ويسٽ انڊيز نئون ٽي 20 چيمپيئن ........ سري لنڪا هڪ دفعو ٻيهر ناڪام....

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ۽ آخرڪار 33 سالن کان پوءِ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪو عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو ۔۔۔ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ پر هي ڇا شروع سان ئي ائين ٿي لڳو جهڙوڪ سري لنڪا ڪو جادو ڪيو هجي ۔۔۔ پهرين ئي اوور ۾ چارلس جي آئوٽ ٿيڻ سان اسڪور ڍڳو پير پيران۔۔۔
    پاور پلي مان فائدو نه وٺڻ جو غم شايد ڪرس گيل کي سوايو هو ان ڪري ان جي خاتمي کان اڳ ڪا شاٽ وٺڻ جي چڪر۾ ويسٽ انڊيز جو ماسٽر مائينڊ بئٽسمين ڪرس گيل مينڊس جي چڪر اچي ويو۔۔۔ اهو ڪارن جي ٽيم کي وڏو ڌچڪو هو۔۔۔ جنهن کي هو بلڪل به نه سنڀالي سگهن ها جيڪڏهن مارلن سيميوئل ڪارن جي نيچرل گيم نه ڪري ها۔۔۔ هن کي الائي ڪهڙي ترڪيب سوجهي جو سري لنڪا جي ٽاپ بالر ملنگا کي رات واري ميچ ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيائين۔۔۔ پنهنجي 6 ڇڪن مان ٽورنمانيٽ جو ڊگهو ۽ وڏو 108 ميٽر جو ڇڪو به ملنگا کي ئي لڳايائين۔۔ آخر 56 بالن ۾ 78 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته سري لنڪا ساهه پٽيو۔۔۔ پر وقت ٻڌايو ته سري لنڪا تي فائنل جو وقت ڪافي تنگ آهي۔۔۔
    138 جو بظاهر آسان ٽارگيٽ ان وقت سري لنڪا لاءِ ڏچو ثابت ٿيو جڏهن دلشان جلدي آئوٽ ٿي ويو ۔۔۔ سري لنڪا سنڀلڻ جي ڪوشش ئي پئي ڪئي ته جي وردنا به غلطي ڪري ويٺو۔۔۔ رهي سهي ڪسر سنگاڪرا جي آئوٽ ٿيڻ سان خراب ٿي۔۔۔ حالانڪه ان وقت به سري لنڪا کي 60 بالن ۾ 87 رنسون ٿي گهرجن پيون جڏهن ته 8 رانديگر موجود هيا پر سندن جا ته ڄڻ پير ئي سڄي پيا هجن۔۔۔ ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته سري لنڪا پنهنجي ئي گرائونڊ تي موجود هزارين تماشاين جي چهرن کي کلائي نه سگهي۔۔۔ ۽ وقفي وقفي سان کي صدما ڏيندي رهي۔۔۔ هڪ ئي وقت هو جڏهن ڪولاسيڪرا آيو ۽ هڪ ئي اوور ۾ 22 رنسون وٺي ورتيون ۔۔۔ پر هو اڪيلو ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو۔۔۔ ۽ 13 بالن تي 26 رنسون جوڙي واپسي جي راهه تي وريو۔۔ سري لنڪا جو آخري بدنصيب رانديگر ملنگا ئي هو جنهن لانگ آن تي ڪيچ ڏئي سري لنڪا جي اننگ کي پورو ڪري ڇڏيو۔۔۔
    ڪٽ جوڙي ڪري ٻڌايو ويو ته ٽي 20 چيمپيئن ٿيڻ لاءِ اڃان به سري لنڪا کي 37 رنسون گهربل هيون۔۔۔
    سري لنڪا لاءِ آسان ٽارگيٽ ساڳي طرح مشڪل ثابت ٿيو جئين سيمي فائينل ۾ پاڪستان لاءِ ٿيو هو۔۔۔ بس پوء ڇا پوري ميدان جا رانديگر ڪرس گيل جي جهمرين ۾ حصو اٽڪائڻ لڳا۔۔۔ ۽ ڪرس گيل رڳو ڪڪڙ ڊانس ئي نه پر انڊين اداڪارائون وانگر جسم جي سڀني سخت حصن کي ڦڙڪائيندي ڊانس ڪندو رهيو ۽ سمورا رانديگر اهڙيون ته جهمريون پائڻ لڳا جو سري لنڪا جا تماشائي به پنهنجو غم وساري ويٺا۔۔۔
    راند جون تصويري جهلڪيون۔۔۔​
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلڪل سائين ڪاري آنڌي جو عروج 33 سالن بعد موٽي آيو آهي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي ڳوٺ هجڻ ڪري ايس ايم ايس ذريعي سيمي فائنل ۽ فائنل جو اسڪور اپڊيٽ ڪري آگاهه ڪندا رهيا۔

    سريلنڪا جي ٽيم فيوريٽ هئي ۽ 138 جو اسڪور به ڪو گهڻو اسڪور ڪونه هو۔ ڪرس گيل جي ناڪامي، ٽي 20 جو بيسٽ بالر ملنگا 4 اوورن ۾ 54 رنسون ڏئي ۽ بيٽنگ ۾ سريلنڪا ايڏو بيبس نظر اچي ۔۔۔۔۔۔ ٽي 20 جو فائنل بلڪل بي مزو رهيو۔

    الائي ڇو آخري ميچن ۾ پچز ايڏو سلو هنيون جو ٽي 20 جو مزو اڌورو رهجي ويو۔ ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي واڌايون هجن جنهن سٺي راند ڪندي فائنل کٽيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو