پاڪستاني بئٽسمين جي غير ذميدارانه رويي ۽ سري لنڪا اسپنرس جي بهترين بائولنگ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2012 ۾ پاڪستان قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔۔۔ سري لنڪا محتاظ آغاز ڪيو ۽ جئين ئي ٻئي گيئر لڳائيندي اسڪور اڳتي وڌايو ۔۔۔ ته سري لنڪا جا ٻئي بهترين بيٽسمين سنگاڪارا ۽ جي ورڌني آئوٽ ٿي ويا۔۔۔ دلشان اسٽريٽجي مطابق کيڏندو رهيو۔۔ ان باوجود جو سري لنڪا وڪيٽون گهٽ وڃايون پر اسڪور اهڙو بڻائي نه سگهي جنهن جو موثر دفاع سمجهيو وڃي۔۔۔ شايد پاڪستانين به اهائي غلطي ۽ ترنگ ۾ اچي پنهنجون وڪيٽون وڃائڻ شروع ڪيون۔۔۔ سري لنڪا جي 139 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان محتاط آغاز ڪيو ۽ سڪور کي اڳتي وڌائڻ ئي شروع ڪيو ته هيراٿ پنهنجي چونڊ سهي ثابت ڪندي پهريان شعيب ۽ پوءِ لڳاتار ٻن بالن ۾ حفيظ ۽ آفريدي کي واپسي جي راهه ڏيکاري۔۔۔ اهائي ٽرننگ پوائينٽ ثابت ٿي۔۔۔ وزن هڪ دفعو وري عمر اڪمل تي پيو جنهن پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي پر سندس ساٿ ڏيڻ وارو ڪير نه هو۔۔۔ آخر سري لنڪا جي بهترين بالنگ ڪري پاڪستان 20 اوور ۾ رڳو 123 رنسون 7 رانديگر آئوٽ تائين مس پهچي سگهيو ۽ ائين اهم سيمي فائينل مقابلو 16 رنسن تان هارائي ويو۔۔۔ سري لنڪا جي اننگ جون جهلڪيونپاڪستان جي اننگ جون جهلڪيون
واقعي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو، شاهد آفريدي ته صفا مايوس ڪري ڇڏيو، هونئن ته هو ساري ورلڊ ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي پيو ڏيکاري، پر هن ميچ ۾ بنا ڪو رنس ڪرڻ جي واپس هليو ويو، خبر پئي آهي ته آفريدي پويلين واپسي تي پنهنجي بيٽ ۽ هيلميٽ به ڀڃي ڇڏيا، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته شايد هاڻ هن جي ڪرڪيٽ کي الوداع آهي۔ هن ميچ ۾ خيرن سان سٽو به تمام گهڻو لڳو، اسان جو چيف جسٽس چوهدري صاحب به سپريم ڪورٽ ۾ ميچ ڏسڻ کان سوا نه رهي سگهيو، اجازت نه هئڻ باوجود ٻن ملڪي ڪامورن کي ڪرڪيٽ جو نشو ڪولمبو وٺي ويو، سيمي فائنل ڏسڻ لا ملڪل جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ وڏيون اسڪرينون پڻ لڳايون ويون هيون، پر پاڪستاني ٽيم سڀني جي اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو۔
ٻروچ ته يقينن خوش ٿيو هوندو ۔۔۔۔۔ اها ٽيم جيڪا سٺو نه کيڏي ان کي کٽڻ جو به حق ناهي۔۔۔۔۔ پاڪستاني ٽيم ڪامران اڪمل، شعيب ملڪ ۽ آفريدي جي هوندي کٽي ڪانه سگهي ها، ڇو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ هنن جي ڪارڪردگي زيرو هئي۔ اسد شفيق کي پوري ٽورنامينٽ ۾ نه کيڏايو ويو ۔۔۔۔ جڏهن ته شعيب ملڪ جي جاء تي هن کي کيڏايو وڃي ها۔