• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مثالي عمارت

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
مثالي عمارت :_
محمود غزنوي پنهنجي نوجواني جي دور ۾ هڪ سرسبز وشاداب باغ لڳرايو ۽ هن ۾ هڪ تمام گهڻي خوبصورت عمارت تعمير ڪرائي۔جڏهن باغ ۽ عمارت جي تڪميل ٿئي ويئي ته هن جشن عام جو انتظام ڪيو۔جنهن ۾ هن پنهنجي والد ناصرالدين سبڪتگين ۽ سلطنت جي ٻين ارڪانن کي مدعو ڪيو۔سبڪتگين عمارت کي ڏسي چيوء:_
”محمود جيتوڻيڪ باغ ۽ عمارت تمام خوبصورت ؤ شاندار آهي،پر اهڙيون شيون ته تنهنجا نوڪر به ٺاهي سگهن ٿا،بادشاهن جي شان ۽ شوڪت جو تقاضو آهي ته هو اهڙي عمارت جو بنياد وجهن۔جنهن جي مثال ڪا ٻئي شيء نه هجئي“


محمود غزنوي ادب سان پڇو :_ ”توهان ڪهڙي عمارت جي طرف اشارو ڪري رهيا آهيو؟

سبتڪگين جواب ڏنو:_” اها عمارت اهل علم جي دل آهي،جيڪڏهن تون انهن جي دلين جي سرزمين تي پنهنجي محبت ؤ احسان جو ٻج ڇٽيندي تو هو پروانه چڙهندا۔ان جو پهل (فروٽ)اهڙو هوندو،جنهن کي چکڻ سان تون کي سعادت جي لذت ملندي ۽ تنهنجو نالو حشر(قيامت) تائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو۔
 
Back
Top