• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انگلينڊ اميد سان جڏهن ته نيوزلينڊ سيمي فائينل کان ذري گهٽ ٻاهر...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڄ جي ميچ ۾ يقين ئي نه ٿي آيو ته هي اها نيوزيلينڊ جي ٽيم آهي جنهن سپر 8 جي پهرين ميچ ۾ سري لنڪا کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هيا۔۔۔ انگلينڊ جي فن بالر نيوزيلينڊ وارن کي اهڙو سوگهيو ڪيو جو هو مقرر 20 اوور ۾ 150 کان به هڪ رنس پوئتي رهجي ويا۔۔۔ ۽ سوائي فرنڪلن جي جنهن 33 بالن ۾ 50 رنسون ٺاهيون باقي نيوزيلينڊ جو ڪو به رانديگر ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيو۔۔۔ جواب ۾ انگلينڊ جي ليوڪ رائيٽ نيوزيلينڊ کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا۔۔۔ پنهنجي 5 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان هن 43 بالن ۾ 76 رنسو جوڙيون ائين انگلينڊ ميچ آساني سان هڪ اوور پهريان 6 وڪيٽن تان کٽي پنهنجي سيمي فائينل تائين پهچڻ جي اميدن کي برقرار رکيو جڏهن ته نيوزيلينڊ جهڙوڪ ٽورنامينٽ کان ٻاهر پئي سمجهي وڃي جو جيڪڏهن هو پنهنجي آخري ليگ ميچ کٽي به وٺن ته ان صورتحال ۾ انگلينڊ جي آخري ميچ جي هارائڻ جي رحم تي هوندا ۔۔۔

4044.jpg
نيوزيلينڊ جي اننگ جون جهلڪيون ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
انگلينڊ جي اننگ جون جهلڪيون ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
 
Back
Top