ادا زاهد جي مهرباني جنهن فون ڪري موضوع طرف ڌيان ڇڪرايو۔۔۔!
سنگت کان معزرت جو ڪجهه ڏينهن کان مصروفيت ڪافي وڌيل آهي۔۔۔ جو نوڪري جي ذميوارين سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي ڪجهه نون پروجيڪٽس ۾ الجهيل آهيان۔۔۔
دوستن کي عرض ته پنهنجي موضوع ۾ لکندي دوستن کي ٽيگ ڪري به پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ته جيئن سندن مسئلا ترت حل ڪري سگهجن۔۔۔
سڀ کان پهريان ته دوستن کي ٻڌائندو هلجي ته mkv فارميٽ تي مشتمل مووي هاءِ ڊيفينيشن ڪوائلٽي ۾ هوندي آهي ان ڪري ان جي سائيز به سوائي ٿئي۔۔۔ اڪثر ٽورنٽ تي ڊائونلوڊ ڪندڙن جي تڪڙي ڊائونلوڊ خواهش پوري ٿي نه سگهندي آهي۔۔۔ ان ڪري ڪجهه بلاگ اونرس وريز سائيٽس تي موويز کي ٽڪڙن ۾ اپلوڊ ڪري لنڪس پنهنجي بلاگ تي رکندا آهي ته جيئن ڊائونلوڊ ڪندڙ تڪڙو فائيل حاصل ڪري کين به ڪجهه مالي فائدو ڏئي سگهي۔۔۔
اهڙيون فائلس جا پارٽ
001.mkv ۽ 002.mkv هونديون آهن۔۔۔ مينيوئلي ري نيم ڪري جيڪڏهن vlc جهڙي طاقتور پليئر ۾ هنن موويز کي هلايو به وڃي ته صرف پهريو پارٽ ئي هلائي سگهبو۔۔ جنهن جي ٽائيمنگ ڏسڻ سان خبر پوندي ته مووي ته مڪمل آهي پر ان جا حصا ٽٽل آهن۔۔۔
خير اسان سکنداسين ته اهڙن ٽڪڙن کي پهرين ٽڪڙي ۾ مرج (ملائجي) ڪيئن۔۔ جنهن جو طريقو بغير سافٽويئر جي به آسان آهي۔۔۔
سڀ کان پهريان توهان سمورن ٽڪڙن کي هڪ ئي فولڊر ۾ رکو۔۔۔ فولڊر جي لوڪيشن کي نوٽ ڪريو يا وري ايڊريس بار منجهان ڪاپي ڪري وٺو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ڊاس پروگرام کوليو۔۔۔ ۽
cd ٽائيپ ڪري اسپيس ڏيو ۽ ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري
paste آپشن سليڪٽ ڪندي ڪيبورڊ تان انٽر دٻايو۔۔۔

يا وري ڊائريڪلي فولڊر پاٿ نيويگيٽ ڪريو۔۔۔ جيئن ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪمانڊ لائين تي ڪبو آهي۔۔۔

فولڊر لوڪيشن تي پهچندي۔۔ mkv فائيل جي ٽڪڙن کي ٽائيپ ڪريو پر ڪجهه هن طرح۔۔۔۔۔
copy<space>/b<space>"filename.mkv.001"+"filename.mkv.002<space>filename.mkv
نوٽ: بهتر رهندو ته توهان فائيلز جا نالا لکڻ بجاءِ
Tab/Shift+Tab دٻائيندي فائيلز جي نالن کي خودڪار طريقي سان شامل ڪريو بس رڳو فائيلز جي ترتيب (جهڙوڪ ۔ 002۔،001۔ وغيره) جو خيال رکندا۔۔۔ آخر ۾ اسپيس ڏيندي مووي جو مڪمل نالو لکندا۔۔۔

هاڻي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ ان طرف سمورا پارٽ آخري نالو ڏنل مووي ۾ شامل ٿي ويندا۔۔
اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔