• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ حڪايت

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
387484_290227511076713_893670831_n.jpg
هڪ دفعي هڪ کوهه جي ڏيڏرن الله تعالى کان دعا گهري ته ۔۔۔”باقي سڀني مخلوقن جا بادشاهه آهن۔۔۔ پر اسان جو ڪونهي ۔۔۔ يا الله اسان لاءِ به ڪو بادشاهه موڪل۔۔۔“
خدا تعالى سندن سادگي ڏسندي ڪاٺي جي هڪ پٽي کوهه ۾ ڪيرائي۔۔۔ کوهه ۾ پاڻي جو زور جو ڇپلو ٿيو۔۔۔ پهريان ته سڀ ڊڄي ويا پر ٿوري دير ۾ سڀني ڏٺو ته بادشاهه ته پاڻي ۾ ڊگهو ڊگهو ستو پيو آهي۔۔۔ هو ڊڄندي ڊڄندي ويجهو آيا۔۔ ۽ پوءِ هن جي مٿان چڙهي ٽپا ڏيڻ لڳا۔۔۔
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن خدا تعالى کي وري عرض ڪيو ته ۔۔”هي بادشاهه اسان کي پسند ڪونه آيو۔۔۔ ڪو ٻيو موڪل جيڪو اسان جي شايانِ شان هجي۔۔۔ “
خدا تعالى ناراض ٿيندي هڪ سامونڊي نانگ موڪليو۔۔ جيڪو ايندي ئي ٻن ٽن ڄڻن کي چٽ ڪري ويو۔۔۔ باقي وڃي ڪنڊن پاسن ۾ لڪيا۔۔۔

منهنجي سنڌ سلامت جا دوست ڪافي سمجهدار آهن۔۔ اميد ته هن حڪايت مان نتيجو ڪڍي ويندا ۔۔۔ ۽ يقينن سڀني سان ونڊيندا۔۔
 
Back
Top