پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه صرف انڊيا پنهنجيون سيمي فائينل ۾ اميدون جڳايون پر ڏکڻ آفريڪا جنهن جون اميدون آسٽريليا جي شڪست کان پوءِ ختم ٿي ويون هون وري جاڳي پيون۔۔۔
آسٽريليا هٿان 9 وڪيٽن جي ذلت آميز شڪست کان پوءِ انڊيا کي پاڪستان جي خلاف راند هر صورت ۾ کٽڻي هئي۔۔۔ ان ڪري سندن حڪمتِ عملي ڪجهه به هجي پر پاڪستان جي حڪمتِ عملي سندن اڳيان بلڪل به نه هلي۔۔۔ هن دفعي واري پاڪستاني ٽيم پهرين ميچن جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف هئي ۔۔۔ سندس اوپنر اٽيڪ هجي يا مڊل آرڊر ڪاٿي به فائيٽنگ اسپرٽ نظر نه آيو۔۔ سندن دفاعي حڪمتِ عملي ٽي20 جهڙي فارميٽ ۾ بلڪل نه هلي۔۔۔
پاڪستان صرف ٽاس ئي کٽي باقي راند ۾ بالنگ بيٽنگ فيلڊنگ ايتري تائين جو ميچ ئي هارائي ڇڏي۔۔۔ انڊيا جي سپر بيٽنگ اڳيان پاڪستان جو ڏنل 129 رنسن جو ٽارگيٽ ڪو مذاق ئي هيو۔۔۔ ڇو ته ڪوهلي ته شاندار 78 رنسون جوڙي ئي ورتيون پر ڪپتان سان ناراض سهواڳ به پنهنجي تيز 29 رنسن سان نمايا رهيو۔۔
ڊيٿ گروپ سمجهيو ويندڙ هن گروپ ۾ اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته آسٽريليا سان گڏ ڪهڙي ٽيم سيمي فائينل لاءِ نڪرندي ۔۔۔ هيل تائين انڊيا ۽ پاڪستان توڙي جو هڪ هڪ ميچ کٽي آهي پر ڪابه نه کٽندڙ ڏکڻ آفريڪا پڻ ٽورنامينٽ کان ٻاهر ناهي نڪتي۔۔۔ ان لاءِ گروپ جو اڱاري وارو ڏينهن زندگي موت جو منظر پيش ڪندو۔۔۔

پاڪستان جي اننگ جون جهلڪيون
انڊيا جي اننگ جون جهلڪيون۔۔