ننڍي بيبي جي ڊائري ،هر ميمبر کي پڙهڻ گهرجي.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ننڍي بيبي جي ڊائري۔
    15 جون :_ مان پنهنجي والده جي جسم سان گڏ ٿيس۔
    17 جون :_ هاڻي مان هڪ ٽشو آهيان۔
    30 جون:_ منهنجي آمي منهنجي بابا کي چيوء ” توهان پي ٿيڻ وارا آهيو“
    بابا ۽ آمان ڏاڍا خوش آهن۔
    15 جولائي:_ منهنجو کاڌو اهوشي آهي جيڪي منهنجي آمان کائيندي آهي۔
    15 سپٽمبر :_ مان پنهنجي دل جي دهڙڪن محسوس ڪري سگهان ٿي۔
    14 آڪٽوبر :_ مون کي ننڍڙاهٿ، ٽنگون ۔مٿو۽ پيٽ آهي۔
    13 نومبر :_ وه واها! اڄ ته منهنجي آمان جي پيٽ جو الٽراسائونڊ ڪري منهنجي جنس جي باري ۾ معلوم ڪيو ويو۔
    اها خبر پئي ته مان ڇوڪري آهيان۔
    14 نومبر :_ مان مري ويس۔
    منهنجي پي ء ماء مون کي پيٽ جي اندر ماري ڇڏيو،ڇاڪاڻ ته مان ڇوڪري هئس ۽ ڇوڪرو نه !
    ڇوڪري هجڻ جي ڪري مون کي هن دنيا ۾ اچڻ نه ڏنو ويو۽ پنهنجي ئي والدين ماري ڇڏيو۔۔ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور هو!
    ماڻهون خوشي خوشي چاهيندا آهن ته هنن کي ماء،زال ۽ آف ڪورس گرل فرينڊ ته هجئي پر ڌي نه هجئي۔
    ڇو؟
    اچو ته گڏجي ان رشتي جو صحيحي ترجماني ڪري،ماڻهون جي دلين ۾ ڌيئن جي لاء به اوتري محبت بيدار ڪريون جيتري هو پٽ جي پيدا ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندا آهن۔اسان جي نظر ۾ ته نياڻي به الله پاڪ جي ڏنل تحفن مان هڪ عظيم تحفو آهي،ان جو قدر ڪرڻ گهرجي۔توهان جو ڇا خيال آهي؟ تفصيلي جواب جو انتظار رهندو،صرف پسند وغيره سان ڪم نه هلندو۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تما گهڻي توجه طلب ڳالهه آهي اوهان جي ان طرف ڌيان ڇڪائڻ جي مهرباني سائين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    جنهن گهر ۾ ڇوڪريءَ جوجنم ٿئي ٿوان جو مطلب اهو ته الله تعالا ان گهر مان خوش آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وَإِذَا ٱلْمَوْءُۥدَةُ سُئِلَتْ
    بِأَىِّ ذَنۢبٍۢ قُتِلَتْ (القرآن)
    ۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته. ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.
    زماني جاهليت جي اها جهالت ماڊرين ٿي ڪري وري نروار ٿي آهي ، انسان ته ترقي ڪري ويو پر ماديت ۾ ۽ روحاني ۽ ديني لحاظ کان جهالت جي اونهائي ۾ وڃي گم ٿي ويو آهي ، الله تعالى صحيح ۽ پوري جو پوري دين ۾ اسان کي داخل ڪري ۽ اهڙي ڪڌي ۽جهالت جي رسمن ريتن کان ڇوٽارو نصيب فرماءِ ،
    سائين محترم غلام مصطفى بهترين ۽ اکيون کوليندڙ ! جزاڪم الله!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عجيب احساس آهن ۔۔۔ الائي ڇو ڪجهه لکڻ جي همت ئي ڪانه ٿي ٿئي ۔۔۔۔ ايڏو فرسوده رواج ڇا اڃان به جاري آهي؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين محترم غلام مصطفى بهترين ۽ اکيون کوليندڙ شيئرنگ آهي


    جزاڪ الله
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حضور عليه الصلوات والسلام جن جي هڪ فرمان مبارڪ جو مفهوم آهي ته جنهنکي ٽي نياڻيون هجن ۽ انهن جي صحيح ۽ سٺي نموني پرورش ڪيائين ته ان جي لا جنت آهي،
    پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن اهو به فرمايو ته گهر ۾ اگر ڪا شي آڻيو ته پهريان ڌي ، نياڻي کي ڏيو ، ڇو ته انهنجي دل حساس ، نازڪ هوندي آهي ، پٽ اگر الله پاڪ جي نعمت
    آهي ته نياڻي رحمت انسانن جي بقا نياڻي جي بقا ۾ آهي ، اسلام ۾ عورت جو به هڪ اهم مقام آهي ، قرآن ڪريم ۾ هڪ سڄي سورت نياڻي جي نالي آهي ۔ سورت النسا جن به ماڻهن کي
    ڌي کان نفرت آهي ۽ پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي انکي موت جي منهن ۾ وڌو وڃي ٿو انهن ماڻهن جو وجود به ڪنهن ڌي جو سبب ئي آهي ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ۽ الله لا ڌيئرون (مقرر) ڪندا آهن، اُهو پاڪ آهي، ۽ پاڻ لا جيڪي وڻندو اٿن (يعني پٽ) سو مقرر ڪندا آهن (57)۔
    ۽ جڏهن منجهانئن ڪنهن هڪ کي ڌي (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آهي (تڏهن) سندس منهن ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ اُهو ڏک ڀريل ٿيندو آهي (58)۔
    جيڪا کيس خراب خبر ڏني ويئي تنهن جي (ناراضپي) سببان قوم کان پيو لڪندو آهي _ (ڱڻتي ۾ پوندو آهي ته) اُن (ڌي جي ٻار) کي خواري هوندي (به زنده) رکي يا اُن کي مٽي ۾ دٻي ڇڏي _ خبردار اُهي جيڪو فيصلو ڪندا آهن سو بڇڙو آهي (59)۔

    سورت النحل، آيتون: (57 کان 59)۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو