سنڌ جو سنڌو دريا٪ ۽ اکيون پوري وقت گذاريندڙ پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ غلام علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2009۔

  1. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    اسان جي پياري ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ملڪ جو اهم اشيو بڻجي ويو آهي. جنهن ۾ سنڌ صوبي جي سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ وارو بحران سنڌ صوبي جي عوام جي جياپي جو مسئلو بڻيل آهي. سنڌ صوبو ملڪ جو اهم زرعي علائقو آهي. پاڻي جي کوٽ جي بعد صوبي جي عوام لا۽ مسئلن جا انبار پيدا ٿين ٿا. سنڌ صوبي مٿان نون ڊيمن جي اڏاوت به پاڻي جي کوٽ جو سبب پيدا ڪن ٿا. جنهن ۾ درياءَ ۾ پاڻي اچڻ سان سمنڊ جي پاڻي جي ڇوڙ ڪرڻ سان سامونڊي پٽي ۽ ڀر پاسي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ جي ڪاري پاڻي لوڻياٺ کان بچي آبادي لا۽ موثر ٿي سگھندي آهي. ٽنڊي محمد خان جي ملاڪاتيار مان گذرندڙ سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي اچڻ سان هڪ هزار کان مٿي ملاح برادري جي پورهيتن جي معاشي گذران هڪ دفعو ٻيهر کين روزگار جو وڌيڪ موقعو فراهم ڪيو هو. درياءُ جي ڪناري تي رهندڙ مهاڻن جو واحد سهارو مڇي مارڻ ۽ پلي مارڻ تي هوندو آهي. جنهن ۾ مڇي ماريندڙ پورهيت خاندان جون عورتون ٻار به مردن سان گڏ مڇي مارڻ ۾ سندن مدد ڪندا آهن. درياءُ ۾ تازو پاڻي جي اچڻ کانپو۽ وري پاڻي جي فراهمي سکر بئراج ، ڪوٽڙي بئراج ۾ لاٿ سبب پاڻي اچڻ بند ٿي ويو آهي. جنهن جي سبب ملاڪاتيار کان ٺٺي جي شاهبندر تائين درياءُ هڪ دفعو ٻيهر پاڻي کان محروم ٿيڻ لڳو آهي. جنهن ۾ مڇي ماريندڙ مهاڻا پنهجا رڇ ۽ ٻيڙيون صبح جو سج اڀري کان رات جو سج لهڻ تائين درياءٌ جي پاڻي ۾ مڇي ۽ پلي جي ڳولا ڪرڻ باوجود شڪار کان محروم ٿيو وڃن ٿا.جنهن ۾ نالي ماتر مڇي مارڻ ۽ ڪرڙي مارڻ سان مهاڻن لا۽ هڪ ويلو جو کاڌو ملڻ مشڪل سان ٿئي ٿو. جنهن ۾ تازو درياءٌ ۾ پاڻي اچڻ ڪري 10 يا 12 سالن کانپو۽ پلي جو ناياب نسل درياءٌ جي پاڻي ۾ اچڻ شروع ٿيو هو جنهن ۾ مڇي جا ڪرڙا ، گھانگھرو، پاپليٽ ۽ ٻيا نسل پڻ اچڻ شروع ٿيا هئا. پر پاڻي جي کوٽ سبب سنڌو درياءٌ جي ڪوٽڙي بئراج کان شاهبندر تائين پلو ۽ مڇي جا مختلف قسم هاڻي مهاڻن جي شڪار لا۽ اڻ لڀ ٿي ويا آهن مڇي ماريندڙ مهاڻن لا۽ جوڙيل غير سرڪاري تنظيمن جو نيٽورڪ ڪراچي تائين محدود هجڻ ڪري سنڌ جي درياءٌ ڀرسان رهندڙ مهاڻن جي عام زندگي معاشي طور سخت مسئلن جو شڪار آهي. مڇي ماريندڙ مهاڻن ۾ مختلف بيمارين جو پڻ گھڻو اثر سندن حياتين لا۽ خطرو ٿئي ٿو. کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي ، غربت ، مفلسي سندن جياپي واري سگھه کسي ورتي آهي. ملاڪاتيار جي درياءٌ ڀر سان رهندڙ مهاڻن جا به انيڪ مسئلا آهن. ملڪ جي قيام عمل کان وٺي هن وقت تائين غير جمهوري ۽ جمهوري حڪومتن جو قيام ٿيو آهي. پر ڪا به سرڪار سندن پرگھور نٿي لهي. هن وقت جڏهن ملڪ ۾ عوام جي چونڊيل جمهوري حڪومت ۽ اسميبليون موجود آهن ۽ سنڌ صوبي جي مهاڻن لا۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کين بنيادي سهوليتون فراهم ڪرڻ جا اعلان ڪيا آهن. جنهن ۾ فشريز کاتي جي صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ درياءُ ۾ مڇي ماريندڙ مهاڻن کي سرڪار طرفان ڪالونيون تعمير ڪري ڏيارڻ سندن معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لا۽ شهيد بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪري کين روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ، مڇي مارڻ لا۽ ٻيڙيون ، لانچون ۽ رڇ فراهم ڪرڻ جا اعلان ڪيا آهن. پر ان جي ابتڙ سنڌ جي دريائن تي مڇي ماريندڙ مهاڻن کي ڪا به بنيادي سهوليت نه ملي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي. ته سرڪار جو فشريز کاتو سنڌ جي سمنڊ ۽ درياءٌ ۾ مڇي ماريندڙ پورهيتن جي مستقل طور سندن مالي سهائتا ۽ سندن زندگين کي سنوارڻ ۽ بهتر مستقبل لا۽ اهڙا انتظام ڪري ته سنڌ جا اهي لکين پورهيت اٽي لٽي اجھي ، صحت ۽ تعليم جي سهوليتن کان محروم نه ٿي سگھن . جنهن لا۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري کي سنڌ جي مڇي ماريندڙ پورهيتن کي جمهوري حڪومت ۾ بنيادي حق ڏيارڻ لا۽ اپاءٌ وٺڻ جي ضرورت آهي. جيئن جمهوري حڪومت ۾ سنڌ جا هي پورهيت زندگي جون خوشيون ماڻي سگھن. sindhsalamatsaathsal​
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين پاڻي جو تمام وڏو مسئلو آهي۔۔۔ واڳ ڌڻين وٽ آهي جيڪي پاڻ به ته سنڌي آهين۔۔۔۔۔ وڌيڪ سمجهه وارا آهيو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو