حضرت انسان.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    حضرت انسان!

    نانگ جي ڏندن ۾ زهر هوندو آهي۔
    وچون جي پڇ ۾ زهر هوندو آهي۔
    ڪتي جي زبان ۾ زهر هوندو آهي،
    جڏهن ته!
    حضرت انسان،واحد مخلوق آهي جنهن جي الفاظن ۾ زهر هوندو آهي۔


    محترم ميمبرس ،نانگ،وڇون ۽ ڪتي جي زهر کان ته ويڪسين جي ذريعي بچي سگهجي ٿو پر حضرت انسان جي الفاظن جي زهر جي بچاء جي ڪا ويڪسين اڃا تائين ايجاد نه ٿئي اهي،انهڪري تمام گهڻي ڪوشش ڪجو ته ڪنهن جي باري ۾ به اهڙا الفاظ نه ڳالهئجو،جو اهئي ان لاء زهر ٿئي پون۔چوندا آهن ته جڏهن دل جي شيشي ۾ ڪنهن جي لاء هڪ دفعو به کرنچ اچي ويندي آهي ته اها نه نڪري سگهندي آهي جيستائين سوء سوء جتن ڪيا نه وڃن۔
     
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انساني لفظن جي زهر کان الله پناه ۾ رکي ۔۔۔۔ آمين

    ٻين زهرن جو علاج به ممڪن ۽ يا وري ترت موت ممڪن ٿيو وڃي پر انساني لفظ انسان کي ور ور ڪري پيا ماريندا آهن ۔۔۔ لفظن جو تاب تمام تکو هجي ٿو ۔۔۔

    سهڻو ونڊ
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته

    الفاظ ٻج وانگر هوندا آهن.
    ٻج پوکڻ کانپوءِ ڦلُ لڳندا آهن يا وري گُل ٽڙي پوندا آهن، يا وري ڪانڊيري ٻوٽي، ڌاتورو يا وري ٻي ڪا ٻوٽي ڦُٽندي آهي. لفظ ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ماڻهن تي سُٺو، بُرو ۽ گهرو اثر وجهندا آهن.

    انڪري ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ دوران احتياط ڪرڻ گهرجي. ڳالهائڻ مهل خيال ڪرڻ گهرجي، سدائين سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، ته جيئن اوهانجون ڳالهيون ٻڌندڙ ماڻهن جا ذهن ايتري قدر جرڪي پون جنهن سان هو زندگي جي اونداهي گهٽي کي روشن ڪري سگهن. ۽ لوڊ شيڊنگ جو آزار گهٽجي سگهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    الله سائين اسان کي زبان تي قابو رکڻ جي توفيق ڏئي، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم آهي ته سڀ کان وڌيڪ (زبان) انسان کي جهنم وٺي ويندي، الله سائين جي پناھ۔۔۔ يعني زبان سان ڪنهن کي گار گند نه ڪجي، ڪنهن جي غيبت وغيره نه ڪجي، چغلي نه هڻجي، ڪنهن کي طعنو وغيره نه ڏجي۔۔۔
    جزاڪ الله خير سائين ميمڻ صاحب، ايمان افروز ليک۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو

    هڪ حقيقت کي نروار ڪيو اٿو ،هڪ نهايت مهلڪ ۽ اخلاق کان ڪريل ڳالھ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي اوهان وڏا وڙ ڪيا آهن ، سڀني ميمبرن ۽ خود اسان لا ان ۾ وڏو درس ملي ٿو ، دعا آهي ته اهڙي ڪڌي ڪم کان اسان سڀني دوستن ۽ مسلمانن جي حفاظت فرما (آمين)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بيشڪ سائين انسان کي اهيا زبان ئي ڇانو ۾ به ويهاريندي آهي ۽ اس ۾ به

    الله پاڪ اوهان کي ۽ اسان کي زبان کي قابو ۾ ڪرڻ جي توفيق عطاڪري

    لاجواب ونڊ آهي سائين


    سدائين گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها يار زبان کي قابو ۾ رکڻ بيحد مشڪل آهي صحابه ڪرام ان سلسلي ۾ پنهنجي وات مبارڪ ۾ پٿر رکندا هئا ته جيئن ڳالهائڻ وقت احساس ٿئي ۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسانکي زبان قابو ۾ رکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    الله پاڪ جو فرمان آهي ته:
    قسم آهي عصر جو،بيشڪ انسان خساري ۾ آهي،سواء انهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون۽ جن حق ڪيو ،حق جي تلقين ڪئي،جن صبر ڪيو،صبر جي تلقين ڪئي،

    الله پاڪ جي حبيب،ڪائنات جي پيغمبر ،نبي آخرِ زمان سيدنا حضرت محمد مصطفي ا صلي الله عليه وسلم جن فرمايوجيڪو ڪنهن کي هٿ ۽ زبان سان تڪليف ڏئي ٿو اهو اسان مان ناهي۔
    اسان کي ڪنهن انسان کي بيجا رنجائڻ نه کپي،
    لطيف سرڪار فرمايو
    هو چَوَنين تون مَ چئو،واتئون ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    بلڪل صحيح فرمايو اوهان۔
     
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله پاڪ کان دعا آهي ته اوهان جهڙن سٻاجهڙن سڄڻن جو پاڇو اسان تي قائم رکي ۽ اهڙي ريت اسان کي ڏاهپ ڀريا ڏس ٻڌائيندا رهو ته جئين اسان به پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جا گُر سکي وٺون۔۔دعا آهي ته ڪڏهن به اهڙو ڏينهن نه اچي جو اسان جي زبان مان نڪتل لفظ ڪنهن سڄڻ لا باعث اذيت بڻجن۔۔جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي ۾ ڪي غلطيون ٿي به ويون هجن ته معافي جو طلبگار آهيان۔ سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇان ۾ ويهاريندو آهي سياڻن سچ چيو آهي
    زبان ۾ جيڪي سُيون هونديون آهن اُنهن کي لڪائي رکڻ بهتر آهي نه ته پو عظيم انسان چئي ويا آهن ته جيڪو به کڏ کوٽيندو انهي کڏ ۾ پاڻ پوندو
     
  13. اويس

    اويس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    ها يار زبان کي قابو ۾ رکڻ بيحد مشڪل آهي صحابه ڪرام ان سلسلي ۾ پنهنجي وات مبارڪ ۾ پٿر رکندا هئا ته جيئن ڳالهائڻ وقت احساس ٿئي ۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته اسانکي زبان قابو ۾ رکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔ 2496 اٽيچمينٽ ڏسو 2496 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو