جديد دور ۾ مختلف شعبن جي ترقيءَ سان گڏ ٺڳيءَ جي شعبي به تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي.ڪو وقت هو ته ڪو شخص جڏهن ٺڳجي ويندو هو ته ڪم ته لهي چڪا هوندا هئا،پر جلد ئي کيس احساس ٿي ويندو هو ته مان ٺڳجي چڪو آهيان ۽ پوءِ سڀني کي پنهجو الميو ٻڌائي ڏک جو اظهار ڪندو هو،۽ماڻهوءَ کلي ان مان خوب مزو وٺندا هئا.فرد انفرادي طور ئي ٺڳبا هئا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ٺڳڻ مشڪل هوندو هو ۽ ٺڳيءَ جي حد به محدود هئي.پر هاڻي ائين نه رهيو آهي،ٺڳيءَ جي شعبي به تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي.هاڻي ته ٺڳجڻ واري کي خبر به نه ٿي پئي ته ڪو آئون ٺڳجي چڪو آهيان ۽ هو مسلسل ٺڳجندو رهي ٿو.هاڻ ته هڪ ئي وقت وڏي تعداد ۾ ماڻهوءَ لامحدود عرصي تائين ٺڳبا رهن ٿا.هن وقت آئون صرف جديد ٺڳيءَ جي نظامن مان صرف هڪ يعنيءَ آڪڙا پرچيءَ جو تذڪرو ڪندس.اسان وٽ سنڌ ۾ هون ئي غربت گھڻي آهي،ويتر هن ڪاروبار ڪيترن ئي علائقن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي جنهنجو تذڪرو وقت به وقت اخبارن ۾ ايندو رهندو آهيآڪڙا پرچيءَ جي ٺڳي هجڻ جون ڪجھ علامتون هيٺ ڏجن ٿيون.1.آڪڙا پرچيءَ جو هر خريدار مسلسل هار ۾ رهي ٿو.2.خريد ڪرڻ وارو صرف هڪ نمبر وٺي ٿو،باقي 99 نمبر ته وڪڻڻ واري جا آهن.3.سيڙپ جي حد گھٽ ۾ گھٽ 10 رپين کان شروع ٿئي ٿي ته جيئن خريدارن جي دائري کي وڌائي ڇڏجي.4.انگ به انسان کي زبردست ڌوڪي ۾ رکن ٿا.نمبر ورتائين 38 لڳو 83 ،نمبر ورتائين 18 لڳو 98 ته سمجھندو ته ذري گھٽ لڳڻ کان گٿو آهي،حالانڪه انهن انگن ۾ وڏو فرق آهي.5.ان کانسواءِ پنن وڪڻڻ وارا ۽ پيشن گوئين ٻڌائڻ وارا الڳ پئسا وٺن ٿا.6.هر پندرهين ڏينهن اهو عمل مسلسل جاري رهي ٿو،۽ خريدار وڃايل پئسا موٽائڻ جي اميد تي مسلسل نقصان کائيندو رهي ٿو.ساڳئي رقم جيڪا آڪڙا پرچي وٺڻ تي خرچ ڪئي وڃي ٿي،ان مان هڪ علائقي جا ماڻهوءَ هر پندرهين ڏينهن وي سي رکن ته به اها رقم هر ڪنهن جي ڪم جي ٿي پوندي،۽ ان کي ڪنهن ڪاروبار ۾ به سيڙائي سگھجي ٿو يا ٻئي ڪنهن مثبت ڪم ۾ به آڻي سگھجي ٿو.هنن خيالن جي اظهار جو مقصد ڪنهجي دل آزاري ڪرڻ ناهي،پر ان نيت سان آهي ته متان ڪنهن کي فائدو ٿي پوي ۽ ان ٺڳيءَ کان پاڻ کي بچائي سگھي.هن مضمون ۾ هن ڪاروبار جي شرعي،قانوني ۽ اخلاقي پهلوءَ تي روشنيءَ نه وڌي ويئي آهي،جن مطابق هي ڪاروبار ممنوع آهي،پر تنهن هوندي به جاري و ساري آهي.
ادا آگاهي جو احسان اسان کي گهرجي ته پنهنجي آس پاس ٿيندڙ اهڙن ڪُڌن ڪاروبارن جي باري ۾ معاشري کي آگاهي ڏيندا رهون وسلام
ادا اجتماعي طور تي سڄي سنڌ کي هن وقت ڪيئن ٺڳي رهيا آهن ، ڏيڏر جهڙي شڪل کڻي فاروق ستار به آرڊيننس بل سنڌين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي
سائين عرض ته چوندا آهن ته جتي لوڀي هوندا آهن اتي ٺوڳي بُکَ ڪو نه مرندا آهن، اسان کي پنهجي لالچ پئي ٿي مارائي۔ ۽ اهي خواهشون جن جي لاء اسان کي وڏڙا چئي ويا هئا ته ابا پرائي ماڙي ڏسي پنهجي ڀوُنگِڙي ڪو نه ڊاهبي آهي۔ سو اسان به سَوَڙ آهر پير ڊگهيڙيون پر نه ،اهيو الڪو ئي ڪونهي۔ ڇو جو خبر اٿئون ته ٻئي هنڌ ڀلي ڀينگ ٿي وڃي پر گهر تي ته رعب اسان جو هلندو آ،سو اگر آڪڙي تي چار رپيه هارايا ته ڇا ٿي پيو،گهر اچي ڪاوڙ پنهجي رعيت تي يعني ويچارن گهر وارن تي ڪڍيو ڇڏون پوء اهي پنهجي خوف کان هڙئون وڙئون ڏئي مڙس لاء ننگر تيار ڪري رکن،۽ همراه ٻه چار دڙڪا ڏئي پانهجي ڀڙاس ڪڍيو ڇڏي۔ سو ڪم پڄي ڪو نه باقي خيال وڏا وڏا پيا پچايون سي پورا ٿين ڪو نه۔ٿين به ڪيئن؟؟؟!!!!ڪم ڪار کان آڱوٺو!!!!پو شل ڪا اهڙي اٽڪل ٻڌئون پوء ته پڪ ٿئون ته اصل هن دفعي ته انعام منهجو آهي ،بس ڄاڻ مال آيو،،،،،،،،،،،،،،،،،،۔۔۔۔۔۔۔ عام ماڻهو ته ڇا پر هن وقت جا امير به لالچ ۾ ڪاهي پيا آهن ملڪ جا بادشاه به ان کان بچيل ڪو نه آهن۔سو هر پاسي کان نظر ڦيرائيندو ته لوڀ ۽ لالچ ،بغض ۽ ڪينو،امن واري ڌرتيءَ کي باه بڻائي ڇڏيو آهي۔دعا آهي ته ڙبُ سائين اسان مٿان پنهنجو خاص ڪرم فرمائي نه ته بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔
ادا اوهان جي جو اوهان ڄاڻ ڏني ۔۔۔ پر يار هتي ماڻهو هڪ رات ۾ شارٽ ڪٽ ذريعي ارب پتي بڻجڻ جي خواهش ۾ مختلف حربن سان پيا لٽجن، پر ان ۾ سندن هٿ گهڻو هوندو آهي، سڀ ڪجهه سمجهڻ باوجود قسمت آزمائي ڪندا آهن۔