منور علي جمالي ڳوٺ محمدعلي جمالي گنداخه بلوچستان تعليم بي اي ڌنڌو بينڪ ملازم حال حاضر ڀاڳ ناڙي بولان بلوچستان وڻندڙ هنڌ لاڙڪاڻو ساه سيباڻو اوهانجي اڱڻ تي آيا آهيون هونئن به سائين لطيف فرمايو آ جيڪي ايندي چوني آءُ ، ويندي چوني ويه ڇڏي سارو ڏيه اڱڻ وڃجي انهن جي
ادا اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار۔ ادا جمالي صاحب اهو ٻڌائيندا ته برساتن ۽ سيلاب سبب هن وقت گنداخاه ۾ صورتحال ڪيئن آهي؟
گنداخه سان تعلق رکندڙ دوست منور علي جمالي کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
منور علي جمالي کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون اميد ته ادامنور سنڌ سلامت فورم تي سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري رکندا سدائين گڏ
سائين منور علي جمالي صاحب۔اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي هن انمول خزاني ۾ اوهان جي شموليت هڪ قيمتي موتيءَ مثل آهي ۽ يقينن سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي ،پنهجي بي بها دولت يعني پنهجي لازوال علم سان ونڊ ڪندو۔۽ اميد ته هن ماروئڙن جي سنڌ سلامت ساٿ ۾ موجود هيرن جواهرن ۾ اوهان جي شموليت ڪنهن لعل کان گهٽ ڪو نه هوندي۔ آءُ پنهجي دل جي گهرائين سان اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو، ۽ اوهان جي علم جي روشني ۾ منهجي زندگي جو هي سفر ڪجه قدم اڳتي رڙهندو۔ اوهان جي قرب جو منتظر
دوست منور علي جمالي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔