• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽيلي فون بل.....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
گهر جو ٽيلي فون بل وڌيڪ اچڻ تي همراه سڀني گهر جي فردن کي گهرايو ۽ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو ته ”ٽيلي فون جو ايترو بل ... ؟ مان گهر جي فون بلڪل نه استعمال ڪندو آهيان .. مان صرف آفيس جي فون استعمال ڪندو آهيان...“

زال وراڻيو.. ”مان به ائين ئي ڪندي آهيان ... گهر جي بجائي اسڪول ۾ ڊيوٽي جي دوران فون ڪندي آهيان... “

پٽ چيو... ”مان به گهر جي فون استعمال نه ڪندو آهيان.... صرف ڪمپني جي ڏنل موبائيل تان ڪالس ڪندو آهيان...“

نوڪرياڻي جواب ڏنو.... ”پوءِ مسئلو ڇا آهي...؟ اسان سڀ جتي نوڪري ڪندا آهيون اتان جي فون ئي ته استعمال ڪندا آهيون....“
 
واه سائين هي ته اصل چورن مٿان مورن واري ڳالهه چئبي۔۔۔۔

تمام لاجواب شيئرنگ۔۔۔۔ سمون صاحب اوهان جون اهڙيون دل لڀائيندڙ شيئرنگ کي پڙهي ڪري کلي کيرا ٿي پوندا آهيون۔۔۔۔۔

مهرباني مٺڙا کلائڻ جيshal judy hujeen
 
Back
Top