انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي
    فاروق بجاراڻي/تنگواڻي

    آگسٽ ۲۰۰۹ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران سنڌي ٻولي ۾ هڪ انسائيڪلوپيڊيا”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه“ جي نالي سان جلد پهريون شايع ڪرايو ويو، جيڪو سنڌ جي حوالي سان ڄاڻ جو هڪ وڏو ذخيرو آهي. جڏهن ان ڪتاب جو تفصيل سان مطالعو ڪنداسين ته ڪٿي ڪٿي ڪجهه غلطيون پڻ نظر اچن ٿيون، جن جي درستگي ٿيڻ گهرجي. اهڙين ئي ڪجهه غلطين جي آئون هتي نشاندهي ڪندس. صفحي نمبر ۲۰ تي ”آبپاشي“ جي موضوع تي گڊو بئراج بابت لکيل آهي ته، ان مان صرف ٻه واهه بيگاري سنڌ فيڊر ۽ پٽ فيڊر نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي ۳ لک ۶۶ هزار ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا، پر حقيقت ائين ناهي. اصل ۾ گڊو بئراج مان ٽي واهه نڪرن ٿا، جن مان ٻه واهه ساڄي پاسي يعني بيگاري سنڌ فيڊر (بي ايس فيڊر جنهن کي عام طور تي گڊو واهه سڏيو ويندو آهي) ۽ ٻيو ڊيزرٽ پٽ فيڊر، جڏهن ته هڪ واهه کاٻي پاسي گهوٽڪي فيڊر به نڪري ٿو. ان کان سواءِ هاڻي کاٻي پاسي تي هڪ ٻيو واهه ريڻي ڪينال به کوٽيو ويو آهي، جنهن جو ڪم هلندڙ آهي. گڊو بئراج تي ٽوٽل اٽڪل ۳۰ لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، جنهن مان اٽڪل ۲۳ لک ايڪڙ سنڌ جا ۽ اٽڪل ۷ لک ايڪڙ بلوچستان جا آهن، جيڪي پٽ فيڊر ڪئنال ذريعي آباد ٿين ٿا. صفحي نمبر ۳۵۳ تي سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ايسٽرن نارا ڪئنال بابت لکيل آهي ته، اهو واهه ۱۳ لک ۸۵ هزار ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو، پر حقيقت ائين ناهي. اصل ۾ نارا ڪئنال تي اٽڪل ۲۲ لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
    صفحي نمبر ۳۵۶ تي ”ايڪڙ“ بابت لکيل آهي ته، زمين جو اهڙو ٽڪرو، جنهن جي ڊيگهه ۲۲۰ فوٽ ۽ ويڪر ۱۹۸ فوٽ هجي ته اهو هڪ ايڪڙ ٿيندو. اصل ۾ هڪ ايڪڙ ۾ ۴۳۵۶۰ چورس فوٽ ٿيندا آهن ۽ انهيءَ جي ڊيگهه ۽ ويڪر مقرر ڪرڻ صحيح نه هوندي. سو جيڪڏهن ڪنهن زمين جي ٽُڪري جي ايراضي ۴۳۵۶۰ چورس فوٽ هجي ته اهو هڪ ايڪڙ ٿيندو، پوءِ ان جي ڪيتري به ڊيگهه ۽ ويڪر هجي.
    صفحي نمبر ۳۹۶ تي ”بجاراڻي“ نالي سان هڪ ديهه تعلقي شڪارپور جي لکيل آهي، اصل ۾ اها ديهه تعلقي خانپور ۾ آهي ۽ اها ديهه بيگاري ڪئنال سان لڳ واقع آهي، جنهن جي اتر پاسي بيگاري جي ٻئي طرف ڪشمور -ڪنڌڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ واقع بجاراڻي برادري جو مشهور ڳوٺ ڪرمپور بجاراڻي واقع آهي.
    ساڳئي ۳۹۶ صفحي تي مير هزار خان بجاراڻي بابت لکيل آهي ته، هو ۱۹۴۶ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائو. اصل ۾ هو جيڪب آباد ۾ نه، بلڪ پنهنجي اباڻي تاريخي ڳوٺ ڪرمپور بجاراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. وڌيڪ لکيل آهي ته، مير هزار خان ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. اصل ۾ مير صاحب پهريون دفعو قومي اسيمبلي جو ميمبر ۱۹۹۰ع ۾ ٿيو هو.
    ساڳئي صفحي ۳۹۶ تي بجاراڻي نالي سان هڪ ديهه تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ لکيل آهي. اصل ۾ ديهه بجاراڻي هاڻي تعلقي تنگواڻي ۾ آهي ۽ ان ۾ واقع ڪجهه ڳوٺ به صحيح لکيل ناهن ۽ ڪجهه ٻين ديهن جا ڳوٺ ان ديهه ۾ شامل ڏيکاريل آهن. اصل ۾ بجاراڻي بڙدي/بليدين جو هڪ پاڙو آهي، جنهن جي پٺيان انگريزن انهن ديهن جا نالا رکيا هئا.
    صفحي ۴۰۰ تي ”بحالڪاڻي“ نالي هڪ ديهه ڪنڌڪوٽ تعلقي ۾ لکيل آهي، جيڪا اصل ۾ تنگواڻي ۾ آهي ۽ ان جو صحيح اُچار ”بهلڪاڻي“ آهي، جيڪو بڙدي/بليدين جو هڪ پاڙو به آهي.
    صفحي نمبر ۴۴۲ تي ”بُڙدي“ جي عنوان ۾ لکيل آهي ته بڙدين جا چوويهه پاڙا آهن. اهي پاڙا به صحيح ڄاڻايل ناهن، جنهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
    ساڳئي صفحي تي اتر سنڌ جي ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ آباد بلوچن جي بليدي ۽ بڙدي کي هڪ ئي قبيلو قرار ڏنو ويو آهي. اصل ۾ بليدي وڏو قبيلو آهي، جنهن ۾ انگريزن طرفان سرڪاري طور ست مڃيل سردار هئا ۽ جن مان سڀ کان وڌيڪ بليدين جا پاڙا بجاراڻي سردار جي اثر هيٺ هئا ۽ انهن ئي پاڙن کي بڙدي سڏيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ڪنڌڪوٽ جي علائقي کي انهن بڙدي قبيلن جي اڪثريت ڪري بُڙديڪا جاگير به سڏيو ويندو هو، جيڪا سنڌ جي پراڻن نقشن ۾ پڻ ڏيکاريل آهي. انهيءَ باري ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. اهي بليدي قبيلا ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سبيءَ کان ڪنڌڪوٽ طرف آيا هئا.
    صفحي نمبر ۵۲۰ تي لکيل آهي ته، بيگاري واهه سکر ۽ جيڪب آباد ضلعن وچان وهي ٿو. اصل ۾ بيگاري واهه شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن وچان وهي ٿو ۽ هي واهه درياهه جي هڪ پراڻي وهڪري تي ٺهيل آهي، جنهنڪري سڄو ورن وڪڙن ۾ آهي ۽ درياهه کان وٺي ڳڙهي خيرو ويجهو شيران پور ٿهيم تائين بيگاري واهه جي ڏکڻ شڪارپور ضلعو ۽ اتر پاسي جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعا آهن ۽ اهو انگريزن کان وٺي تاريخي دنگ آهي.
    صفحي ۵۲۱ تي ڪشمور کان وٺي سکر تائين انگريزن جي ۱۸۷۴ع ۾ درياهه جي ساڄي ڪپ تي ٺهرايل بچاءُ بند کي بيگاري بند جي نالي سان لکيو ويو آهي. اصل ۾ بيگاري بند سکر کان وٺي بيگاري واهه تائين انگريزن ٺهرايو هو، جيڪو ۳۳ ميل ڊگهو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان وقت انگريزن اهو بند سڄي سنڌ جي جيلن جي قيدين ۽ علائقي جي ماڻهن کي بغير معاوضي يعني بيگار تي ٺهرايو هو، جنهنڪري ان کي بيگاري بند سڏيو ويو. ساڳي ڳالهه بيگاري واهه جي حوالي سان به چئي ويندي آهي. بيگاري واهه کان مٿي اتر طرف ڪشمور تائين ۱۸۷۴ع ۾ انگريزن درياهه جو جيڪو بند ٺهرايو هو، ان کي بيگاري بند نه، بلڪه ڪشمور بند چيو ويندو آهي، جيڪو سنڌ ۾ درياهه تي پهريون بند چيو وڃي ٿو ۽ ۴۸ ميل ڊگهو هو ۽ هاڻي ان قديم درياهي بند جا پهريان ۲۲ ميل يعني بيگاري واهه کان غوثپور ۽ هيبت تائين ڦٽل بند قرار ڏنل آهي، جنهن کي ماڻهن ڊاهي مٿان گهر ٺاهي ڇڏيا آهن.
    ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ ۲۰۰۴ع کان پوءِ ٺهيل نون ضلعن ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ، قمبر-شهدادڪوٽ، ڄامشورو، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري جي حد بندين کي به پراڻن ضلعن سان لکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هي ڪتاب انهن ضلعن جي ٺهڻ کان پنج سال پوءِ ڇپيو آهي. هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ الف جي باب ۾ ادريس نالي سان مختلف شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي، پر افسوس جو ان فهرست ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري پاڻي ماهر ادريس راجپوت کي شامل ناهي ڪيو ويو. منهنجي سنڌ واسين کي گذارش آهي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو تفصيلي مطالعو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به جڳهه تي ڪا غلطي هجي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جو هي عظيم ورثو سنڌ واسين ڏانهن صحيح معلومات سان گڏ پهچي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ نشاندهي پڻ وقت سان گڏ جاري رهندي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بجاراڻي صاحب جو هي ليک ڪافي وقت اڳ روزاني ڪاوش ۾ ڇپيو هو، ڪاوش جو به حوالو ڏجي ها ته بهتر هو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل صحيح لکيل آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪافي جاين تي ڪجهه تصحيح جي ضرورت آهي، جيڪا ايندڙ جلدن ۾ صحيح ٿيڻ گهرجي۔ سڀني ساڃاهه وند دوستن کي به اها گذارش آهي ته ڪتابن جي مختلف جلدن ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪوتاهي، غلطي يا ڪا اڻبڻت نظر اچي ته اداري کي آگاهه ڪن، جيئن ان ۾ درستگي ڪري سگهجي۔

    نسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه هڪ بهترين ڪم آهي جنهن ۾ تاريخ ، تهذيب کي سهيڙيو ويو آهي، يقينن شروع ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون پر اپڊيٽيڊ جلد جڏهن ڇپبا ته بهتر ٿي ملندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو