سِجُ الائي ڪِٿي ڪِري پيو!

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سِجُ الائي ڪِٿي ڪِري پيو!
    وِمي سدارنگاڻيءَ جي تخليقن جو جائزو
    تاج جويو
    وِمي سدارنگاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي اُها سُلڇڻي، سدوري، سٻاجهي ۽ سنجيدي ليکڪا ۽ شاعره آهي، جنهن جي ادبي ڄمار ڪا ايڏي وڏي نه آهي، پر هِن جي سوچَ، هن جا خيالَ، هن جي ٻولي، هِن جا لفظ، هن جو رويو ۽ فطري لهجو، بلڪل انوکو، منفرد، اَڇُت ۽ نئون آهي.
    وِميءَ، 15 آگسٽ 1971ع تي اجمير، راجستان ۾ جنم ورتو آهي، جڏهن ته سندس ابا ڏاڏا، خُدا آباد (ضلعي دادو) سنڌ جا هئا. وِمي، هند ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جي ٽين پيڙهيءَ سان واسطو رکي ٿي. هڪڙي اُها پيڙهي، جيڪا ڄائي نِپني سنڌ ۾ ۽ وڏيءَ ڄمار ۾، ورهاڱي سبب وِڇڙجي وڃي هند ۾ آباد ٿي؛ ٻي پيڙهي اُها، جيڪا ڄائي ته سنڌ ۾، پر ٻالڪ اوستا ۾ مائٽن سان گڏ هجرت ڪري وڃي هند ۾ وَسي يا هجرت جي اوائلي سالن ۾ اُتي پيدا ٿي؛ ۽ ٽين پيڙهي اُها، جيڪا ورهاڱي کان 20- 25 سال پوءِ ڄائي، جنهن پيڙهيءَ ۾ وِمي سدارنگاڻي ۽ سندس همعصر اچي وڃن ٿا.
    وِميءَ جو پيءُ رامچند سدارنگاڻي، 1940ع ۾، خُدا آباد، سنڌ ۾ ڄائو هو، ۽ ستن سالن جي ڪچڙيءَ عمر ۾ وطن کان وڇڙجي ويو هو. سندس ماتا ”وِديا“ پڻ 1940ع ۾ هيرآباد، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائي هئي، ۽ وِميءَ جي والد سان پرڻجڻ بعد ”ديپا رامچند“ بڻجي وئي هئي. اِئين وِميءَ جا ڏاڏاڻا توڙي ناناڻا سنڌ جا هئا، جڏهن ته پاڻ قديم سنڌ جي ئي حصي راجستان جي ڄائي آهي ۽ هن وقت آديپور (ڪڇ) ۾ رهي ٿي. هن جي مَن ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه لاءِ سِڪ ۽ ڇِڪ، فطري، سڀاويڪ، سَچي ۽ دِلي آهي. هن کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان سنڌو ماتا ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيارُ ۽ سنيههُ ورثي ۾ مليو آهي. وِميءَ عُمر جي 32 سالن تائين سنڌ نه ڏٺي هئي، پر اُن تي اڻ ڏٺو ايمانُ آڻيندي، پنهنجي هڪ نظم- ”مُنهنجي سنڌڙي“ ۾ لکيو هئائين:
    تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي،
    سنڌڙي!
    مان تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي.
    اِهو صحيح آهي ته
    مُون ڪڏهن تُنهنجي گودِ نه ماڻي.
    اهو به صحيح آهي ته
    ساڌ ٻيلي جي ٻانهن ۾ ٻانهون وِجهي،
    ڪڏهن ڳالهيون نه ڪيون اٿم.
    اِهو سَچُ آهي ته،
    ڪَنور جي لولِي مُنهنجي ڪَنن ۾،
    ڪڏهن ڪانه پيئي آهي؛
    ته به تو سان مِلڻ لاءِ بيچين آهيان!
    آخر تو وٽ اهڙو ڇا آهي،
    جو تنهنجي ذڪر تي پٿر جي اکين ۾،
    سنڌو نظر اچي ٿي؟
    توکي مون ڏٺو ڪونهي،
    ايشورَ کي به نه!
    شاهه، سچل، سامي،
    سڀيئي منهنجا ’پين فرينڊ‘ ٿي پيا آهن.
    اَڇا، ٻُڌاءِ، جي مان توکي خط لکان،
    جوابُ ملندو؟
    مِلڻ لاءِ چوندينءَ؟
    مان توسان گڏجڻ ٿي چاهيان،
    منهنجي سنڌڙي!
    هِن، سنڌڙيءَ تي اَڻ ڏٺي ايشوَر وانگر ايمانُ آندو هو، ۽ وِميءَ جو اِهو نظم، سندس پهرئين شعري ڪتابَ: ”سونهري رنگ جي ڪاراڻ“ ۾، اپريل 1996ع ۾ ڇپيو هو ۽ ٺيڪ اٺن سالن ۽ اٺن مهينن پُڄاڻان، 17- ڊسمبر 2004ع تي جڏهن وِمي سدارنگاڻي، ڀارت جي سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪوٺ تي، ”شاهه، سچل، سامي انٽرنيشنل امن ڪانفرنس“ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ آئي هئي، ته نه رڳو سندس سنڌ ڏسڻ جو سپنو ساڪار ٿيو هو، پر هِن جو اڻ ڏٺو ايمان پڻ ”ڏِسي، ايمانُ آڻڻ“ ۾ تبديل ٿي ويو هو ۽ وِميءَ ڏاڏاڻو ڏيههُ ۽ ناناڻي ڌرتي، پنهنجن معصوم نيڻن ۾ سمائي، لطيف سائينءَ جو هيءُ بيتَ، مَن ئي من ۾ اَوس ورجايو هو ته:
    اکين ۾ ٿي ويههُ، ته واري آءٌ ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيههُ، آءٌ مَ پسان ڪِي ٻيو!
    وِمِي، سنڌ ڏسي ڪيڏي نه خُوش ٿي هئي، اُها سندس مَن کي ئي ڄاڻ هوندي؛ پر مون سِگا جي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه تائين، حيدرآباد کان درازا ۽ رهڙڪيءَ تائين، رهڙڪيءَ کان سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين ۽ لاڙڪاڻي کان ميهڙ، دادو، خداآباد ۽ سَن تائين جي سَفر ۾، وِميءَ جي مَنَ جي ڪيفيت ۽ نيڻن جي نهارَ جو، هڪ شاعرَ جي نظر سان ڪاٿو ڪندي محسوس ڪيو هو ته هِن معصوم ۽ سٻاجهي رُوحَ، پنهنجي وڏن جي ’وطن سنڌ‘ کي دل جي سمورين سچاين ۽ گهراين سان قبوليو ۽ پنهنجو ڪري ورتو هو، هُن کي پنهنجا ’پين فرينڊ‘ ـــــ شاهه، سچل ۽ سامي ملي چُڪا هئا. هن ٻاروتڻ ۾ ڪنور ڀڳت جي لولي ته نه ٻُڌي هئي، پر ڪنور جي ڌرتيءَ تي اچي سندس سماڌيءَ تي سِيس جهُڪائي چُڪي هئي، ۽ ساڌ ٻيلي جي ٻانهنُ ۾ ٻانهون وجهي، سُڪي ٻيلاٽيون ٿيل سنڌوءَ تي اُداس نگاهه اڇلي ساڻس ڪي ڳالهيون ڪيون هيون. هن کي سنڌ وٽان نه رڳو خط جو جوابُ ملي چڪو هو، پر ملڻ لاءِ سَڏ/ دعوت پڻ- ۽ هوءَ سچ پچ سنڌ سان اچي گلي ملي هئي، ۽ ٻنهي جا ڳاٽَ ڳوڙهن سان ڀرجي آيا هئا.
    سنڌ جي اِن مختصر ياترا دوران مون کان اُهي ٽي منظر وِسري نه ٿا وِسرن، جڏهن وِميءَ جي نيڻن مان ماڪ ڦڙن کان به معصوم لڙڪ وِهي هليا هئا:
    (1) شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي وِچ تي سومهڻيءَ ويلي ڪنهن ننڍڙي شهر (نالو ذهن تي نٿو اچي) مان گذرندي، جڏهن هند جي سِنڌي مهمان اديبن جي بسن کي سوين سنڌي سٻاجهڙا گهيري، کين مِنٿون ڪري رهيا هئا ته گهڙي پل ڌرتيءَ تي هيٺ لهو‘- ۽ ميزبان اڳ ۾ ئي دير ٿي وڃڻ ڪري مهمانن کي هيٺ لهڻ کان معذرت ڪري رهيا هئا ته اوچتو وِميءَ رڙ ڪري مون کي چيو هو: ”دادا! دادا! هيٺ لهي هُن ٻارڙي کان ٽِڪن واري ٽوپي ته وٺي اچو، جيڪو مون کي منٿون پيو ڪري ته کانئس ٽوپي وٺي آءٌ ضرور پايان!“ مون هيٺ لهي اُن گلن جهڙي ٻارڙي کان ٽوپي وٺي وِميءَ کي آڻي ڏني هئي، ۽ هُن جڏهن پنهنجي ويٺل مٿي تي ٽوپي پاتي هئي ته ٻارڙو تاڙيون وڄائي، خُوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ لڳو هو. اُن ويل مُون ڏٺو هو ته ٻارڙي جي خوشي، پَسي وِميءَ جي نيڻن مان ڳوڙها وهي نڪتا هئا. وِميءَ جي معصوم چهري تي ٻارڙي لاءِ پيارَ جا ڀاوَ ۽ کيس مِلي نه سگهڻ جو ڏُک گڏجي جيڪي تاثرَ اُڀاري رهيا هئا، سي ڏِسي منهنجون اکيون به ڀرجي آيون هيون.
    (2) ٻيو ڀيرو جڏهن رات جو ڏهين وڳي ڌاري اسان جون بسون خُدا آباد، وِميءَ جي اباڻي ڳوٺ پهتيون هيون، جتي سِگا وارن مهمانن جي آجيان جو وڏو انتظام ڪيو هو، ۽ هڪ ڌار شامياني ۾ رڳو وِميءَ جي مانَ ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جو وڏو انگ آڻي گڏ ڪيو هو. اُتي وفد جي اڳواڻ سريش ڪيسواڻيءَ ۽ ميزبانن، مهمانن کي هيٺ لاهڻ کان معذرت ڏيکاري هئي، پر خدا آباد جون معصوم نينگريون بس ۾ چڙهي آيون هيون، ۽ وِميءَ کي بس مان زوريءَ هيٺ لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون، پوءِ ته وِميءَ جي پيرن جيئن ئي سندس ابن ڏاڏن جي ڀونءِ کي ڇُهيو هو، ته نينگرين کيس ڀاڪرن ۽ چُمين سان جِهنجهي ڇڏيو هو. پنهنجي لاءِ ٻارڙين جي اَٿاهه اُڪير ۽ سِڪ ڏسي، وِميءَ جي نيڻن مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا هئا. عين اُن ويل هڪ صحافي وِميءَ کان تاثرات گهريا هئا ته وِميءَ کيس جواب ڏنو هو ”مون وٽ چوڻ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن، صرف جذبا آهن. منهنجا تاثرات منهنجي چهري ۽ نيڻن مان پڙهي سگهو ٿا!“
    (3) ٽِيون ڀيرو وِميءَ جا نيڻَ ان وقت ڇُلڪي پيا هئا، جڏهن سندس ڊائري/نوٽبڪ ڪو شاهينگُ يا شاهينگِ تِڳائي وئي هئي، جنهن ۾ هن سنڌ جي سفر جا نوٽِسَ ورتا هئا، ۽ مون کان شهرن ۽ ڳوٺن جا ڪي تفصيلَ ۽ ڳالهيون پُڇي درج ڪيون هيون. هِن جي ڊائري گُم نه ٿي هئي، ڄڻ ننڍڙي ٻالڪ کان ڪنهن رانديڪو کسي ڀڃي ڇڏيو هو، ڄڻ پنن ۾ قلمبند ڪيل سِنڌ ڪو کانئس ڦُري ويو هو. اسان سڀني کي شمع کيبر جي هَڙ ۾ شڪ هو، جنهن هند جي اديبن مان ڪِن پاران ڦٽي ڪيل ڪتاب کڻي ڀروٽيءَ وانگر ٻڌا هئا. وِميءَ، مُون ۽ رکيل مورائيءَ، شمع کي منٿون ڪيون هيون ۽ چيو هو ته ’تو چوري ڪانه ڪئي آهي، ۽ متان ڀُل ۾ ڪتابن سان گڏ نوٽبڪ مِلي ويو هجي،‘ ــــ پر هن اهڙيون اکيون ڦيرايون ۽ سَتِ سُريون ٻُڌايون هيون، جو اسان کڻي ماٺ ڪئي هئي. وِميءَ کي سنڌ جي سفر جيڪا سَرهائي نصيب ڪئي هئي، هن واقعي اُن کي اُداس ڪري وڌو هو، ۽ وِميءَ جا نيڻ ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا.
    وِمي سنڌي، هندي ۽ ايڪانامڪس ۾ ٽرپل ايم.اي آهي ۽ 1995ع کان تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، آديپور (ڪڇ) ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور ڪم ڪري رهي آهي، گڏوگڏ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور جي تهذيبي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ٻه حصيدار هوندي آهي. سنڌالاجي وِميءَ جي سڃاڻپ بنجي پئي آهي. ڪڏهن ڪمپيوٽر تي ويب سائيٽ پئي اپ ٽُ ڊيٽ ڪندي آهي، ڪڏهن اي-ميل پئي چيڪ ڪندي آهي؛ ڪڏهن سنڌ مان آندل ڪتابن ۽ تهذيبي شين جو نماءُ ترتيب پئي ڏيندي آهي، ته ڪڏهن نرتيه ۾ حصو پئي وٺندي آهي؛ ڪڏهن ڪنهن سيمينار لاءِ پيپر پئي تيار ڪندي آهي ته ڪڏهن ساهتيه اڪيڊميءَ ۽ ٻين اَدبي سَنسٿائن جي ميٽنگن جي ايجنڊائن تي پئي غور ڪندي آهي. ڪڏهن ڪو درسي ڪتاب پئي لکندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن مشاعري لاءِ ڪا ڪوِتا اُتاريندي آهي.
    وِميءَ ننڍيءَ عُمر ۾ ئي هِڪ سٺيءَ تعليمدانِ طور پاڻ کي مڃائي ورتو آهي. هن ڪجهه درسي ڪتاب به لکيا آهن، جن ۾ (1) سنڌي پهريون ڪتاب (1994ع)، (2) سنڌي ٻيو ڪتاب (1994ع)، (3) سنڌي اکر مالا-1 (1997ع)، (4) سنڌي اکر مالا-2 (1997ع) ۽ (5) سنڌي پاٺ مالا-1 (1997ع) شامل آهن.
    وِميءَ نه رڳو ٻارن لاءِ درسي ڪتاب لکيا آهن، پر هُن ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم ۾ چار ڪتاب به لکيا آهن. هونئن به وِميءَ جي شخصيت تي نظر وجهجي ٿي ته هن جي چهري، شخصيت ۽ پهر اوڄَ مان هِڪ معصوم ٻارَ جي جهلڪَ ۽ جوتِ بکندي ڏسجي ٿي، ۽ سچ پچ ته هُن جو مَنُ هڪ معصوم ٻارُ وانگر نِرمل ۽ ڪُومل ئي آهي، هن جي چهري جا ڀاوَ، اوچتا اظهاري جملا، خاص ڪري ڪنهن نئين ڳالهه تي حيران ٿي، ’اري!‘ چوڻ، توڙي گفتگو يا فون تي ”دادا“ چئي، (هوءَ مون کي هميشه ’دادا‘ چئي مخاطب ٿيندي آهي) مخاطب ٿيڻ- لڳندو آهي ته ڄڻ ڪا ٻارڙي آهي، پر هڪ ساڃهه وند ٻارڙي، جنهن ۾ آکاڻي ٻڌائڻ واري ناني به موجود آهي ته آکاڻي ٻڌندڙ ٻارُ به. هن جو کلڻ، مرڪڻ، ٽهڪ ڏيڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ ۽ ڪنهن ڳالهه تي ردعمل ظاهر ڪرڻ ٻارن جهڙوئي آهي. هوءَ خود به چوي ٿي ته، ”شايد مان اڃا به هڪ ٻار آهيان. ان ڪري موقعو ملندي منهنجي اندر ۾ لڪل ٻار ٻاهر نڪري ايندو آهي، جيڪو ٻارن جيان ئي کلندو آهي، رئندو آهي، ضد ڪندو آهي، شيطاني ڪندو آهي ۽ سچ ڳالهائيندو آهي.“ تڏهن ته هُن ٻارن لاءِ مٺڙا نظم/ گيت ۽ ڪهاڻيون/ آکاڻيون سِرجيون آهن، جن هن کي سنڌي ادبي دنيا ۾ تمام مٿانهون مقام بخشيو آهي. دادا هري دلگير، ڪرشن کٽواڻي، لکمي کِلاڻي ۽ ستيش روهڙا جهڙن اعليٰ مرتبي وارن شاعرن/ اديبن پاران هن معصوم دل شاعرِ ۽ ليکڪا کي مَڃتا ۽ خراجُ ٻڌائي ٿو ته هِن وٽ سچي تخليقي سگهه آهي، جنهن هيڏن وڏن ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي.
    ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي، ۽ اُهو ڏکيو ڪم وِميءَ ڏاڍيءَ سَهجتا، سچائيءَ، دل جي خلوص ۽ سنيهه سان ڪيو آهي. خُود وِمي سدارنگاڻيءَ جو ٻاراڻي ادب/ ٻال ساهتيه لاءِ رايو آهي ته: ”ٻال ساهتيه جي نالي ۾ ڇپجندڙ گيتن، ڪهاڻين وغيره ۾ گهڻو ڪري ٻارن مٿان مڙهيل وڏن جي دنيا هوندي آهي.“ پر وِميءَ جا گيت/ نظم، ڪهاڻيون، ناٽڪ توڙي مونولاگ جي صنف ۾ لکيل ٻارن لاءِ ويچار پڙهجن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته اُنهن ۾ ٻارن جي پنهنجي، نِجي دنيا موجود آهي. اهو ئي سبب آهي، جو لکمي کلاڻيءَ جهڙو برک ڪهاڻيڪار ۽ نقادُ، وِميءَ جي ٻاراڻن گيتن/ ٻال ڪوِتائن کي ”ٻال ڪوِتائن جي ڊزني لئنڊ“ سڏي ٿو. وِميءَ هن وقت تائين ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم جا هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:
    (1) مُکڙيون (ٻاراڻا ناٽڪ) 1995ع، (2) ٻليءَ جو اسڪول (ٻاراڻا گيت/ نظم)1998ع، (3) سٻاجهي راڻي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 1999ع، (4) مَمِي اِئين ڇو آهي؟ (مونولاگ)2001ع
    ومي سدارنگاڻيءَ جي ٻاراڻي ادب جي مقبوليت جو اندازو اِن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ٻه ڪتابَ (1) ’سٻاجهي راڻي‘ ۽ (2) ممي (امان) ائين ڇو آهي؟‘ سنڌ ۾ مقبول اين.جي.او ٿر ديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام“ (TRDP) پاران نوجوان اديب، دليپ ڪوٺاريءَ، 2005ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا، جيڪي سنڌ جي ٻارن ۾ ڏاڍا مقبول پيا آهن.
    وِمي سدارنگاڻي، عام ليکڪن ۽ شاعرن وانگر ڳُوڙهن ويچارن، نمائشي ۽ ڏيکاءَ وارن جملن ۽ اجائي ڊيگهه کان پَرڀَرِي، پنهنجي سادي مزاج، طبيعت ۽ سَڀاءُ وانگر، حقيقتن ۽ حالتن کي سادگيءَ، معصوميت، گنڀيرتا ۽ سَچائيءَ سان محسوس ڪري، اُنهن جو اَحاطو ڪري ٿي، ۽ پنهنجي خاص لهجي، ادائگيءَ ۽ من- اُڇل سان اُنهن کي بيان ڪري ٿي. هن جو چهرو ۽ هن جون اکيون ”سپنن جا گهَر“ محسوس ٿيندا آهن، جن مان ڪي ضرور ساڪار ٿيا هوندا، پر ڪيترا شرمندهء تعبير نه ٿيا آهن. هن جي نظمن/ ڪويتائن ۾ ذاتي تجربن، مشاهدن، پيڙائن ۽ دکن سان ڀرپور احساسن جو اظهار وڌيڪ آهي، پر اُهي تجربا، مشاهدا، پيڙائون ۽ دک ڀريا اَحساسَ، زندگيءَ کان ڌار نه آهن. اُنهن ۾ انسانن ۽ زماني جو دردُ، ڪٺورتا، دوکا، بيوفايون، بيوسيون، شڪستون، فتحون ۽ ردعمل سڀ ڪجهه موجود آهن. هن جي شاعريءَ جو گڻ مختصر نويسي ۽ اظهار جي سادگي آهي، جنهن ۾ نه لفظن جو اجايو زيان آهي، نه علامتن ۽ تشبيهن جون ڪوڙڪيون آهن، بس تڪيل توريل لفظن ۾ جذبن ۽ احساسن جو تُز بيان آهي. سنڌي شاعريءَ جو هي اظهار، هي لهجو، صرف ئي صرف وِميءَ جو پنهنجو آهي، جنهن ۾ نه ڪنهن جو تتبع آهي، نه ڪنهن جو اثر، هوءَ جو ڪجهه به بيان ڪري ٿي، اُهو هُن جو پنهنجو آهي، پنهنجا اُڌما ۽ احساس آهن، پنهنجا تجربا، پنهنجون آسون، نراشائون ۽ اڪيلايون آهن، جن ۾ هڪ مٺو مٺو درد آهي- ۽ درد کان سواءِ شاعريءَ جو سرجڻ ناممڪن آهي. هي ڊڪشن، هي انوکو ۽ اَڇُت اظهارُ، وميءَ جي ئي دينِ آهي، سندس شاعريءَ جي دنيا ۾ آمد ”فطرت جو اهڙو تحفو“ آهي، جيڪو اسان جي ٻوليءَ جي سونهن، سينگار ۽ سلامتيءَ جو اُهڃاڻ آهي، گڏوگڏ سندس شاعريءَ جي امرتا ۽ دائميت پڻ. وِميءَ جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ڇپيا آهن: (1) سونهري رنگ جي ڪاراڻ (1996ع) ۽ (2) سِجَ الائي ڪٿي ڪِري پيو (2004ع).
    اچو ته بنا ڪنهن تبصري ۽ ٽيڪا ٽپڻيءَ جي سندس ڪوتائون پڙهون ۽ ڏِسون ته هن بيدرد زماني ۾ اسان جي هيءَ معصومُ، سٻاجهي ۽ سچي شاعرِ/ ڪلاڪارِ ڪيئن ٿي جيئي ۽ جيئڻ جا گسَ ۽ ڏسَ ڏسي:
    چُلهه، چڪرو ۽ ويلڻ آهن مون لاءِ!
    تون ڪمري ۾ پنهنجي ڪُرسيءَ تي ويهي،
    ’شاهه جو رسالو‘ پيو پڙهين.
    تُنهنجو سڏُ مان ٻُڌان پيئي،
    ’اچ، هتي اچي ويهه!‘
    ’ڏس ته شاهه ڪيڏو نه سُٺو لکيو آهي!‘
    ڇا توکي خبر ناهي،
    مان تو لاءِ روٽي پيئي ٺاهيان!
    اسٽووَ جي آواز اڳيان،
    تُنهنجو سڏ دَٻجي ٿو وڃي.
    منهنجي نصيب ۾ نه ڪُرسي آهي،
    نه چانهه جو پيالو، ۽ شاهه به نه.
    چُلهه، چَڪرو، ويلڻ آهن مون لاءِ!
    لفظن کي گهُمڻ ڦرڻ ڏي!
    لفظن کي نه سميٽِ،
    کين گهمڻ ڦرڻ ڏي،
    کليل هوا ۾،
    اُنهن جو وات،
    بند ڪندين ته
    هو اکين سان سڀڪجهه چئي ڏيندا.
    پنهنجي ڪمري ۾
    ڇوڪري،
    گهر جي سڀني ڀاتين کي خوش ڪندي ڪندي،
    ٿڪجي پوي ٿي.
    ٿڪل قدمن سان،
    هوءَ گهڙي ٿي پنهنجي ڪمري ۾.
    سندس اکين جي اُداسي،
    ڀِت تي ٽنگيل،
    پوسٽر واري ڇوڪريءَ جي،
    مُرڪندڙ اکين ۾،
    گهڙي وڃي ٿي.
    پيارُ منهنجي ڪوِتا مان نڪري ئي نه ٿو!
    مُنهن ڦيرائڻ جا سڀ جتن اجايا ويا،
    پيارُ منهنجي زندگيءَ مان،
    ته نڪري ويو آهي،
    پر مُئو
    ڪيڏي به ڪوشش ڪريان،
    منهنجي ڪَوِتا مان نڪري ئي نه ٿو...!
    لفظ دوکو ڏين ٿا
    اُهي ته اسين آهيون،
    جيڪي بُک لڳڻ تي چئون ٿا،
    ’بُک ڪانهي!
    يا
    بک نه هجڻ تي فرمايون ٿا،
    ڏاڍي بُک آهي.‘
    لفظن کي ڪانٽي سان جهلي جهلي،
    اَٽڪايون ٿا چاهيل هنڌ تي،
    ۽ پوءِ چئون ٿا:
    ’لفظَ دوکو ڏين ٿا!‘
    سِجُ به الائي ڪِٿي ڪِري پيو!
    ڪلهه راتِ،
    ڪوِتائن جو قافلو،
    لنگهيو منهنجي ڀرسان.
    ڪنهن منهنجي چنڊَ جي چادر ڇِڪي ورتي،
    ڪوئي سڏڻ آيو هو مون کي،
    پر تارن ته دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو،
    رَئي تي ٽاڪيل سڀ ستارا پٽي،
    مون ڏنا آسمان کي.
    منهنجي وارن ۾ اٽڪيل،
    سِجُ الائي ڪِٿي ڪري پيو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ومي سدا رنگاڻيء جي شاعري ۽ ڪم بابت تمام سٺو تجزيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو