مطالعي جي باري ۾ اسان جي معاشري ۾ ٽن قسمن جا رويا موجود آهن.هڪ رويو اهو
اهي ته ڪجھ به نه پڙهو،پر زندگيءَ جي هر شعبي جي ماهرن کان پچي صرف ان مطابق زندگي گذاريو.
ٻيو رويو اهو آهي ته سڀ ڪجھ پڙهو، پنهنجي راءِ قائم ڪريو،جن معاملن ۾ صفا ڪم نه هلي ته ڀلي شعبي جي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪريو.
هي ٻئي رويا انتها وارا آهن،اڪثريت جو تعلق انهن ٻنهي روين سان هوندو آهي.
ٽيون رويو اعتدال وارو آهي ته مطالعوڪريو، اهو مطالعو ڪڏهن به شعبي جي ماهرن جي جاءِ نه ثو والاري سگھي،پر ان مان اهو فائدو آهي ته فرد صحيح ۽ غلط جي فرق کي سمجھي سگھندو۽ ٻيو ته شعبي جي ماهرن جي ڳاله ۽ ان جي اهميت کي به سمجھي سگھندو.تنهنڪري اهو بنيادي ۽عام مطالعو مختلف شعبن جي باري ۾ فرد لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.ان مان نقصان جو ڪو به خطرو نه آهي.
اسان جي معاشري جي پڙهيل سمجھيو ويندڙ طبقي ۾ مطالعي جي همت افزائي جو ماحول موجود نه آهي.مثبت مطالعي جو ماحول پيدا ڪرڻ سان اڳتي هلي اسان جو معاشرو خوشحالي،سڪون،۽ ڪاميابي جي راهن تي گامزن ٿيندو.
اها معلومات سٺي نوڪري،بهترين ڪاروبار۽ مالي ترقي جو سبب بڻجڻ سان گڏوگڌ فرد کي پنهجي خاندان،گھر وارن ،ٻارن ۽ معاشري لاءِ فائديمند بڻجڻ ۾ مدد گار ٿيندي ۽ معاشري ۾ موجود مايوسي ختم ٿيندي