خانگي ٽِي وِي چينلن جِي ٻولي

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    خانگي ٽِي وِي چينلن جِي ٻولي
    رياضت ٻرڙو

    عنوان جو مقصد: ٻوليءَ مان اسان جي مراد سنڌي ٻولي ۽ خانگي ٽِي وِي چينلن مان مطلب سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ، پنهنجي نشريات ڏيکاريندڙ سنڌي سيٽلائيٽ چينل آهن. ٻين لفظن ۾، سيٽلائيٽ وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندڙ نشريات، جيڪا خاص ڪري سنڌي ماڻهن ۽ عام طرح سنڌي ٻولي سمجھندڙ ماڻهن لاءِ هجي.
    هن عنوان جي دائري ۾ اهو تجزيو شامل آهي، ته خانگي سنڌي ٽِي وِي سيٽلائيٽ چينلن جي ٻولي ڪيئن آهي، يعني اها صحيح ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي يا نه؟ جڏهن ته نشريات کي سمجھڻ ۽ ڦرندڙ پَـٽين کي صحيح طرح پڙهڻ جي ذميواري ڏسندڙ تي آهي.
    خانگي سنڌي سيٽلائيٽ ٽِي وِي چينلَ: سيٽلائيٽ چينلن جي شروعات ڪي ٽِي اين (KTN) سان 2003ع ۾ ٿي. هي چينل هر ڪلاڪ تي ڪجھه وقت خبرون هلائيندڙ ۽ ٻئي وقت ۾ ٻيا پروگرام، جھڙوڪ مباحثن جا پروگرام، ڊراما ۽ ڪلامَ وغيره هلائيندڙ هيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون سيٽلائيٽ چينل هجڻ ناتي، هن چينل کي سنڌي ماڻهن اڻ مَئي مثبت موٽ ۽ محبت ڏني ۽ ڏکئي وقت تي مالي سهڪار به ڪيو، ڇو ته سرڪاري چينل تي سنڌي ٻوليءَ سان ٻه اکيائيءَ وارو رويو رکيو پئي ويو. بهرحال، خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ هيٺيان خانگي ٽِي وِي چينل هلي رهيا آهن:
    1. ڪي ٽِي اين،
    2. ڪي ٽِي اين نيوز،
    3. سنڌ ٽِي وِي،
    4. سنڌ ٽِي وِي نيوز،
    5. ڪشش،
    6. ڌرتي ٽِي وِي،
    7. آواز ٽِي وِي، ۽
    8. مهراڻ ٽِي وِي.
    انهن چينلن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو ڪم ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به چينلن جي ٻوليءَ کي سڌارڻ، سنوارڻ ۽ درست ڪرڻ جي شديد گھرج محسوس ٿئي ٿي. انهن چينلن ۾ ”ڪي ٽي اين نيوز“ ۽ ”سنڌ ٽي وي نيوز“ مڪمل خبرن وارا چينل آهن، ”ڪشش“ مڪمل گانن جو چينل آهي، ”ڪي ٽي اين“ ۽ ”سنڌ ٽي وي“ ڊرامن ۽ گانن وغيره جا گاڏڙ چينل آهن ۽ ”ڌرتي ٽي وي“ ۽ ”مهراڻ ٽي وي“ خبرون، ڊراما ۽ ڪلام وغيره نشر ڪندڙ چينل آهن. سنڌي ماڻهو انهن سڀني چينلن مان خاص ڪري ”ڪي ٽي اين نيوز“ ۽ ”سنڌ ٽي وي نيوز“ کي، گھڻو ڏسندڙ آهن، جڏهن ته سنڌي ڊرامن کي پڻ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ گھڻي شوق سان مختلف چينلن تي ڏٺو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اڪثر ڊرامن ۽ گانن ۾ جيڪا سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن جو مزاج ۽ رويا ڏيکاريا وڃن ٿا، ان تي سڄاڻ سنڌين کي اعتراض پڻ آهن، تنهن هوندي به، بهتريءَ جي اميد رکندي، سنڌي سيٽلائيٽ چينلن جي همت افزائي ڪئي پئي وڃي.
    ٻولي: سجاڳ قومون پنهنجي ٻوليءَ بابت انتهائي حساس هونديون آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي ترقيءَ طرف وڌندي ڏسڻ چاهينديون آهن. ان لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان قوم وٽ ڪي اهڙا ادارا ضرور هجن جيڪي نه رڳو ٻوليءَ جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪندا رهن، پر گڏوگڏ ان جي درست استعمال جو جائزو به وٺندا رهن، ته جيئن ٻوليءَ جي بگاڙ کان بچي سگھجي. هي حوالو ٻوليءَ کي نج (pure) رکڻ لاءِ ناهي، ڇو ته ان سان ٻولي ماحول جي تقاضا پٽاندر ممڪن آهي ته ترقي ڪري نه سگھي، پر ٻوليءَ جي فطري گھرجن موجب ان کي صحيح رُخ ۾ اڳتي نيئڻ آهي. ان ڪري ضروري ٿِي پوي ٿو ته ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار مختلف ايڪن (يُونِٽس) جو مسلسل جائزو وٺبو رهجي ۽ ان سلسلي ۾ کين صلاحون ۽ سفارشون ڏجن، جن تي عمل سان ٻوليءَ جي بيهڪ ۽ مزاج کي نظر ۾ رکندي، ان جي سونهن ۽ سوڀيا کي مثالي ڪري سگھجي. اهڙن ايڪن مان هڪ اهم ايڪو سيٽلائيٽ چينل آهي.
    خانگي ٽِي وِي چينلن جي ٻولي: اها ڳالهايل ۽ لکيل ٻولي آهي، جيڪا خبرن، گفتگوءَ وارن پروگرامن/مباحثن، ڊرامن، گانن/ڪلامن، اشتهارن جي صورت ۾ ڏسندڙن سان پنهنجو تعلق قائم ڪري ٿي.
    چينلن تي ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻوليءَ جو جائزو وٺڻ سان هيٺيون ڳالهيون سامهون آيون:
    1) مذڪر - مؤنث ۽ واحد - جمع جون غلطيون: هي غلطيون لڳ ڀڳ سڀني سنڌي چينلن تي عام آهن، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سهڻائپ تمام گھڻي متاثر ٿي رهي آهي. جھڙوڪ: ”منهنجِي دِل“ (مؤنث) بدران، اردو ٻوليءَ جي اثر هيٺ ”منهنجو دل“ (مذڪر ڪرڻ)، ”ڪتابَ“ کي مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران ”ميرِي ڪتاب“ طور واحد ۽ مؤنث ڪرڻ ۽ ان جو جمع ”ڪتابون“ ڪرڻ، ”موسمَ“ کي ”موسمُ“ (مذڪر) ڪرڻ. ايئن ئي ”ڪلاس“ کي به مذڪر ۽ واحد سمجھڻ بدران، ”ميرِي ڪلاس“ طور واهپو ڪرڻ ۽ ان جو جمع ”ڪلاسون“ ڪرڻ، ”اطلاعَ“ بدران ”اطلاعات“ يا ”ڇرڪَ“ بدران ”ڇرڪِ“ ڪرڻ. اهڙو هڪ مثال هن ريت آهي: ”لانگ مارچ جهلم ۾ ئي نه پهچندو ته صدر زرداريءَ کان ڇرڪ نڪري ويندِي.“ هيءَ غلطي پروگرامن جا سيکڙاٽ ميزبانَ توڙي مهمانَ گھڻي ۾ گھڻي ڪري رهيا آهن، جن کي سنڌي ٻوليءَ سان ڪا خاص ويجهڙائي ناهي. ان جو هڪ ڪارڻ هي به آهي ته اهڙن ميزبانن جي چونڊ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن اردو ٻوليءَ کان متاثر شهرن ۽ ’امير گھراڻن‘ مان ڪئي وڃي ٿي، جن جو سنڌي مضمون جي مطالعي سان اردو يا انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهڻ ڪري، ڪو به تعلق نه رهيو آهي. ٻئي پاسي، ڪجھه ’نيوز رِيڊر‘ ۽ ’اسڪرپٽ ايڊيٽر‘ پڻ ٻوليءَ جي اهڙي بگاڙ کان آگاهه ناهن ۽ پاڻ کي درست سمجھندي، جيئن سمجھن ٿا تيئن ڪري رهيا آهن.
    ان کان سواءِ انگريزي لفظن جو جمع به سنڌي طريقي بدران انگريزي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: ”فورسز، منسٽرس، شوز، آفيسرس ۽ اپارٽمينٽس“ وغيره. ان طرف به ڌيان ڏيڻ جي گھڻي گھرج آهي ۽ واحد-جمع جا مقرر طريقا مروج ڪرائڻ سميت، مختلف اسمن جي حيثيت به طَي ڪرڻي آهي ته اهي مذڪر ۽ واحد آهن يا مؤنث ۽ جمع؟ مثال طور، سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ ”هوٽلَ“ مذڪر ۽ جمع آهي ته ڪجھ علائقن ۾ ”هوٽلون“ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪٿي ”مارڪيٽ“ مذڪر ۽ واحد آهي ته ڪٿي ”مارڪيٽون“ مؤنث ۽ جمع آهي، ڪن هنڌن تي ”رزلٽِ“ مؤنث ۽ واحد آهي ته ڪٿي ”رزلٽُ“ مذڪر ۽ واحد آهي. جڏهن ته ڪٿي ”شريف برادران“ ۽ ڪٿي ”شريف ڀائر“ پڻ ڳالهايو ۽ لکيو ويو. ان حوالي سان هڪ معياري لهجي موجب، لفظن جي حيثيت کي مقرر ڪرڻ جي ذميواري واسطيدار ادارن ۽ فردن تي لازمي ٿي پوي ٿي.
    2) ”اڇا“ لفظ جو اڻ سُونهندڙ ۽ گھڻو واهپو: هي لفظ ڏيهاڙيءَ جي سنڌي گفتگوءَ ۾ ”ها“، ”ٺيڪ“ ۽ ”جِي“ جهڙن لفظن جي جڳهه تي اهڙو ته مروج ٿي ويو آهي، جو ان کان آجو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو نظر اچي. ظاهر آهي ته ان لفظ کي مروج ڪرڻ ۾ اليڪٽرانِي ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي، ۽ سمجھه ۾ ايئن ٿو اچي ته اليڪٽرانِي ميڊيا ئي ان لفظ کي غير مروج ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.
    اهڙن لفظن جي حوالي سان، هڪ رپورٽر جي رپورٽ ۾، هڪ متاثر کان هي سوال به اسان ٻڌو: ”ابُو ڇا ڪندو هو؟“ ڇا اهو سوال ايئن نه پيو پڇي سگھجي ته: ”(توهان جو) بابا/پيءُ ڇا ڪندو هو؟“
    3) اُچارن ۽ ڳالهائڻ جو غلطيون: هنن غلطين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سنڌي چينلن تي ڪمپيئرن جِي، توڙي اداڪارن جِي ٻولي ٻڌندي، هر وقت پيو افسوس ٿيندو ته هيءَ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي پئي وڃي! اچو ته ان جا هڪ ٻه مثال پيش ڪيون: 1. ”جده مان ڪال ڪئي“، 2. ”مڪه مڪرمه مان ڪال ڪئي“، 3. ”ڪوپِي ڪيان“، 4. ”ٻيهر اگين ٿينڪ يُو ٿا چئون“، 5. تاريخي ڳوٺ موهن جو دڙو جي بچاءَ لاءِ...“، 6. ”ڳوٺ شهمير نهڙيو ۾ باهه لڳڻ سبب...“، 7. ”ڳوٺ جھنڊو فقير ۾...“، 8. سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم...“، 9. ”ٻه ٽي چار ڪمرن جا خوبصورت اپارٽمينٽس“، 10. ”ڏهن رپين ۾ جراثيم کان نجات“، 11. ”عدليه کي ٻه نومبر واري پوزيشن تي...“
    انهن جملن ۾ سَوکا ڪيل (bold) لفظ ڌيان لهڻن ٿا. جھڙوڪ: اسان چوندا آهيون ته جدي يا مڪي مڪرمه مان ڪال ڪئي، ڪاپي ڪيان، ”ٻيهر“ چئبو ته ”اگين“ جِي ڪهڙي گھرج آهي، موهن جي دڙي...، شهمير نهڙيي... يا جھنڊي فقير ۾...، سريلنڪائي ڪرڪيٽ ٽيم، ٻن ٽن ۽ چئن ڪمرن جا خوبصورت اپارٽمينٽَ، جيوڙن کان نجات، ٻِي نومبر واري پوزيشن...
    4) پروف“ جون غلطيون: لکت ۾ ٿيندڙ هي غلطيون جيئن سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ عام آهن ايئن ئي چينلن تي هلندڙ پَـٽين ۾ به عام آهن، جنهن سان نه رڳو جملي جي مفهوم ۽ معنى کي ڌڪ رَسي ٿو، پر جملي کي پڙهندي بيزاري به ٿئي ٿي. ان جو حل اهو ئي آهي ته سنڌي ادب يا صحافت سان واسطيدار فردَ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ٽي ڀيرا پٽين جا پروف پڙهن، جنهن کان پوءِ پٽيءَ کي پڌرو ڪن.
    5) زير اضافيءَ جو استعمال:زير اضافيءَ کي سنڌي نثر مان ته ڪو وقت ٿيندو، جو اديبن ڪوشش ڪري ختم ڪيو، پر ان جو شاعريءَ ۾ ٿورو ٿَڪو پوءِ به استعمال ٿي رهيو آهي، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ان جو نئون استعمال چينلن تي هلندڙ پَـٽين ۾ ٿي رهيو آهي. جھڙوڪ: ”نظامِ عدل“، اسيرانِ شام“، ”اظهارِ افسوس“. اهڙا ٻه مثال هتي ڄاڻائجن ٿا: 1. ”نظامِ عدل لاڳو ٿيڻ کان سواءِ امن ممڪن نه آهي.“ 2. ”اسيرانِ شام جي ياد ۾ مجلسِ عزا شروع“.
    6) بيهڪ جي نشانين کي نظرانداز ڪرڻ: هنن نشانين جي خاص ضرورت ڳالهائڻ کي لکت ۾ درست طور اظهارڻ جي لاءِ پئي. خبرن جي پَٽين ۾ سواءِ پُوري دم ۽ اڌ دم جي، ٻين نشانين جو مڙيوئي خير ڪو استعمال ٿئي ٿو. ان طرف جوڳو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
    7) انگريزي ٻوليءَ جو غير ضروري واهپو:هندي ۽ اردو ميڊيا جي اثر هيٺ، اسان جي چينلن جا سنڌي ڪمپيئر ۽ ميزبان به انگريزي ٻوليءَ جو غير ضروري استعمال ڪري رهيا آهن، خاص ڪري لکت ۾ ان جو واهپو ڪجھ وڌيڪ ئي آهي. خاص ڪري ڪنهن ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي، اداڪارن ۽ ٻئي ٽيڪنيڪل عملي بابت سُڌ عام طرح انگريزيءَ ۾ لکي وڃي ٿي، گانن/ڪلامن تي پڻ اهڙي واسطيدار ڄاڻ عموماً انگريزيءَ ۾ هوندي آهي، يا ڪنهن پروگرام يا ڊرامي بابت آگاهي ڏني ويندي آهي ته اهو ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪنهن وقت هلندو، ته اها به انگريزيءَ ۾ لکجي ٿي. ڇا اهو ان ڪري ڪيو ٿو وڃي ته جيئن انگريزي ٻولي سمجھندڙ/پڙهندڙ ان ڏينهن ۽ وقت تي سنڌي ڊرامو ڏسن، ته اها خيالي ڳالهه ئي چئبي، تنهنڪري ان رويي کي بنا دير سڌارڻ جي ضرورت آهي.
    8) مختلف لکتون: ڪيترائي ئي لفظ اهڙا آهن، جن جي لکت کي طَي ڪرڻ جي گھرج آهي. جھڙوڪ: اسلاميا يا اسلاميه، لاڙڪاڻو يا لاڙڪاڻه، معنا يا معنى، مبارڪپور يا مبارڪ پور، ڄامشورو يا ڄام شورو، الزامبازي يا الزام بازي، انتظاميا يا انتظاميه، تجزيه نگار يا تجزيي نگار، گلوڪارا يا گلوڪاره، دعوا يا دعوى؟ انهن ۽ اهڙين ٻين انيڪ لفظن جون ٻه ٻه لکتون اخبارن ۽ رسالن سميت اليڪٽراني ميڊيا تي هلن پيون.
    9) اردو ٻوليءَ ۾ پروگرام ۽ اشتهار:ڪجهه نيوز چينلن تي، اردو چينلن جي پوئواري ڪندي، هاڻي رجحان پيدا ڪيو پيو وڃي ته سياسي، سماجي يا معاشي حالتن جي تجزين لاءِ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن سان گفتگو ڪئي ويندي آهي، جيڪا ظاهر آهي ته اردو ٻوليءَ ۾ ڪرڻي پوندي آهي. ان وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن غيرمعروف اردو چينل جو پروگرام ڏسي رهيا هجون. ان کان سواءِ ڪي پروگرام ته اهڙا به نشر ڪيا ويا آهن، جيڪي سواءِ وقفي وارن اشتهارن جي اردوءَ ۾ هوندا آهن يعني ميزبان ۽ مهمانَ، سڀئي اردو ڳالهائيندڙ! ۽ ”مزو“ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اشتهار به اردوءَ ۾! ان کان سواءِ اشتهاري پروگرامَ، جيڪي اڌ اڌ ڪلاڪ هلندا آهن، پڻ اردوءَ ۾ نشر ڪيا وڃن ٿا. اهڙي آمدني ڪنهن سنڌي چينل کي نه ٿي جُڳائي.
    10) نالن جي آخري اکر کي ساڪن ڪرڻ: هيءَ غلطي پڻ تمام گھڻي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو سبب اردو ۽ هندي ٻوليءَ جو وڌندڙ اثر ئي آهي. جھڙوڪ: ”تاجَ“ کي چيو ويندو ”تاجۡ“، ”مختيارَ“ کي سڏيو وڃي پيو ”مختيارۡ“ يا ”اخلاقَ“ کي سڏيو وڃي ٿو ”اخلاقۡ“. ان طرف جوڳو ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي، ڇو ته اها شَي به سنڌي ٻوليءَ ۾ سڏڻَ جي انداز کي بدلائي رهي آهي.
    ان باوجود، اهي سڀئي اهڙا مامرا آهن، جن کي سلجھائي ۽ بهتر بڻائي سگھجي ٿو. پهريائين ضرورت هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سيٽلائيٽ چينل هجن، ۽ هاڻي ضرورت آهي ته ڪيئن انهن چينلن جي ٻوليءَ ۽ مختلف پروگرامن، ڊرامن توڙي ڪلامن کي بهتر ڪجي، ته جيئن سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري سگھجي، جيڪو ئي اسان جو مقصد آهي.
    آخر ۾، هڪ ٻِي ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان، ته ميڊيا جي دائري ۾ انٽرنيٽ تي آيل سنڌي ويب سائيٽون پڻ شامل آهن، تنهنڪري انهن ۾ ڪتب آندل/ايندڙ ٻوليءَ جو جائزو به ورتو وڃي، ته جيئن ان سنڌي انٽرنيٽي ميڊيائي ذريعي کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۽ بقا لاءِ استعمال ڪري سگھجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رياضت سائين سلام

    اوهان هڪ اهم موضوع تي لکيو آهي، مون پڻ اهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌي پروگرامن خاص ڪري عورتن ۽ نوجوانن پاران ڪيل شوز ۾ ته مذڪر مونث ۽ ٻوليء جو بلڪل خيال ڪونه پيو رکيو وڃي۔ ٽي وي چينلن جي مالڪن کي گهرجي ته ٻوليء جو بگاڙ ڪرڻ بجاء اهڙن اينڪرس کي آڻن جيڪي سٺي سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو