اعزاز: ”هڪ دوست جي ڊائري جو ورق اوهان جي نظر:“ هو پڇي ٿئي! ”ڇا هاڻي به ڪنهن جي لاء ڳاڙهيون ۽ سائيون چوڙيون خريد ڪندو آهين؟“ مون جواب ڏنو! ” هر ڪنهن جي ٻانهن ۾ اهئي رنگ سٺا نه لڳندا آهن۔“ هو پڇي ٿئي! ” ڇا هاڻي به ڪنهن جي آنچل کي آڪاش سان تشبيه ڏيندو آهين؟“ مون جواب ڏنو! ”هاڻي ڪنهن جي آنچل ۾ ايتري وسعت ڪاٿي آهي۔“ هو پڇي ٿئي! ” ڇو تنهنجي لهجي ۾ ڏاڍي اداسيت آهي ؟“ مون جواب ڏنو! ” تتلين به منهنجي ڏک کي محسوس ڪيو آهي۔“ هو پڇي ٿئي! ” مون کي هاڻي به بي وفا جي نالي سان ياد ڪندو آهين؟“ مون جواب ڏنو! ” منهنجي نصاب ۽ ڊڪشنري ۾ اهو لفظ شامل نه آهي۔“ هو پڇي ٿئي! ” ڪڏهن منهنجي ذڪر تي روئيندو به هوندئي؟“ مون جواب ڏنو! ” منهنجي اکين کي هر وقت جي پهوار سٺي لڳندي آهي۔“ هو پڇي ٿئي ! ”اڃا تائين چاند رات ڇت تي عيد جو چنڊ ڏسيندو آهين؟ مون جواب ڏنو! ” منهنجو چنڊ ته تون هئين،جنهن کي زماني بادلن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي“۔ هو پڇي ٿئي ! ” توکي اڃا تائين مهندي جي خوشبوء پسند آهي؟ مون جواب ڏنو! ” مهندي ۾ خوشبوء ڪاٿي،اها ته تنهجي هٿن ۾ لڳڻ سان خوشبودار ٿئي ويندي هئي۔“ هو پڇي ٿئي ! ” تنهنجي ڳالهين ۾ ايتري گهرائي ڇو آهي؟ مون جواب ڏنو! ” تنهنجي جدائي کان پوء مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي۔