جاويد حسين
سينيئر رڪن
ملالا..... ملالا..... ملالا.... سڀني کي بس هڪڙو ئي نالو ياد آهي ..... ۽ اهي ٻار، جيڪي ڊرون حملن ۾ مارجي ويا، اُهي؟ طالبان ظالم آهن ته وري آمريڪا ڪهڙي گُلن جي ورکا پيو ڪري؟ آمريڪا ته ڌاريو آهي، ماريندو ته ڇانوَ ۾ به نه اڇلائيندو.
ڪراچيءَ ۾ روزانو سراسري طرح ڏهه، مهيني ۾ ٽي سئو ۽ سال ۾ ٽي هزار ڇهه سئو ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو کاڄ
بڻجي رهيا آهن پر اها ڪراچي کان ٻاهر رهندڙن جي لاءِ معمول جي خبر آهي. ڪراچيءَ ۾ ته ائين ٿيندو ئي رهندو آهي، .... اهو ٻڌائي ته ٻارن جو ڪهڙو حال آهي؟
بلوچستان ۾ روزانو ڪٿي نه ڪٿي فائرنگ ٿيندي آهي، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تان سراسري طرح ٽي لاش ملن ٿا پر اهو ته بلوچن جو مسئلو آهي، اسان جو ان ۾ ڇا وڃي؟ اسان جا پنهنجا مسئلا گهٽ آهن، جو بلوچستان جو غم به ويهي پاليون!
فاٽا ۾ گذريل اٺن سالن کان هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊرون حملو ٿيندو آهي، سڄو ڏکڻ وزيرستان محسود قبيلي کان خالي ٿي چڪو آهي، خيبر ايجنسي جا ٻه لک ماڻهو پناهگير ڪئمپن ۾ يا وري دوستن عزيزن وٽ رهن پيا. اهو حال باجوڙ ايجنسي جو پڻ آهي..... پر اهو ڊرامو ته مختلف شڪلين ۾ گذريل ٽيهن سالن کان ٿيندو پيو اچي، ٻڌي ٻڌي ڪن پچي ويا آهن..... ڪا ٻي ڳالهه ڪر ڀاءُ.
سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام جي خلاف سخت بيچيني آهي، مظاهرا ٿي رهيا آهن، نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن، تعليمي ادارن جي معاملن ۾ ذاتي جاگيرن وانگر من مستون ٿي رهيون آهن، شهري ۽ ديهي خليج انچن جي بدران ميلن جي حساب سان وڌي رهي آهي..... يار، انهن سنڌين کي ته هر وقت گوڙ گهمسان لاءِ ڪونه ڪو مسئلو گهرجي، ڪڏهن پاڻي، ته ڪڏهن ذوالفقار آباد، ته ڪڏهن بهاري نه کپن، ته ڪڏهن پٺاڻ نه کپن ۽ هاڻي انهن کي مڪاني نظام جي فلم ملي وئي آهي. سڀاڻي ان کي وساري ڪنهن ٻئي مسئلي جي پويان پئجي ويندا. کين ڪو مسئلو نه مليو ته مسئلو ايجاد ڪري وٺندا. پوءِ به چون ٿا ته اسان کي غير سنڌي ميڊيا وارا ڪوريج نٿا ڏين. ڀلا ڪهڙي ڪوريج ڏين، ڪيتري ڪوريج ڏين؟ لوڪل ذهن، ننڍڙا مسئلا. اسان کي پنهنجي اچي لڳي آهي ۽ هنن کي صرف پنهنجي..... آهي ڪا ڪرڻ جي ڳالهه.
پنجاب ۾ هر ڪلاڪ ۾ هڪ ريپ، هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ قتل ۽ هر چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪونه ڪو اغوا ٿي رهيو آهي. آخر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڇا اسان کي وڏو صوبو هجڻ جي سزا ملي رهي آهي؟ سڀني کي فاٽا، بلوچستان، ڪراچي نظر اچن ٿا ۽ اسان جنهن عذاب مان گذري رهيا آهيون، ان کي باقي قوم جا ماڻهو عذاب ئي نٿا سمجهن. انهن کي پنهنجي کوهه کان ٻاهر ڏسڻ جي عادت ئي ڪانهي. پنجاب هيئن ڪري ڇڏيو، پنجاب هونئن ڪري ڇڏيو..... ٻين کي گهٽ ۾ گهٽ دانهون ڪرڻ جو موقعو ته ملي رهيو آهي. اسان کي ته هر ڪو ڪمبل ۾ ويڙهي ماري رهيو آهي. مٿان وري اهو ٻڌڻو ٿو پوي ته توهان ته وڏا ڀائر آهيو، توهان ڇو ٿا رڙيون ڪريو..... جيڪڏهن سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا اسان جي جاءِ تي هجن ها ته خبر پئجي وڃي ها ته وڏو ڀاءُ ٿيڻ جو عذاب ڪهڙو آهي! اسان پنجاب وارن کي ته اهو محاورو ئي غلط ٿو لڳي ته، ”ڀلي ڪتو بڻجي وڃ پر ننڍو ڀاءُ نه ٿجانءِ.“ اصل ۾ ته اهو محاورو ائين هجڻ گهرجي ته، ”ڀلي ڪتو بڻجي وڃ پر وڏو ڀاءُ نه ٿجانءِ“ .....
ڇا ٿي ويو جي هيترا شيعا مري ويا؟ سُني به ته هر هنڌ مرن پيا.... ڇا ٿيو جو پارا چنار جي شيعن کي افغانستان مان ڦري پشاور اچڻو پئجي رهيو آهي. ڪوئيٽا جا هزاره ٽارگيٽ ڪلنگ جي خوف کان گهرن تائين محدود آهن ۽ گلگت بلتستان جا مسافر ٽارگيٽ ڪلنگ جي خدشي سبب گلگت کان پنڊيءَ تائين بس ۾ سفر نٿا ڪري سگهن. انهن تي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ دانشورن کي شام ۽ عراق ۾ سُنين جو قتلِ عام ڇو نظر نٿو اچي؟! برما جا مظلوم مسلمان ڇو نٿا نظر اچن؟!
ڪنن ۾ پين هڻي چڪر ڪاٽڻ وارن دانشورن کي اهو ته نظر اچي ٿو ته هيترا سنڌي هندو ملڪ ڇڏي ڀڄي رهيا آهن پر لکين فلسطيني اسرائيل مان تڙيا ويا، انهن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ توهان کي گوجره ۾ مرندڙ ڪرسچنن سان همدردي آهي پر ڇا توهان کي گجرات ۾ مسلمانن جو قتلِ عام وسري ويو آهي؟

هتي سنڌي پيو مري، تون رڳو پٺاڻ لاءِ ٿو روئين، مهاجر مري رهيو آهي ته تون رڳو سنڌيءَ لاءِ ٿو روئين، هتي بلوچ مري رهيو آهي ته، تون رڳو پنجابيءَ لاءِ ٿو روئين. هتي پنجابي مري رهيو آهي تون رڳو هزاري نوال لاءِ ٿو روئين ..... ڪٿي انسان به ته مري رهيو آهي؟ شايد مري رهيو هوندو...... ڪنهن ملڪ ٻاهرئين ۾..... هتي ته اهڙو ڪوبه اطلاع ڪونهي.
هو ڏس ڀتي خور پيو وڃي .... هي ڏس، هي قاتل آهي ۽ اهو جيڪو پري بيٺو آهي، سو چور اٿئي. هيڏانهن ساڄي پاسي ڏس ڊاڪو آهي۽ ان جي پٺيان سڀ کان وڏو ڪرپٽ ويٺل آهي.....۽ کاٻي پاسي ڏس، هي هي..... هي سڀ کان وڏو دين فروش اٿئي ..... ۽ هي جيڪو هيٺ بيٺو آهي، اهو ته نامي گرامي دهشتگرد آهي..... ڇا هتي ڪو شريف، مخلص ۽ پرهيزگار به آهي؟ ها، آئون آهيان نه..... اچو مون سان گڏ هلو..... اڙي تون به ڪنهن ٻه نمبري ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ پيو اچين. هن سان گڏ متان وڃين، هي سڀ کان وڏو دوکيباز اٿئي، مون سان گڏ اچ...... نه، انهن ٻنهي ڪمينن کي ڇڏ، اهي ٻئي توکي وڪڻي کائي ويندا، بس منهنجو ساٿ ڏي..... اڙي هي ٽئي ته ذليل آهن، مون سان گڏ اچي بيهه..... نه سائين نه، اهي چار ئي ته وڏا.....
توهان کي مون پنهنجي پنهنجي خول ۾ بند، پنهنجي پنهنجي سوچ جي کوهه ۾ قيد، پنهنجي نڪ کان اڳتي نه ڏسڻ وارن سوين مثالن مان چند مثال ڏنا آهن. اهو طئي ڪري ورتو ويو آهي ته بس آئون ئي مظلوم ۽ ٻيا سڀ ظالم آهن. معاشري جي تقسيم شايد مڪمل ٿي چڪي آهي. سڀ متفق آهن ته هاڻي صرف ڳالهائڻو ئي آهي پر ڪنهن کي به ٻڌڻو ناهي. دليل جو گلو گهٽي ان کي ماري ڇڏڻو آهي ۽ ٻئي جي آواز کي بس پنهنجو آواز وڌائي دٻائڻو آهي ۽ هر طرف اهڙي واويلا متل آهي، جو سڀ آواز گوڙ گهمسان ۾ گم ٿي چُڪا آهن. ٻليون ماني تي وڙهي رهيون آهن ۽ ڀولڙو ڏند ڪڍي ساهمي کڻي بيٺل آهي. آخر ۾ نه ماني بچندي، نه ئي ساهمي ۽ ٻليون هڪ ٻئي کي عقل کان خالي بي رنگ خلا ۾ تڪينديون رهجي وينديون. توهان اهو ئي چاهيو ٿا ته پوءِ ائين ئي ٿيندو.
وسعت الله خان