مطالعي جي باري ۾ اسان جي معاشري ۾ ٽن قسمن جا رويا موجود آهن.هڪ رويو اهو اهي ته ڪجھ به نه پڙهو،پر زندگيءَ جي هر شعبي جي ماهرن کان پچي صرف ان مطابق زندگي گذاريو. ٻيو رويو اهو آهي ته سڀ ڪجھ پڙهو، پنهنجي راءِ قائم ڪريو،جن معاملن ۾ صفا ڪم نه هلي ته ڀلي شعبي جي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪريو. هي ٻئي رويا انتها وارا آهن،اڪثريت جو تعلق انهن ٻنهي روين سان هوندو آهي. ٽيون رويو اعتدال وارو آهي ته مطالعوڪريو، اهو مطالعو ڪڏهن به شعبي جي ماهرن جي جاءِ نه ثو والاري سگھي،پر ان مان اهو فائدو آهي ته فرد صحيح ۽ غلط جي فرق کي سمجھي سگھندو۽ ٻيو ته شعبي جي ماهرن جي ڳاله ۽ ان جي اهميت کي به سمجھي سگھندو.تنهنڪري اهو بنيادي ۽عام مطالعو مختلف شعبن جي باري ۾ فرد لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.ان مان نقصان جو ڪو به خطرو نه آهي. اسان جي معاشري جي پڙهيل سمجھيو ويندڙ طبقي ۾ مطالعي جي همت افزائي جو ماحول موجود نه آهي.مثبت مطالعي جو ماحول پيدا ڪرڻ سان اڳتي هلي اسان جو معاشرو خوشحالي،سڪون،۽ ڪاميابي جي راهن تي گامزن ٿيندو. اها معلومات سٺي نوڪري،بهترين ڪاروبار۽ مالي ترقي جو سبب بڻجڻ سان گڏوگڌ فرد کي پنهجي خاندان،گھر وارن ،ٻارن ۽ معاشري لاءِ فائديمند بڻجڻ ۾ مدد گار ٿيندي ۽ معاشري ۾ موجود مايوسي ختم ٿيندي
ماشاء الله !تمام بهترين خيالات ، دوست اڳتي پڻ انتظار رهندو اوهان جي نڪور لکڻين جو ، ڀلي ڪري آيا ، سدا خوش هجو !
مطالعو ضرور ڪريو ۽ انھ ۾ غور فڪر ڪريو ۽ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي ته علم وارن کان پڇو ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو براين کان به پاڻ کي روڪيو
جميل احمد نظاماڻي،سبجيڪٽ سپيشلسٽ(اسلامڪ ڪلچر)سنڌ ايڊيوڪيشن ڊيپارٽمينٽايم اي اسلامڪ ڪلچر،ايم ايڊڳوٺ ٽنڊوسومرو،تعلقو جھنڊو مري،ضلعو ٽنڊوالهيار
سائين جميل صاحب وڏي مهرباني، اوهان جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته سهڻا سگهڙ ۽ دانشور دوست اسان جي رهنمائي لا اڱڻ تي آهن، اوهان جي نڪور لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو، لک لائق، سدا سرها رهو۔۔۔
ادا طاهر سنڌي،عرس پريو،افتخار علي چوهاڻ،عبدالغني لوهار،۽ غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن کي به عرض آهي ته پنهنجو مڪمل تعارف پيش ڪن.
محمد طاهر ميراڻي (عربڪ ٽيچر) سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ايم فل اسلامڪ ڪلچر (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)۔ ڳوٺ مياڻي سهراب، ڊسٽرڪٽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ