گهر جو ٽيلي فون بل وڌيڪ اچڻ تي همراه سڀني گهر جي فردن کي گهرايو ۽ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو ته ”ٽيلي فون جو ايترو بل ... ؟ مان گهر جي فون بلڪل نه استعمال ڪندو آهيان .. مان صرف آفيس جي فون استعمال ڪندو آهيان...“ زال وراڻيو.. ”مان به ائين ئي ڪندي آهيان ... گهر جي بجائي اسڪول ۾ ڊيوٽي جي دوران فون ڪندي آهيان... “ پٽ چيو... ”مان به گهر جي فون استعمال نه ڪندو آهيان.... صرف ڪمپني جي ڏنل موبائيل تان ڪالس ڪندو آهيان...“ نوڪرياڻي جواب ڏنو.... ”پوءِ مسئلو ڇا آهي...؟ اسان سڀ جتي نوڪري ڪندا آهيون اتان جي فون ئي ته استعمال ڪندا آهيون....“
واه سائين هي ته اصل چورن مٿان مورن واري ڳالهه چئبي۔۔۔۔ تمام لاجواب شيئرنگ۔۔۔۔ سمون صاحب اوهان جون اهڙيون دل لڀائيندڙ شيئرنگ کي پڙهي ڪري کلي کيرا ٿي پوندا آهيون۔۔۔۔۔ مهرباني مٺڙا کلائڻ جيshal judy hujeen