ڊائونلوڊ ڪيل موويز ۾ موجود مسئلي جو حل ڏسيو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ راهب علي طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2012۔

  1. راهب علي

    راهب علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ايم ڪي وي فارميٽ ۾ هڪ مووي 4 پارٽن ۾ مون ڊائونلوڊ ڪئي آهي ان جو پهريون پارٽ ته ڪنهن طرح هلايو اٿم جڏهن ته باقي ٽي پارٽ نه ٿا هلن مهرباني ڪري مسلو حل ڪندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا سائين۔۔ او قبلا سائين هي اسان جو دوست ۽ محسن آهي بابلا۔ پاڻ ته سنڌ سلامت جون تعريفون ڪندي قلابازيون کاڌيون آهن پر توهان اسان جي دوست جو جواب ئي نه پيا ڏيو
    هيٺ ڏٺم ته خبر پئي ته اڃان ادا رشيد به موضوع نه ڏٺو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار زاهد خبر اٿئي ته ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ پاڻ صفا ڍلا آهيون جو ڪا خاص ڄاڻ ناهي۔۔۔۔

    باقي اسان جي دوست مست، رشيد ۽ فقير کي جلد جواب ڏيڻ گهرجي، جيئن دوست جو مسئلو حل ٿي سگهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راهب علي

    راهب علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    سافٽوير ٽرائي ڪيا هن پر ڪم نه ٿو ٿئي
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا توهان ڪجهه تصويرن ذريعي ٻڌايو ته توهان وٽ ڪهڙو ميسيج اچي ٿو ۽ جيڪي فائيل توهان ڊائون لوڊ ڪيا آهن انهن جو حجم ٻڌايو ته ڪيترا ايم بي آهي ممڪن آهي ته ڪو حل نڪري اچي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا زاهد جي مهرباني جنهن فون ڪري موضوع طرف ڌيان ڇڪرايو۔۔۔!
    سنگت کان معزرت جو ڪجهه ڏينهن کان مصروفيت ڪافي وڌيل آهي۔۔۔ جو نوڪري جي ذميوارين سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي ڪجهه نون پروجيڪٽس ۾ الجهيل آهيان۔۔۔
    دوستن کي عرض ته پنهنجي موضوع ۾ لکندي دوستن کي ٽيگ ڪري به پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ته جيئن سندن مسئلا ترت حل ڪري سگهجن۔۔۔
    سڀ کان پهريان ته دوستن کي ٻڌائندو هلجي ته mkv فارميٽ تي مشتمل مووي هاءِ ڊيفينيشن ڪوائلٽي ۾ هوندي آهي ان ڪري ان جي سائيز به سوائي ٿئي۔۔۔ اڪثر ٽورنٽ تي ڊائونلوڊ ڪندڙن جي تڪڙي ڊائونلوڊ خواهش پوري ٿي نه سگهندي آهي۔۔۔ ان ڪري ڪجهه بلاگ اونرس وريز سائيٽس تي موويز کي ٽڪڙن ۾ اپلوڊ ڪري لنڪس پنهنجي بلاگ تي رکندا آهي ته جيئن ڊائونلوڊ ڪندڙ تڪڙو فائيل حاصل ڪري کين به ڪجهه مالي فائدو ڏئي سگهي۔۔۔
    اهڙيون فائلس جا پارٽ 001.mkv ۽ 002.mkv هونديون آهن۔۔۔ مينيوئلي ري نيم ڪري جيڪڏهن vlc جهڙي طاقتور پليئر ۾ هنن موويز کي هلايو به وڃي ته صرف پهريو پارٽ ئي هلائي سگهبو۔۔ جنهن جي ٽائيمنگ ڏسڻ سان خبر پوندي ته مووي ته مڪمل آهي پر ان جا حصا ٽٽل آهن۔۔۔
    خير اسان سکنداسين ته اهڙن ٽڪڙن کي پهرين ٽڪڙي ۾ مرج (ملائجي) ڪيئن۔۔ جنهن جو طريقو بغير سافٽويئر جي به آسان آهي۔۔۔
    سڀ کان پهريان توهان سمورن ٽڪڙن کي هڪ ئي فولڊر ۾ رکو۔۔۔ فولڊر جي لوڪيشن کي نوٽ ڪريو يا وري ايڊريس بار منجهان ڪاپي ڪري وٺو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ڊاس پروگرام کوليو۔۔۔ ۽ cd ٽائيپ ڪري اسپيس ڏيو ۽ ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري paste آپشن سليڪٽ ڪندي ڪيبورڊ تان انٽر دٻايو۔۔۔

    [​IMG]

    يا وري ڊائريڪلي فولڊر پاٿ نيويگيٽ ڪريو۔۔۔ جيئن ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪمانڊ لائين تي ڪبو آهي۔۔۔
    [​IMG]
    فولڊر لوڪيشن تي پهچندي۔۔ mkv فائيل جي ٽڪڙن کي ٽائيپ ڪريو پر ڪجهه هن طرح۔۔۔۔۔

    copy<space>/b<space>"filename.mkv.001"+"filename.mkv.002<space>filename.mkv
    نوٽ: بهتر رهندو ته توهان فائيلز جا نالا لکڻ بجاءِ Tab/Shift+Tab دٻائيندي فائيلز جي نالن کي خودڪار طريقي سان شامل ڪريو بس رڳو فائيلز جي ترتيب (جهڙوڪ ۔ 002۔،001۔ وغيره) جو خيال رکندا۔۔۔ آخر ۾ اسپيس ڏيندي مووي جو مڪمل نالو لکندا۔۔۔

    [​IMG]
    هاڻي ڪيبورڊ تان انٽر بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ ان طرف سمورا پارٽ آخري نالو ڏنل مووي ۾ شامل ٿي ويندا۔۔

    اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    الائي مسئلو حل ٿيو الائي اڃان اتي جو اتي آهي ۔ ادا اسان ته آهيون دعا ڪرڻ وارا الله ڪري اوهان جو مسئلو حل ٿي وڃي باقي مسئلو حل ڪرڻ وارا آهن سائين مذڪوره محترم ۔
    وسلام
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڃ ساڳيو مسئلو هڪ ٻئي دوست به پچيو ... کيس سنڌ سلامت جي هن موضوع کي پڙهڻ جي صلاح ڏنم... دوست جو ڪم ٿي ويو..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا ذيشان رشيد صاحب جن کي عرض آهي ته ۔ بغير سافٽويئر جي ڪنهن به مووي جي ٽڪڙن کي پاڻ ۾ ڪيئن ملائجي۔۔۔۔۔۔۔
    مٿيون ڊاس واري طريقي سان ڪو به فرق نه ٿو پوي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوست سجاد ۔۔۔ طريقو ته اهو ئي آهي بغير سافٽويئر جي پر ياد رهي ته هن طريقي سان مختلف موويز کي ڳنڍي نه ٿو سگهي۔۔ صرف انهن ٽڪڙن کي ئي ڳنڍي سگهجي ٿو جيڪي هڪ ئي مووي جا ڪيا ويا هجن ڪنهن سرور تي اپلوڊ ڪرڻ خاطر۔۔۔
    مٿيون ڊاس جو طريقو مون ڪئي دفعا آزمايو آهي۔۔۔ جيڪو بلڪل ڪم ڪندڙ آهي۔۔۔ هن طريقي تحت انهي مووي جي مختلف پارٽس کي جوڙي سگهجي ٿو جنهن کي ٽڪڙن جي صورت ۾ اپلوڊ ڪيو ويو هجي۔۔۔
     
  11. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا مون ڊي وي ڊي تان ڪاپي ڪئي آهي اڻ کي پاڻ ۾ ملائڻ چاهيان ٿو مگر اها مرج نه ٿي ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو