جديد دور ۾ مختلف شعبن جي ترقيءَ سان گڏ ٺڳيءَ جي شعبي به تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي.ڪو وقت هو ته ڪو شخص جڏهن ٺڳجي ويندو هو ته ڪم ته لهي چڪا هوندا هئا،پر جلد ئي کيس احساس ٿي ويندو هو ته مان ٺڳجي چڪو آهيان ۽ پوءِ سڀني کي پنهجو الميو ٻڌائي ڏک جو اظهار ڪندو هو،۽ماڻهوءَ کلي ان مان خوب مزو وٺندا هئا.فرد انفرادي طور ئي ٺڳبا هئا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ٺڳڻ مشڪل هوندو هو ۽ ٺڳيءَ جي حد به محدود هئي.
پر هاڻي ائين نه رهيو آهي،ٺڳيءَ جي شعبي به تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي.هاڻي ته ٺڳجڻ واري کي خبر به نه ٿي پئي ته ڪو آئون ٺڳجي چڪو آهيان ۽ هو مسلسل ٺڳجندو رهي ٿو.هاڻ ته هڪ ئي وقت وڏي تعداد ۾ ماڻهوءَ لامحدود عرصي تائين ٺڳبا رهن ٿا.
هن وقت آئون صرف جديد ٺڳيءَ جي نظامن مان صرف هڪ يعنيءَ آڪڙا پرچيءَ جو تذڪرو ڪندس.اسان وٽ سنڌ ۾ هون ئي غربت گھڻي آهي،ويتر هن ڪاروبار ڪيترن ئي علائقن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي جنهنجو تذڪرو وقت به وقت اخبارن ۾ ايندو رهندو آهي
آڪڙا پرچيءَ جي ٺڳي هجڻ جون ڪجھ علامتون هيٺ ڏجن ٿيون.
1.آڪڙا پرچيءَ جو هر خريدار مسلسل هار ۾ رهي ٿو.
2.خريد ڪرڻ وارو صرف هڪ نمبر وٺي ٿو،باقي 99 نمبر ته وڪڻڻ واري جا آهن.
3.سيڙپ جي حد گھٽ ۾ گھٽ 10 رپين کان شروع ٿئي ٿي ته جيئن خريدارن جي دائري کي وڌائي ڇڏجي.
4.انگ به انسان کي زبردست ڌوڪي ۾ رکن ٿا.نمبر ورتائين 38 لڳو 83 ،نمبر ورتائين 18 لڳو 98 ته سمجھندو ته ذري گھٽ لڳڻ کان گٿو آهي،حالانڪه انهن انگن ۾ وڏو فرق آهي.
5.ان کانسواءِ پنن وڪڻڻ وارا ۽ پيشن گوئين ٻڌائڻ وارا الڳ پئسا وٺن ٿا.
6.هر پندرهين ڏينهن اهو عمل مسلسل جاري رهي ٿو،۽ خريدار وڃايل پئسا موٽائڻ جي اميد تي مسلسل نقصان کائيندو رهي ٿو.
ساڳئي رقم جيڪا آڪڙا پرچي وٺڻ تي خرچ ڪئي وڃي ٿي،ان مان هڪ علائقي جا ماڻهوءَ هر پندرهين ڏينهن وي سي رکن ته به اها رقم هر ڪنهن جي ڪم جي ٿي پوندي،۽ ان کي ڪنهن ڪاروبار ۾ به سيڙائي سگھجي ٿو يا ٻئي ڪنهن مثبت ڪم ۾ به آڻي سگھجي ٿو.
هنن خيالن جي اظهار جو مقصد ڪنهجي دل آزاري ڪرڻ ناهي،پر ان نيت سان آهي ته متان ڪنهن کي فائدو ٿي پوي ۽ ان ٺڳيءَ کان پاڻ کي بچائي سگھي.
هن مضمون ۾ هن ڪاروبار جي شرعي،قانوني ۽ اخلاقي پهلوءَ تي روشنيءَ نه وڌي ويئي آهي،جن مطابق هي ڪاروبار ممنوع آهي،پر تنهن هوندي به جاري و ساري آهي.