• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه انمول گهڙين جو شدت سان انتظار...............................................

اڄ تاريخ ۽ تقدير برصعير جي سامراجي قوت انگريز سرڪار جڏهن پرينءَ جي پاڇي جهڙي سنڌ ڌرتي مٿان پنهنجا پير ڄمايا، تڏهن وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نالي سان هڪ روشن سج وانگر نروار ٿيندڙ پير سيد صبغت الله شاه راشدي ۽ سندس حرجماعت جي مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر مهربان ٿي وئي آهي جو هر پل وطن عزيز جي خآطر جيئڻ ۽ مرڻ ۽ ساهه نذرانو ڪرڻ تي يقين رکڻ واري روايت کي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

مبارڪ ته اڄ سموري حرجماعت کي هجي جو انگريز سامراج توڙي 1965ع واري جنگ ۾ دشمنانِ وطن کي وطن عزيز جي بقا ۽ سلامتي توڙي انچ انچ جي حفاظت ڪندي ڏينهن جو تارا ڏيکاري پنهنجي مرشد رهبر جي حڪم تي سرن جا نذرانا ڏئي پنهنجو پاڻ ڪري ملهايو آهي ۽ اها حرجماعت اها ئي جماعت آهي، جنهن جي هر پيرسن، عورت مرد توڙي ٻار ٻچي جي شهادت جي آرزو وات وائي هوندي آهي ۽ صرف حڪم جو انتظار هوندو آهي ته ڪڏهن ٿا هڪ اٽل حقيقت موت کي ڪنهن مقصد لاءِ دعوت ڏئي شهادت جو تاج مٿي تي رکون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتي جي سلامتي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارن خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ لاءِ اشارو ملي چڪو آهي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ _يونائيٽيڊ پاڪستان جو نعرو لڳي سنڌ جي ورهاڱي ۽ سنڌ جي نقصان سبب ملڪي خودمختياري تي ٿيندر وار کي پير سائين پاڳارا جن جي حڪم تي ڪروڙين هر پنهنجي سرن جا نذرانا پيش ڪري سمورن خوابن کي چڪنا چور ڪندا...................
اڄ سموري حرجماعت کي ڇو نه مبارڪون هجن جو هو ملڪي سرحدن رات جي اونڌائين ۾ ملڪ ۽ قوم جي عزت، عظمت ۽ ننگن جا محافظ بڻجي پهرو ڏيندا آهن ۽ شهيد ٿيڻ لاءِ هر دم آتا هوندا آهن ته ڪڏهن شهادت جو تاج مٿي تي رکجي ٿو.

بس انهن پلن جو انتظار، انهن چند ۽ قيمتي حڪم جي دير آهي ۽ هڪ هڪ جان جي واتان اها ئي ڳالهه آهي ته هڪ جان بدران جيڪڏهن هڪ ماڻهو وٽ لکين جانيون هجن ها ته ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته پير سائين پاڳارا جهڙي رهبر ۽ سنڌ ڌرتيءُ گهور ڪرڻ ۾ ڪا به قصر نه ڇڏيون ها.
بس شدت سان ئي ته انهن انمول ۽ بي بها قيمتي گهڙين جو انتظار ................
منهنجا سهڻا محبوب تون حڪم فرماءِ، اڄ انگريزن بجاءِ انهي وقت ۾ انگريزن جا چمچا اڄ پنهنجي ماءُ سنڌ ڌرتيءَ جو سودو ڪرڻ لاءِ آتا اهن. تون حڪم فرماءِ ته سنڌ جي مٽِي جي خوشبو ۽ الله اڪبر، يا رسول الله ۽ ڀيڄ پاڳارا جي نعرن جي صدائن سان انهن لوٽن، لٽيرن ۽ چمچن کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاري سنڌ ۽ وطن عزيز پاڪستان جي خودمختياري مٿان ٿيندڙ وار جي سازش کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيون ۽ اهڙو سبق سيکاريون جو انهن جو ايندڙ نسل به صدين تائين ياد ڪندو رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي رهي..
 
وري وري ڪو وا سڻائو وري مٽي کي مان ملي،​
سنڌڙي آهي اوسيئڙي ۾ مان ڪو درياخان ملي۔​
 
جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛
جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ؛
اُجِھي ٻُجِھي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ؛
سَلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان ڪَنِ نه باتِ؛
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي.​
 
Back
Top