نيوزيلينڊ هڪ دفعو ٻيهر سپر اوور جو دٻاء سهي نه سگهيو ۽ ورلڊ ڪپ کان ٻاهر۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نيوزيلينڊ اها ٽيم آهي جنهن ورلڊ ڪپ کي ٻه دلچسپ ترين مقابلا ڏنا۔۔ ۽ سپر اوور تائين وٺي وئي۔۔ پر هن دفعي واري ٻي سپر اوور شڪست سندس جا سپر 8 مان ترا ڪڍي ڇڏيا۔۔۔ اهڙي طرح سپر 8 اسٽيج تان نڪرندڙ پهرين ٽيم پڻ بڻجي وئي۔۔
    ”مرو يا ماريو“ جهڙي اهميت رکندڙ هي مقابلو آخر ڪار برابري تي وڃي ختم ٿيو۔۔۔ جڏهن ڪرس گائيل تي انحصار ڪندڙ ويسٽ انڊيز ڪرس گائيل جي 30 رنسن کان پوءِ زور لڳائيندي به رڳو 139 رنسون ٺاهيون ته مقابلي ۾ نيوزيلينڊ پنهنجي اننگ کي ڪافي بهتر کڻي آيو ۽ صاف ٿي لڳو ته مقابلو سندن جهولي ۾ هوندو۔۔۔ پر ٿيو ائين جنهن تي يقين ئي نه ٿي آيو۔۔۔ نيوزيلينڊ جي ڪپتان روز ٽيلر هوندي آخري اوور ۾ گهربل ڏکيون 14 رنسون هن ڇڪو هڻندي آسان ڪري ڇڏيون ۽ آخري بال تي گهربل 2 رنسون هيون پر هن دفعي ڪپتان ٻئي اينڊ تي هيو ۽ بريسيول وس ڪندي به هڪ ئي رنس بڻائي سگهيو۔۔۔ ۽ مقابلو ٽائي ٿي ويو۔۔۔
    سپر اوور ۾ نيوزيلينڊ جي پهرين ميچ جو سينچري ميڪر ميڪ ملن ڪجهه نه ڪري سگهيو۔۔۔ هتي به شابس ڪپتان کي هجي جنهن ڇڪو ۽ چوڪو هڻي اوور 17 بڻائي ڇڏيو جيڪو سپر اوور جو وڏو سڪور سمجهيو ٿي ويو۔۔۔
    ويسٽ کي ميچ کٽڻ لاءِ 6 بالن تي 18 رنسون گهربل هيون۔۔ ڪرس گيل پهرين ئي بال تي ڇڪو لڳائي سنسني پيدا ڪري ڇڏي۔۔۔ جڏهن 2 بالن تي 5 رنسن جي ضرورت هئي ته سيموئل اهو ڪم ڪيو جو ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچي ويون۔۔۔ جي ها ڇڪو لڳائي بال به بچائي ڇڏيو۔۔۔
    هائي ڙي نيوزيلينڊ تنهنجي قسمت ۔۔۔ هميشه وانگر آئي سي سي جي ايونٽس ۾ ٻاهر۔۔۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو