ڪتاب ”فلسفو: هڪ مطالعو“ تي نظر

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڪتاب ”فلسفو: هڪ مطالعو“ تي نظر
    ستار هڪڙو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جي موضوع تي تمام گھٽ مواد ملي ٿو ۽ اهڙيءَ اڻاٺ کي محسوس ڪندي اسان جي استادَ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي فلسفي جھڙي خشڪ ۽ نج علمي موضوع تي قلم کنيو ۽ سولي سنڌيءَ ۾ آسان ۽ مدلل لفظن ۾ فلسفو سمجھايو آهي، ته جيئن هر سنڌي پڙهندڙ کي سمجھ ۾ اچي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي ڪتاب ڏنا، جن ۾ ”شعور“، ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ (ترجمو)، ”ڏاهپ جو جنم“ (ترجمو) ۽ ”فلسفو: هڪ مطالعو“ شامل آهن.
    بنيادي طور هي ڪتاب ٻن ننڍن ڪتابن (1) فلسفو، ۽ (2) مارڪسي-لينني فلسفو کي ملائي هڪ جلد ۾ ڇپايو ويو آهي.
    پهرين ڪتاب ”فلسفو“ ۾ اٺَ عنوان آهن، جن ۾ (1) تعارف (2) فلسفي جي ٻني (3) نڪتهء نظر ۽ ڀروسو (4) فلسفي جو جانبدار ڪردار (5) ماديت ۽ خيال پرستي (6) جدليات (7) جدلي ماديت (8) مارڪسي فلسفي جو اُسرڻ، شامل آهن. انهن سڀني عنوانن جي شروعات شاهه لطيف جي ڪنهن نه ڪنهن بيت سان ٿيل آهي جنهن ۾ ان عنوان جو جامع مفهوم لڪيل ملي ٿو.
    فلسفو ٻن يوناني ٻوليءَ جي لفظن ”فيليو“ معنى پيار ۽ ”صوفيا“ معنى ڏاهپ، مطلب ڏاهپ سان پيار يا ٻين لفظن ۾ ڄاڻ جو مطلب ڏي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب سائنس ۽ فلسفي جي فرق کي کولي عام فهم نموني سمجھايو آهي، ته سائنس ڪنهن مخصوص شعبي جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿي، جڏهن ته فلسفو سائنس سميت انساني سماج، ذهن، قدر ۽ سندس اوسي پاسي موجود هر لقاءَ جي سڀ طرفي، جامع ۽ مدلل ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب مٿين ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثال پيش ڪيا آهن جيڪي انساني ذهن ۾ اٿي سگھن ٿا.
    ڊاڪٽر صاحب وٽ فلسفو اهو واحد وسيلو آهي جنهن سان ڪو به فرد جاهلاڻو رويو، انڌو عقيدو ۽ غير سائنسي يا ڏندڪٿائي علم کي پاسي تي رکي ڪائنات جي سمورن اسرارن، حقيقتن ۽ سچائيءَ کي ڳولي سگھي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب فلسفي جي جانبدار ڪردار جو پڻ ذڪر ڪري ٿو جيڪو پورهيت فلسفي ۽ ڦورو فلسفي ۾ ورهايل آهي جنهن جو محور ماديت پسندي ۽ خيال پسندي آهن، جن جو بنياد مادي ۽ روح تي بيٺل آهي. طبقاتي سماج جي وجود جو سبب ڦورو فلسفي جو پورهيت فلسفي کي اسرڻ ۽ نسرڻ نه ڏيڻ آهي ۽ اهڙي ڇڪتاڻ ۾ فلسفو غيرجانبدار نه ٿو رهي سگھي. خيال پرست فلسفين وٽ عقيدي اڳيان ڪڇڻ ۽ پڇڻ جي گنجائش نه هوندي آهي، جڏهن ته مادي پسند فلسفِي هر شَيءِ کي سائنسي ۽ حقيقت پسنديءَ وارن اصولن تي پرکي پروڙي ثابت ڪن ٿا ۽ اهڙي طريقي سان سچ ڳولڻ ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي فن کي جدليات چئجي ٿو.
    مجموعي طور تي هي ڪتاب سچ تائين پهچڻ لاءِ آسان اصول ۽ دليل مهيا ڪري ٿو ته فلسفي جا موضوع رڳو قدرت جا قانون ڪو نه آهن پر انهن مڙني لقائن، سوچن، اصولن ۽ قانونن کي ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪرڻ واري سچي ڄاڻ جو نالو آهي.
    هن جلد ۾ ٻيو ننڍو ڪتاب ”مارڪسي-لينني فلسفو“ آهي. ڊاڪٽر صاحب مارڪسي-لينني فلسفي کي ماديت پسند فلسفي جي تڪميل سمجھي ٿو، جنهن ۾ پورهيت طبقي کي ڄاڻ جو طاقتور هٿيار مهيا ٿئي ٿو.
    ڪتاب ۾ مارڪسي-لينني فلسفي کي مختلف جدولن ۽ چارٽن جي صورت ۾ سمجھايو ويو آهي، جنهن سان پڙهندڙ وڏي آسانيءَ سان مٿين فلسفي جي ڪيترن ئي رخن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو.
    ماديت پسندي ٻاهرين دنيا کي صحيح طرح واضح ڪري ٿي ۽ ادراڪ جي موضوع کي ڌار ۽ چِٽو ڪري بيهاري ٿي. اهڙي حقيقت پسند ۽ انسان دوست فلسفي سان ماڻهو پنهنجن حواسن وسيلي صحيح ۽ سچي پهتل ڄاڻ جي بنياد تي پنهنجي دنيا تبديل ڪري سگھن ٿا، ڇو ته اهڙي ڄاڻ ۾ معروضي دنيا کي چِٽو ڪرڻ جو جوهر موجود آهي.
    ٿورن لفظن ۾، هڪ ڪتاب ۾، مٿيان ٻئي ننڍا ڪتاب ڇپائڻ تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جس لهڻي. ڪتابن ۾ ملندڙ ڄاڻ ۽ علم اسان جي ذهن ۾ موجود وهم پرستي، خيال پرستي ۽ رجعت پرستي جي خيالن کي پاش پاش ڪن ٿا ۽ اهڙي ڄاڻ ۾ انسانذات جي حقيقي خوشي، آزادي، ترقي، ڀائپي ۽ برابري جو راز لڪل آهي.
    مورکَ مام نه ٻجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾!
    *****
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يقينن هي ڪتاب فلسفي جهڙي موضوع کي سمجهڻ ۾ آسانيون پيدا ڪندا۔

    ڊاڪٽر صاحب جي سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل ڪم جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو