اسان اهي شڪايتون ته اڪثر ڪندا آهيون ته حڪومت ۽ ادارا سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي نٿا ڪن پر ڏکوئيندڙ حقيقت ته اها آهي ته اسان شڪايت ڪرڻ وارا پاڻ به پنهنجي ٻولي جي پرگھور ڪونه ٿا لهون. فيس بوڪ وغيره تي به لکنداسي ته يا ته انگريزي ۾ يا پوءِ اڌ کان وڌيڪ سمجھ ۾ نه ايندڙ رومن اسڪرپٽ ۾. مان هميشه عرض ڪندو آيو آهيان ته مهرباني ڪري انٽرنيٽ ۽ فيس بوڪ وغيره تي سنڌي مروجه رسم الخط ۾ لکو ته جيئن ان جي پنهنجي حيثيت ۾ سڃاڻپ
ٿئي.
انهيءَ سلسلي ۾ واڌارو عرض ته گوگل ٽرانسليشن ذريعي هاڻي ڪنهن به ويب پيج کي انگريزي ۽ دنيا جي ٻين مکيه ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگھجي ٿو. توهان جيڪڏهن گوگل ڪروم برائوزر ذريعي ڪو سنڌي جو ويب پيج، جيئن خود هي فيس بوڪ جو صفحو آ جنهن ۾ سنڌي متن آهي، کوليندو ته هڪدم مٿي هڪ پٽي ايندي ته هي صفحو فلاڻي (گھڻو ڪري پرشين يا عريبڪ) ٻوليءَ ۾ آهي، توهان ان جو ترجمو ڏسڻ چاهيو ٿا؟ هاڻي توهان جتي پرشين لکيل آ اتي ڏسندو ته دنيا جي ٻولين جي لسٽ آهي جن ۾ سنڌي ڪانهي (اردو ۽ پشتو به شايد ڪونهن). اتي ئي آپشنز جو هڪ بٽڻ به آهي. ان کي دٻائي توهان چونڊ ڪري سگھو ٿا ته هي صفحو فارسي ۾ ڪونهي ۽ مان اها غلطي رپورٽ ڪرڻ ٿو چاهيان. اتي توهان ٻولين جي لسٽ مان ”ٻي ٻولي“ يعني اڌر لينگويج سليڪٽ ڪري لکندو سنڌي ۽ اها رپورٽ گوگل کي هلي ويندي. جيئن اهڙيون گھڻيون رپورٽون گوگل کي ملنديون ته هو سنڌي ترجمي کي به شامل ڪرڻ تي غور ڪندا ۽ اهڙي طرح اسان جي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ ۽ مڃتا جو امڪان آهي. اميد اٿم ته پنهنجي ٻولي سان پيار رکڻ وارا منهنجي هن عرض تي غور ڪندا ۽ پنهنجي ٻولي جي هن اهم ذريعه بلاغ تي ترويج لاءِ ڪوشش وٺندا.
عبدالماجد ڀرڳڙي

www.bhurgri.com