاهر ٿيندو...​
    [​IMG]
    جتان Don’t search online تي ڪلڪ ڪريو...​
    [​IMG]
    هتي هڪ دفعو وري برائوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪري سافٽويئر جي لوڪيشن ڏيو جيڪا اڳ ڏني هئي...​
    [​IMG]
    نئين ايندڙ ڊائلاگ باڪس منجهان Install this driver software anyway تي ڪلڪ ڪريو...​
    [​IMG]
    هتي هڪ دفعو وري ڪلوز بٽڻ دٻايو... ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هاڻي توهان جي سسٽم ۾ سافٽويئر انسٽال ٿي چڪو آهي... جڏهن ته موڊيم کي سيٽ ڪرڻ اڃان رهي ٿو.. ان لاءِ سڀ کان پهريان ڪنٽرول پينل کوليو جتان هارڊويئر اينڊ سائونڊ تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ فون ۽ موڊيم آپشن تي ڪلڪ ڪريو... ته توهان جي اڳيان هيٺيون آپشن باڪس ظاهر ٿيندو... جتان موڊيمس ٽيب چونڊيو...​
    [​IMG]
    هتان Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...​
    [​IMG]
    ۽ Don’t detect my modem and click next تي چيڪ لڳائيندي نيڪسٽ بٽڻ دٻايو... ​
    [​IMG]
    نئين کلندڙ باڪس منجهان Have Disk.. بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...​
    [​IMG]
    هاڻي برائوز بٽڻ دٻائيندي سي ڊي منجهان HuaWeiMdm.inf جي لوڪيشن ڏيو جئين تصوير ۾ ڏنل آهي جتي ڊرائيو ڊي سي ڊي کي ظاهر ڪري ٿي... ان کان پوءِ اوڪي ۽ پوءِ نيڪسٽ بٽڻ دٻايو ... ​
    [​IMG]
    نيڪسٽ بٽڻ دٻائيڻ سان توهان پورٽ سليڪٽ ڪرڻ لاء پڇيو ويندو... اوهان Selected ports کي سليڪٽ ڪريو ۽ نيڪسٽ بٽڻ دٻايو۔۔​
    [​IMG]
    هاڻي بس فنش بٽڻ دٻايو۔۔۔ ​
    [​IMG]
    ان طرح توهان جي ڪمپيوٽر ۾ وي وائرليس جو هوائي سيٽ موڊيم انسٽال ٿي ويندو۔۔۔​
    بيشڪ ان کي انسٽال ڪرڻ ڏکيو ۽ پيچيدو عمل آهي ان ڪري پي ٽي سي ايل وارن کي ان طرف توجه ڏيڻ گهرجي۔۔۔​
     
  4. عرفان ساحل

    عرفان ساحل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جو ڏنل طريقو به استعمال ڪيو آهي پر سڀ کان پهريون اسٽيپ فائونڊ نيو هارڊويئر ڪيبل لڳائڻ سان اچي ت پيو پر توهان جي ڏيکاريل ميٿڊ تحت نه پيو اچي نيو هارڊويئر ناٽ انسٽال ٻڌائي پيو ۽ پهرين تصوير ۾ ڌيکاريل سيٽ اپ نه پيو کلي ادا اڃان به ڪنهن صحيح طريقي سان سمجهايو ڪيبل لڳائڻ کان اڳ هوائي وائرليس سيٽ اپ انسٽال ڪرڻو پوندو ڇا مڪمل رهنمائي ڪريو۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه سوالن جا جواب ڏيو۔۔۔
    ڇا توهان جي ڪمپيوٽر ۾ وائرس آهي؟ جي نه ته ۔۔۔۔ بهتر رهندو ته مائڪروسافٽ اسينشل اينٽي وائرس انسٽال ڪري ان سان ونڊوز کي مڪمل طرح اسڪين ڪريو۔۔۔
    ڇا توهان جي ڪمپيوٽر ۾ اينٽي وائرس فعال آهي۔۔۔؟ جي ها ته۔۔۔۔ بهتر رهندو ته وي فون موڊيم انسٽال ڪرڻ کان اڳ اينٽي وائرس غير فعال ڪريو۔۔۔
    ڇا توهان ونڊوز 7 نئين انسٽال ڪئي آهي يا پراڻي آهي۔۔۔ ؟ جي پراڻي آهي ته بهتر رهندو ته نئين انسٽال ڪريو ۽ سڀ کان پهريان وي فون موڊيم انسٽال ڪريو۔۔۔
     
  6. عرفان ساحل

    عرفان ساحل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جي ڏنل طريقي ۽ ڪجهه پنهنجي ذهن مطابق انسٽاليشن ڪيم پر ٻيو ته هر شي ٺيڪ آهي پر ڊرائيور انسٽال نه ٿيا
    ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪو به وائرس ناهي اينٽي وائرس اواسسٽ 7 ليٽيسٽ ورزن انسٽال ٿيل آهي پر سيٽ اپ کان اڳ ڪلوز ڪيو آهي باقي رهي ڳالهه ونڊو جي اها ته ونڊو 7 الٽيميٽ فل اينڊ فائنل 2015 ورزن آهي پر ان کان سوا اوريجنل سي ڊي به آهي اها لڳائي ٿو ڏسان۔۔
    توهان جيڪو طريقو ٻڌايو آهي اهو ته ونڊو وسٽا ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ونڊو وسٽا ۾ ته انسٽاليش آسان آهي۔، مونکي ونڊوز 7 جو طريقو آساني سان ٻڌايو ته ان ۾ هوائي وائرليس ڪيئن لڳن۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مونکي نه ٿو لڳي ته وي وائرليس ونڊوز سيون ۾ هلي سگهندي۔۔
    مون به اڳ وي وائرليس ذريعي نيت استعمال ڪئي آهي، پر ان کان سئو فيصد بهتر ته موبيلنڪ موبائل ذريعي نيٽ يوز ڪرڻ آهي جيئن آ به اڄ ڪلھ ڳوٺ ۾ ڪريان پيو، پورو هفتو نيٽ هلايو، پورا پنج سئو ايم بي صرف ٽيھ روپين ۾۔
    آ پورو هفتو هلائيندو آهيان پو به پنج سئو ايم بي ختم نه ڪري سگهندو آهيان، ها هڪ ڳالھ آهي ته انٽرنيٽ ايڪسپلور جو اٺون ورذن استعمال ڪندو آهيان ۽ ان ۾ تصويرن کي ڊو نوٽ شو تي ڪلڪ ڪندو آهيان، صرف ضروري پڪچرز مينوئلي شو ڪرائيندو آهيان۔۔۔
     
  8. عرفان ساحل

    عرفان ساحل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جي جواب جي انتظار ۾ آهيان نيو ونڊو 7 به انسٽال ڪئي اٿم پر اڃا به مسئلو حل نه پيو ٿئي TUSB 3410 وارو ڪيبل ڊرائيور انسٽال نه پيو ٿئي مونکي توهان دوستن جي رهنمائي جي سخت ضرورت آهي۔۔۔۔
     
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي پر هوائي وارو وي وائرليس ونڊو7 تي نٿو هلي باقي زيڊ ٽي سي هلي پيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو