عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛ و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا. اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛ غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا. ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛ لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا. پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛ ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا. نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛ وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا. جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛ قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا. پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛ هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
جواب: عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛ هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا محترم سائين طالب المولي جي شاعري تمام پياري۔۔۔۔۔ نالي واري مصرع ۾ ته اصل لاجواب ڪري ڇڏيائين۔۔۔
جواب: عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا هڪڙي ڳالهه چئبي ته ادي عاشق سولنگي جي پسند به انقلابي قسم جي آهي، مگسي صاحب جو ونڊ ڪيل هي طالب المولا جو ڪلام، اسانجي نظر کان لڪل رهيو پر ادي عاشق ڳولهي لڌو ۔۔۔ تمام سٺا خيال ۽ حقيقت تي مبني سماجي عڪاسي ٿيل آهي ۔۔۔
جواب: عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛ قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا. واه ادا لاجواب چونڊ آ اوهان جي