لنڪا ٻڏي نه سگهي.... پاڪستان هارائي ويو...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پاڪستاني بئٽسمين جي غير ذميدارانه رويي ۽ سري لنڪا اسپنرس جي بهترين بائولنگ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2012 ۾ پاڪستان قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔۔۔
    سري لنڪا محتاظ آغاز ڪيو ۽ جئين ئي ٻئي گيئر لڳائيندي اسڪور اڳتي وڌايو ۔۔۔ ته سري لنڪا جا ٻئي بهترين بيٽسمين سنگاڪارا ۽ جي ورڌني آئوٽ ٿي ويا۔۔۔ دلشان اسٽريٽجي مطابق کيڏندو رهيو۔۔ ان باوجود جو سري لنڪا وڪيٽون گهٽ وڃايون پر اسڪور اهڙو بڻائي نه سگهي جنهن جو موثر دفاع سمجهيو وڃي۔۔۔
    شايد پاڪستانين به اهائي غلطي ۽ ترنگ ۾ اچي پنهنجون وڪيٽون وڃائڻ شروع ڪيون۔۔۔ سري لنڪا جي 139 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان محتاط آغاز ڪيو ۽ سڪور کي اڳتي وڌائڻ ئي شروع ڪيو ته هيراٿ پنهنجي چونڊ سهي ثابت ڪندي پهريان شعيب ۽ پوءِ لڳاتار ٻن بالن ۾ حفيظ ۽ آفريدي کي واپسي جي راهه ڏيکاري۔۔۔ اهائي ٽرننگ پوائينٽ ثابت ٿي۔۔۔
    وزن هڪ دفعو وري عمر اڪمل تي پيو جنهن پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي پر سندس ساٿ ڏيڻ وارو ڪير نه هو۔۔۔ آخر سري لنڪا جي بهترين بالنگ ڪري پاڪستان 20 اوور ۾ رڳو 123 رنسون 7 رانديگر آئوٽ تائين مس پهچي سگهيو ۽ ائين اهم سيمي فائينل مقابلو 16 رنسن تان هارائي ويو۔۔۔


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واقعي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو، شاهد آفريدي ته صفا مايوس ڪري ڇڏيو، هونئن ته هو ساري ورلڊ ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي پيو ڏيکاري، پر هن ميچ ۾ بنا ڪو رنس ڪرڻ جي واپس هليو ويو، خبر پئي آهي ته آفريدي پويلين واپسي تي پنهنجي بيٽ ۽ هيلميٽ به ڀڃي ڇڏيا، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته شايد هاڻ هن جي ڪرڪيٽ کي الوداع آهي۔
    هن ميچ ۾ خيرن سان سٽو به تمام گهڻو لڳو، اسان جو چيف جسٽس چوهدري صاحب به سپريم ڪورٽ ۾ ميچ ڏسڻ کان سوا نه رهي سگهيو، اجازت نه هئڻ باوجود ٻن ملڪي ڪامورن کي ڪرڪيٽ جو نشو ڪولمبو وٺي ويو، سيمي فائنل ڏسڻ لا ملڪل جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ وڏيون اسڪرينون پڻ لڳايون ويون هيون، پر پاڪستاني ٽيم سڀني جي اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻروچ ته يقينن خوش ٿيو هوندو ۔۔۔۔۔ اها ٽيم جيڪا سٺو نه کيڏي ان کي کٽڻ جو به حق ناهي۔۔۔۔۔

    پاڪستاني ٽيم ڪامران اڪمل، شعيب ملڪ ۽ آفريدي جي هوندي کٽي ڪانه سگهي ها، ڇو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ هنن جي ڪارڪردگي زيرو هئي۔ اسد شفيق کي پوري ٽورنامينٽ ۾ نه کيڏايو ويو ۔۔۔۔ جڏهن ته شعيب ملڪ جي جاء تي هن کي کيڏايو وڃي ها۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو