حضرت انسان! نانگ جي ڏندن ۾ زهر هوندو آهي۔ وچون جي پڇ ۾ زهر هوندو آهي۔ ڪتي جي زبان ۾ زهر هوندو آهي، جڏهن ته! حضرت انسان،واحد مخلوق آهي جنهن جي الفاظن ۾ زهر هوندو آهي۔ محترم ميمبرس ،نانگ،وڇون ۽ ڪتي جي زهر کان ته ويڪسين جي ذريعي بچي سگهجي ٿو پر حضرت انسان جي الفاظن جي زهر جي بچاء جي ڪا ويڪسين اڃا تائين ايجاد نه ٿئي اهي،انهڪري تمام گهڻي ڪوشش ڪجو ته ڪنهن جي باري ۾ به اهڙا الفاظ نه ڳالهئجو،جو اهئي ان لاء زهر ٿئي پون۔چوندا آهن ته جڏهن دل جي شيشي ۾ ڪنهن جي لاء هڪ دفعو به کرنچ اچي ويندي آهي ته اها نه نڪري سگهندي آهي جيستائين سوء سوء جتن ڪيا نه وڃن۔
انساني لفظن جي زهر کان الله پناه ۾ رکي ۔۔۔۔ آمين ٻين زهرن جو علاج به ممڪن ۽ يا وري ترت موت ممڪن ٿيو وڃي پر انساني لفظ انسان کي ور ور ڪري پيا ماريندا آهن ۔۔۔ لفظن جو تاب تمام تکو هجي ٿو ۔۔۔ سهڻو ونڊ
ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته الفاظ ٻج وانگر هوندا آهن. ٻج پوکڻ کانپوءِ ڦلُ لڳندا آهن يا وري گُل ٽڙي پوندا آهن، يا وري ڪانڊيري ٻوٽي، ڌاتورو يا وري ٻي ڪا ٻوٽي ڦُٽندي آهي. لفظ ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ماڻهن تي سُٺو، بُرو ۽ گهرو اثر وجهندا آهن. انڪري ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ دوران احتياط ڪرڻ گهرجي. ڳالهائڻ مهل خيال ڪرڻ گهرجي، سدائين سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، ته جيئن اوهانجون ڳالهيون ٻڌندڙ ماڻهن جا ذهن ايتري قدر جرڪي پون جنهن سان هو زندگي جي اونداهي گهٽي کي روشن ڪري سگهن. ۽ لوڊ شيڊنگ جو آزار گهٽجي سگهي.
الله سائين اسان کي زبان تي قابو رکڻ جي توفيق ڏئي، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته سڀ کان وڌيڪ (زبان) انسان کي جهنم وٺي ويندي، الله سائين جي پناھ۔۔۔ يعني زبان سان ڪنهن کي گار گند نه ڪجي، ڪنهن جي غيبت وغيره نه ڪجي، چغلي نه هڻجي، ڪنهن کي طعنو وغيره نه ڏجي۔۔۔ جزاڪ الله خير سائين ميمڻ صاحب، ايمان افروز ليک۔۔۔
هڪ حقيقت کي نروار ڪيو اٿو ،هڪ نهايت مهلڪ ۽ اخلاق کان ڪريل ڳالھ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي اوهان وڏا وڙ ڪيا آهن ، سڀني ميمبرن ۽ خود اسان لا ان ۾ وڏو درس ملي ٿو ، دعا آهي ته اهڙي ڪڌي ڪم کان اسان سڀني دوستن ۽ مسلمانن جي حفاظت فرما (آمين)
بيشڪ سائين انسان کي اهيا زبان ئي ڇانو ۾ به ويهاريندي آهي ۽ اس ۾ به الله پاڪ اوهان کي ۽ اسان کي زبان کي قابو ۾ ڪرڻ جي توفيق عطاڪري لاجواب ونڊ آهي سائين سدائين گڏ
ها يار زبان کي قابو ۾ رکڻ بيحد مشڪل آهي صحابه ڪرام ان سلسلي ۾ پنهنجي وات مبارڪ ۾ پٿر رکندا هئا ته جيئن ڳالهائڻ وقت احساس ٿئي ۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسانکي زبان قابو ۾ رکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔
الله پاڪ جو فرمان آهي ته: قسم آهي عصر جو،بيشڪ انسان خساري ۾ آهي،سواء انهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون۽ جن حق ڪيو ،حق جي تلقين ڪئي،جن صبر ڪيو،صبر جي تلقين ڪئي، الله پاڪ جي حبيب،ڪائنات جي پيغمبر ،نبي آخرِ زمان سيدنا حضرت محمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جن فرمايوجيڪو ڪنهن کي هٿ ۽ زبان سان تڪليف ڏئي ٿو اهو اسان مان ناهي۔ اسان کي ڪنهن انسان کي بيجا رنجائڻ نه کپي، لطيف سرڪار فرمايو هو چَوَنين تون مَ چئو،واتئون ورائي اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهان جهڙن سٻاجهڙن سڄڻن جو پاڇو اسان تي قائم رکي ۽ اهڙي ريت اسان کي ڏاهپ ڀريا ڏس ٻڌائيندا رهو ته جئين اسان به پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جا گُر سکي وٺون۔۔دعا آهي ته ڪڏهن به اهڙو ڏينهن نه اچي جو اسان جي زبان مان نڪتل لفظ ڪنهن سڄڻ لا باعث اذيت بڻجن۔۔جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي ۾ ڪي غلطيون ٿي به ويون هجن ته معافي جو طلبگار آهيان۔ سدائين گڏ
ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇان ۾ ويهاريندو آهي سياڻن سچ چيو آهي زبان ۾ جيڪي سُيون هونديون آهن اُنهن کي لڪائي رکڻ بهتر آهي نه ته پو عظيم انسان چئي ويا آهن ته جيڪو به کڏ کوٽيندو انهي کڏ ۾ پاڻ پوندو
ها يار زبان کي قابو ۾ رکڻ بيحد مشڪل آهي صحابه ڪرام ان سلسلي ۾ پنهنجي وات مبارڪ ۾ پٿر رکندا هئا ته جيئن ڳالهائڻ وقت احساس ٿئي ۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسانکي زبان قابو ۾ رکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔ 2496 اٽيچمينٽ ڏسو 2496 اٽيچمينٽ ڏسو