پاڪستان حسبِ روايت تاريخ ورجائي... انڊيا هٿاران بدترين شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه صرف انڊيا پنهنجيون سيمي فائينل ۾ اميدون جڳايون پر ڏکڻ آفريڪا جنهن جون اميدون آسٽريليا جي شڪست کان پوءِ ختم ٿي ويون هون وري جاڳي پيون۔۔۔
    آسٽريليا هٿان 9 وڪيٽن جي ذلت آميز شڪست کان پوءِ انڊيا کي پاڪستان جي خلاف راند هر صورت ۾ کٽڻي هئي۔۔۔ ان ڪري سندن حڪمتِ عملي ڪجهه به هجي پر پاڪستان جي حڪمتِ عملي سندن اڳيان بلڪل به نه هلي۔۔۔ هن دفعي واري پاڪستاني ٽيم پهرين ميچن جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف هئي ۔۔۔ سندس اوپنر اٽيڪ هجي يا مڊل آرڊر ڪاٿي به فائيٽنگ اسپرٽ نظر نه آيو۔۔ سندن دفاعي حڪمتِ عملي ٽي20 جهڙي فارميٽ ۾ بلڪل نه هلي۔۔۔
    پاڪستان صرف ٽاس ئي کٽي باقي راند ۾ بالنگ بيٽنگ فيلڊنگ ايتري تائين جو ميچ ئي هارائي ڇڏي۔۔۔ انڊيا جي سپر بيٽنگ اڳيان پاڪستان جو ڏنل 129 رنسن جو ٽارگيٽ ڪو مذاق ئي هيو۔۔۔ ڇو ته ڪوهلي ته شاندار 78 رنسون جوڙي ئي ورتيون پر ڪپتان سان ناراض سهواڳ به پنهنجي تيز 29 رنسن سان نمايا رهيو۔۔
    ڊيٿ گروپ سمجهيو ويندڙ هن گروپ ۾ اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته آسٽريليا سان گڏ ڪهڙي ٽيم سيمي فائينل لاءِ نڪرندي ۔۔۔ هيل تائين انڊيا ۽ پاڪستان توڙي جو هڪ هڪ ميچ کٽي آهي پر ڪابه نه کٽندڙ ڏکڻ آفريڪا پڻ ٽورنامينٽ کان ٻاهر ناهي نڪتي۔۔۔ ان لاءِ گروپ جو اڱاري وارو ڏينهن زندگي موت جو منظر پيش ڪندو۔۔۔

    [​IMG]
    پاڪستان جي اننگ جون جهلڪيون
    انڊيا جي اننگ جون جهلڪيون۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    گزريل ڪيترن سالن کان سڀني کي خبر آهي ته، اهي سڀ جواري آهن، ۽ هاڻي ته صدر ۽ وزيراعظم به انهن جو حصو آهن۔ هڪڙن تي ڪيس پيا ٿا هلن ،وري به توهان پنهجون اميدون اهڙن ماڻهن ۾ رکيون ويٺا آهيو ،سو به هڪ ملڪ جي عزت ۽ ناموس جون،
    افسوس ايتري سچائيء سان پنهجي ربّ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ايترو ئي وقت جيترو پنهجي پوري هوش و هواس سان راند ۾ ڏسندي گزاريو ٿا، ملڪ جي ڀلائي تي صرف ڪيو وڃي يقين ڪيو اوهان دنيا ۾ الله جي وڏي فوج بنجي وڃو ۽ دنيا جا مسلمان اوهان تي ناز ڪن،
    ۽ هر ڪافر کي ڪنهن مسلمان سان کلواڙ ڪرڻ جي همٿ نه ٿئي،
    قوم جون نياڻيون دشمنن کي ڏئي پنهجي ملڪ جي ماڻهن کي قتل ڪندڙن کي پيسن تي کپائڻ واري قوم مداري جي کيل تي تاڙيون نه وڄائيندي ته ڇا الله رسول جي پيروي ڪندي ۔ايتري پرجوش انداز سان اگر ڊاڪٽر عافيه جي بازيابي لاء ڪوشش ڪئي وڃي ته يقينن اها نجات حاصل ڪري وٺي هان ،
    افسوس نعمتون سڀ الله جون احسان وري ڪافرن جا ٿا مڃيون،ته جي اهي قرض نه ڏين ته جي نه سگهون ،
    پر ايترو وقت آهي مسلمانن کي جو فلحال ته وقت گزاري ڪيون پو ڏسنداسين،
    روز ايئن وقت گزري پيو ٿو ۔اهيي به مسلمانن جا شوق رهيا؟ تاريخ،،،،،،،،!
    سچ چيو اٿن
    جتي لوڀي هوندا ، اتي ٺوڳي بک ڪونه مرندا آهن۔
    الله پاڪ پنهجو ڪرم ڪري الله ستلن کي سجاڳ ڪري
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ذيشان صاحب اسان کي وري به اميد آهي ته ڪپ پاڪستان جو آهي ان شا الله۔۔۔ ها البته هن ميچ جي غلطين کان ضرور سکڻ گهرجي۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوشل نيٽ ورڪ تي هن ميچ کان پوءِ جيڪي ٽوٽڪا ۽ تصويرون نظر مان گذريون دوستن جي دلچسپي خاطر لڳائجن ٿيون۔۔۔

    ماڻهن کي ڪرڪيٽ ميچ هارڻ جو غم پر اسان کي خوشي آهي ته آواره ماڻهن جي عياشي جا منصوبا خاڪ ۾ ملي ويا ۔۔۔۔ سمنڊ ڪناري بيهودگي نه ٿي ۔۔۔ شراب جون بوتلون واپس۔۔۔ گولين جا آواز نه آيا۔۔۔ الحمد لله

    جيتري محبت هن قوم کي ڪرڪيٽ سان آهي ۔۔ جيڪڏهن ان جو 10 سيڪڙو محمد عربي صلي الله عليه وآله وسلم جن سان هجي ها ته ربِ ڪعبه جي قسم اڄ گستاخِ رسول زنده نه هجي ها۔۔

    سٺي خبر اڃان تائين ڊيٿ گروپ مان ڪابه ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪوائليفائي نه ڪري سگهي آهي۔۔۔ ۽ انڊيا کي سيمي فائينل ۾ پهچڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي 13 اوورن 9 وڪيٽن تان کٽڻو پوندو۔۔۔ جڏهن ته پاڪستان کي آسٽريليان کان ٺاهوڪي رن ريٽ تان۔۔
    ميچ هاري آ ته ڇا ٿي پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٽاس ته وري به اسان کٽي نه۔۔۔۔

    يار هار جيت ٿيندي رهندي آ۔۔۔ پر اسان هر دفعي انڊيا کان ڇو ٿا هارايون۔۔۔؟

    ياهووووو۔۔۔۔ اسان ميچ کٽي ورتي۔۔۔ منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي انڊيا مان هو۔۔۔۔

    جيڪڏهن انڊيا هارائي ها ته ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وڃي ها۔۔۔ ڪاٿي هي ”امن ڪي آشا“ وارو فارمولو ته ڪم نه ڪري ويو۔۔۔ آخرڪار هو اسان جو ”پسنديده ملڪ“ جو آهي۔۔۔

    هارائڻ جو سبب شايد هي هو۔۔۔۔

    [​IMG]

    يا وري هي۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]


    مردن کان مايون چڱيون جن انڊيا کي هڪ ئي رنس تان شڪست ته ڏني۔۔۔


    [​IMG]
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    8 پنجابي 3 پٺهان خاڪ جيتيگا پاڪستان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو