• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماء جي ممتا

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Mother-500x250.jpg
هڪ عورت اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي کيس برين ٽرنر نالي بيماري هئي۔۔ ڊاڪٽرن جي مطابق هوءَ هاڻي ڪجهه گهڙين يا ڏينهن جي مهمان هئي۔۔۔
سندس پٽ ۽ سمورو ڪٽنب سندس بستري سان هر وقت گڏ هيو۔۔۔ ڊاڪٽر جي بيان پٽ کي تمام گهڻو اداس ڪري وڌو هو۔۔۔ هو سمورو ڏينهن روئندو رهيو۔۔ ايتري قدر جو کيس زڪام ۽ ڳلي جو سور وڌندي بخار جي ڪيفيت ۾ اچي ويو۔۔۔
ٻئي ڏينهن هو گهر موٽيو ۽ جڏهن پنهنجي ماءِ جي ڪمري ۾ موجود الماڙي کولي ته کيس ڪجهه ٽڪيون ۽ هڪ خط مليو۔۔۔ خط کولي پڙهيائين ۔۔ لکيل هو۔۔۔
”پٽ۔۔۔۔! هي ٽڪيون کائجان۔۔۔ جو مون کي خبر آهي ته گهڻو روئڻ ڪري تون ننڍپڻ ۾ به بيمار ٿي پوندو هئين۔۔۔“
 
Back
Top