اعزاز

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
اعزاز: هڪ دوست جي ڊائري جو ورق اوهان جي نظر:

هو پڇي ٿئي! ”ڇا هاڻي به ڪنهن جي لاء ڳاڙهيون ۽ سائيون چوڙيون خريد ڪندو آهين؟“
مون جواب ڏنو! هر ڪنهن جي ٻانهن ۾ اهئي رنگ سٺا نه لڳندا آهن۔“

هو پڇي ٿئي! ” ڇا هاڻي به ڪنهن جي آنچل کي آڪاش سان تشبيه ڏيندو آهين؟“
مون جواب ڏنو! ”هاڻي ڪنهن جي آنچل ۾ ايتري وسعت ڪاٿي آهي۔“


هو پڇي ٿئي! ” ڇو تنهنجي لهجي ۾ ڏاڍي اداسيت آهي ؟“
مون جواب ڏنو! ” تتلين به منهنجي ڏک کي محسوس ڪيو آهي۔“

هو پڇي ٿئي! ” مون کي هاڻي به بي وفا جي نالي سان ياد ڪندو آهين؟“
مون جواب ڏنو! منهنجي نصاب ۽ ڊڪشنري ۾ اهو لفظ شامل نه آهي۔“

هو پڇي ٿئي! ” ڪڏهن منهنجي ذڪر تي روئيندو به هوندئي؟“
مون جواب ڏنو! ” منهنجي اکين کي هر وقت جي پهوار سٺي لڳندي آهي۔“

هو پڇي ٿئي ! ”اڃا تائين چاند رات ڇت تي عيد جو چنڊ ڏسيندو آهين؟
مون جواب ڏنو! ” منهنجو چنڊ ته تون هئين،جنهن کي زماني بادلن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي“۔

هو پڇي ٿئي ! ” توکي اڃا تائين مهندي جي خوشبوء پسند آهي؟
مون جواب ڏنو! ” مهندي ۾ خوشبوء ڪاٿي،اها ته تنهجي هٿن ۾ لڳڻ سان خوشبودار ٿئي ويندي هئي۔“

هو پڇي ٿئي ! ” تنهنجي ڳالهين ۾ ايتري گهرائي ڇو آهي؟
مون جواب ڏنو! ” تنهنجي جدائي کان پوء مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي۔
 
Back
Top