محب ؤ محبوب انساني جسم ۾ دل کي وڏي اهميت حاصل آهي۔ محب ( عاشق، زندگي جو ساٿي) جي دل محبوب جي قربت سان نه ڀرجندو آهي ۽ هو هڪ لمحي جي لاء به ان کان جدا ٿيڻ پسند نه ڪندو آهي۔ هن جي تمنا هوندي آهي ته هو زندگي ڀر پنهنجي محبوب جي قدمن ۾ پيل هجئي ۽ محب جي لاء حقيقي زندگي جو حاصل اهو آهي ۔جڏهن محبوب سامهون هوندو آهي ته محب فرواني جذبه محبت ؤ عشق جي ڪري مدهوش ٿئي ويندو آهي ۽ بظاهر هن جون حرڪتون ديونگي اختيار ڪري وٺينديون آهن۔ سچي محبت رب جليل جو عطيه عظيم آهي ۔ الله پاڪ سان محبت واري نعمت ڪنهن کي ملي وڃي ته هن جي دنيا ؤ آخرت ۾ بهارون رقص ڪرڻ لڳينديون آهن۔ محب کي محبوب ۽ ان جي حوالي سان ان جي حسن سان به پيار هوندو آهي ۔هر لمحي هن جي يادين ۾ مستغرق رهندو آهي ۽ نگاهون ۾ گذريل زماني جي حسين خدوخال بصورت ڳوڙهن ۽ سسڪين جي جلوه گري ڪرڻ لڳندو آهي۔ (ترڪش ( ترڪي)بزرگ وشاعر نوري جي ڪتاب مان منتخب ڪجه لائينين جي انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو اوهان جي نظر)
سبحان الله بيشڪ سائين ،انسان جي خلقت عجيب آهي محبتن ۽ اهساسن جي نفيس جامي سان گڏ هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو،اڪثر ڪري هن جنم تي پهرين ڇانو محبت جي پهرين نگاه محبت جي ،پهريون لفظ محبت جا،پهريون سڏ محبت جو ،پهريون نالو محبت جو بلڪه سڄو وجود محبت جو ايتري قدر جو ان جي جسم مان خارج ٿيندڙنجاست کي ڪير نجاست محسوس نه ٿو ڪري ، ۽ ان جي اظهار جي وڏي نشاني محبت جي “ماءُ” جنهن کان پو محبت جو مثال ڪونهي ،جو خلقيندڙ به پنهجي محبت جو مثال 70 مائن کان وڌيڪ محبت ڪندڙ سان ڏنو آهي، اهي سبق وٺڻ جي با وجود به جڏهن ڪو انسان ڪنهن سان نفرت ٿو ڪري ته خدا ضرور پڇندس ته ڪنهن سيکاري توکي،؟؟؟؟؟ مون ته ڪائنات ۾ ڪو ب اهڙو سبق ڪو نه پيدا ڪيو هو جيڪو سيکاري محبت ۽ ياد نفرت سان هجيس، وري ب ڪائنات ۾ بيشمارشيون خلقي ياد ڏياريندو رهندو آهي ته جيئن پاڻ کي محبت هجيس ،۽ احساس هجيس ته محبت ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي ،پاڻ ڪيتريقدر محبت جي گهرائي ۾ وڃي سگهي ٿو ،پوء لڏي لمي جڏهن وقت پورو ڪندو ته پڇندو ،محبت جو احساس ڇا آهي؟محبت جي بدلي اگر بيوفائي يا وڇوڙو ملي ته ڪيئن محسوس ٿيندو آهي،؟؟؟ئ اهيا ته محبت جي ذري جيڪا توهان ڪئي ، جنهن 70 مائن کان وڌيڪ محبت ڪئي ان کي بدلو ڇا ڏنو؟ پاڻ ته حاصلات لاء بيچين هوندا هيو هر شئي پسڻ جي تمنا هوندي هئي، معمولي جنبش کي به باريڪ بينيء سان ڏسندا هيو،پنهجون ادائون پسڻ لاء ڪيڏو ڪوشان هوندا هو،؟؟؟؟ پو مان به ته ادائون ئي گهرندو هوس؟!!!!! ٻيو توهان جو رت يا گوشت موکي کپي پيو ڇا؟ بنياد محبت کان ،اوهان جي ابتدا محبت کان ،مون سڀ ڪجه ڏنو جيڪو اوهان گهريو،ما ته رڳو اهيو ٿو ڏسان ته هيڏي ڪائنات ما اوهان ڇا کنيو،؟؟!!! ڇا پسند ڪيو؟؟!!