هم تو ڊوبي هين صنم.... انڊيا کي هڪ رنس جي فتح سيمي فائينل ۾ نه پهچائي سگهي...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انڊيا سنسني خيز مقابلي کان پوءِ هڪ رنس تان ميچ کٽي ته ويو پر اها جيت کيس سيمي فائينل ۾ نه وٺي سگهي۔۔۔ ڇو ته کين سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ آسٽريليا جي مهربانين سان ڏکڻ آفريڪا کي 32 رنسن تان شڪست ڏيڻي هئي۔۔۔
    انڊيا کي ڏکڻ آفريڪا طرفان ٽاس هارائي نه چاهيندي به پهريان بيٽنگ ئي ڪرڻي پئي۔۔۔ سريش رائنا جي 52 رنسن ٽيم جو مجموعي اسڪور 152 تائين پهچائي ڇڏيو۔۔۔ ان طرح انڊيا کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي 121 جي اندر آئوٽ ڪرڻو هو۔۔۔
    جيڪڏهن ميچ جي ڳالهه ڪجي ته واه جو مقابلو ٿيو۔۔ آخري اوور تائين مقابلو آفريڪا جي حق ٿي ويو پر وڪيٽن جي نه هجڻ ڏکڻ آفريڪا سپر 8 جي پهرين فتح به نه حاصل ڪريو جو مورڪل آخري اوور جي 5 بال تي گهربل 2 رنسون حاصل ڪرڻ بجاءِ بولڊ ٿي ويو۔۔۔
    ان طرح ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ فيورٽ ترين سمجهي ويندڙ ڏکڻ آفريڪا سپر 8 جي ٽنهي مقابلن ۾ ڪجهه حاصل نه ڪري سگهي۔۔ ۽ قسمت جي ستم ظريفي ڇا چئجي جو پوري ٽورنامينٽ ۾ صرف هڪ ميچ هارائي انڊيا ٻاهر نڪري ويو۔۔۔۔
    هاڻي هي ٻئي ٽيمون پهرين پرواز سان پنهنجي ديس روانا ٿينديون جڏهن ته پاڪستان خميس جي ڏينهن موسٽ فيورٽ سري لنڪا سان سندرو ٻڌندو ۽ آسٽريليا ڪجهه پٺتي پيل ۽ آسان حريف ويسٽ انڊيز جي سامهون جمع ڏينهن ايندو۔۔۔


    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    واه سائين واه واه جي ٿي انڊيا سان۔
    پاڪستان انڊيا جي ٽيم کان هارائي وئي پر آسٽريليا جهڙي خطرناڪ ٽيم کان ڪيئن جيتي ويو ان تي حيرت تي ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچايو ويو ۽ ڀارت کي پلاننگ تحت ٻاهر ڪرايو ويو۔۔۔۔۔۔۔ بهر حال آفريڪا هڪ رنس ٺاهي ميچ ٽائي ڪري سگهيو پئي ۽ پوء سپر اوور ۾ ڀاڳ آزمايو وڃي ها۔۔۔ پر الائي ڇو آفريڪا کي به تڪڙ هئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    2 بالن تي 2 رنسون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    اصل دل ٺري پئي سائوٿ افريڪا جو ڪو پليئر آئوٽ ٿي ٿيو ته ايئن پي لڳو ته جهڙو ڪو پاڪستاني پليئر آئوٽ ٿيو هجي واه سائوٿ افريقا واه
    ڪو وقت هيو اوڻيه سئو اونداهه کان وٺي ڪجهه سال اڳ تائين انڊيا پاڪستان کان ڪو ميڄ کٽڻ لاءِ سدائين سڪندو رهيو هيئر ڪجهه سال ٿيا آهن ته پاڪستاني ٽيم جي پنهنجي ڪوتاهين جي ڪري انڊيا وارا پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان سمجهڻ لڳا آهن ته پليئرن کان ويندي تماشائين سان به ٺٺوليون ڪرڻ لڳا آهن
    پاڪستان انڊيا جي ميچ جي شروع وارا ٻه اوور ڏسو ته انڊيا وارن پليئرن کي ڏڪڻي ورتل هئي بال هٿ ۾ نه پئي آين اها ته مهرباني پاڪستاني پليئرن ڪين جو هڪ ٻئي جي ريس تي جلدي جلدي پويلين واپس پئي ويا پوءِ ته سائين ڪير سريش رائنا جا پوز ڏسي ۽ يووراج جا ايڪشن ايئن پئي لڳو ته هيءَ ميچ کٽيندا ته ٽرافي هٿ ۾ اچي ويندن
    شاباس آهي سريلنڪا جي ڪرائوڊ کي جو ايتري موٽ ڏني اٿن پاڪستاني ٽيم کي ايئن پيو محسوس ٿيو جيئن پاڪستان هوم گرائونڊ تي کيڏي رهيو هجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جي دلچسپي کي ڏسي سوشل نيٽ ورڪ تي موجود ٽوٽڪن کي پيش ڪجي ٿو۔۔۔

    ڌوني ، حفيظ کي ائين چوندي جهاز ۾ وڃي ويٺو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن اسان کي روئائڻو ئي هيئي ته کلايئي ڇو۔۔۔۔۔؟

    دري واري سيٽ منهنجي ي ي ي ي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انڊين ايئر لائين ۾ سهواڳ ۽ ڌوني ۾ جهيڙو۔۔۔۔

    پي پي پي ۔۔۔۔ هٽي وڃو هٽي وڃو ۔۔۔ ڏکڻ آفريڪا گهر ڏانهن پيو وڃي۔۔۔ رستو بند نه ڪجو پويان انڊيا به پيو اچي۔۔۔۔

    پئسا به ورتا ۽ سيمي فائنل ۾ به۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لٽي ڇڏيو مون لٽي ڇڏيو۔۔۔ رحمان ملڪ جي خوشي جو اظهار۔۔۔

    هڪ دفعو جو ذڪر آهي ته سري لنڪا ۾ ڪاٿي انڊيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جو مقابلو ٿي رهيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ آخر ۾ پاڪستان کٽي ويو۔۔۔۔

    انڊيا ڪولمبو ايئرپورٽ لاءِ ڪوائليفائيڊ ڪري ويو۔۔۔۔

    اڄ ڏينهن اهڙو هو جو پاڪستان ڏکڻ آفريڪا جي کٽڻ جون دعائون گهري رهيا هئا جڏهن ته آفريڪي پاڪستان جي هارائڻ لاءِ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



    [​IMG]




    [​IMG]



    انڊيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ دوران هڪ لمحو اهڙو آيو جڏهن پويان اسٽيڊيم ۾ موجود وڏي اسڪرين تي لکجي آيو۔۔۔۔ ”پاڪستان کي مبارڪ۔۔۔“

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين اهي ڳالهيون ته برابر پر (تمهين بهي لي ڊوبينگي) کان پو سريش رائنا وڏي بدتميزي پيو ڪري، ان کي سبق سيکارڻو پوندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو