انڊيا سنسني خيز مقابلي کان پوءِ هڪ رنس تان ميچ کٽي ته ويو پر اها جيت کيس سيمي فائينل ۾ نه وٺي سگهي۔۔۔ ڇو ته کين سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ آسٽريليا جي مهربانين سان ڏکڻ آفريڪا کي 32 رنسن تان شڪست ڏيڻي هئي۔۔۔
انڊيا کي ڏکڻ آفريڪا طرفان ٽاس هارائي نه چاهيندي به پهريان بيٽنگ ئي ڪرڻي پئي۔۔۔ سريش رائنا جي 52 رنسن ٽيم جو مجموعي اسڪور 152 تائين پهچائي ڇڏيو۔۔۔ ان طرح انڊيا کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي 121 جي اندر آئوٽ ڪرڻو هو۔۔۔
جيڪڏهن ميچ جي ڳالهه ڪجي ته واه جو مقابلو ٿيو۔۔ آخري اوور تائين مقابلو آفريڪا جي حق ٿي ويو پر وڪيٽن جي نه هجڻ ڏکڻ آفريڪا سپر 8 جي پهرين فتح به نه حاصل ڪريو جو مورڪل آخري اوور جي 5 بال تي گهربل 2 رنسون حاصل ڪرڻ بجاءِ بولڊ ٿي ويو۔۔۔
ان طرح ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ فيورٽ ترين سمجهي ويندڙ ڏکڻ آفريڪا سپر 8 جي ٽنهي مقابلن ۾ ڪجهه حاصل نه ڪري سگهي۔۔ ۽ قسمت جي ستم ظريفي ڇا چئجي جو پوري ٽورنامينٽ ۾ صرف هڪ ميچ هارائي انڊيا ٻاهر نڪري ويو۔۔۔۔
هاڻي هي ٻئي ٽيمون پهرين پرواز سان پنهنجي ديس روانا ٿينديون جڏهن ته پاڪستان خميس جي ڏينهن موسٽ فيورٽ سري لنڪا سان سندرو ٻڌندو ۽ آسٽريليا ڪجهه پٺتي پيل ۽ آسان حريف ويسٽ انڊيز جي سامهون جمع ڏينهن ايندو۔۔۔