انٽرنيٽ ۽‌ ڪمپيوٽر تي سنڌي جي ترويج ۾‌ هٿ ونڊايو... عبدالماجد ڀرڳڙي

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسان اهي شڪايتون ته اڪثر ڪندا آهيون ته حڪومت ۽ ادارا سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي نٿا ڪن پر ڏکوئيندڙ حقيقت ته اها آهي ته اسان شڪايت ڪرڻ وارا پاڻ به پنهنجي ٻولي جي پرگھور ڪونه ٿا لهون. فيس بوڪ وغيره تي به لکنداسي ته يا ته انگريزي ۾‌ يا پوءِ اڌ کان وڌيڪ سمجھ ۾‌ نه ايندڙ رومن اسڪرپٽ ۾. مان هميشه عرض ڪندو آيو آهيان ته مهرباني ڪري انٽرنيٽ ۽‌ فيس بوڪ وغيره تي سنڌي مروجه رسم الخط ۾‌ لکو ته جيئن ان جي پنهنجي حيثيت ۾ سڃاڻپ
    ٿئي.
    انهيءَ سلسلي ۾ واڌارو عرض ته گوگل ٽرانسليشن ذريعي هاڻي ڪنهن به ويب پيج کي انگريزي ۽‌ دنيا جي ٻين مکيه ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگھجي ٿو. توهان جيڪڏهن گوگل ڪروم برائوزر ذريعي ڪو سنڌي جو ويب پيج، جيئن خود هي فيس بوڪ جو صفحو آ جنهن ۾‌ سنڌي متن آهي، کوليندو ته هڪدم مٿي هڪ پٽي ايندي ته هي صفحو فلاڻي (گھڻو ڪري پرشين يا عريبڪ) ٻوليءَ ۾ آهي، توهان ان جو ترجمو ڏسڻ چاهيو ٿا؟ هاڻي توهان جتي پرشين لکيل آ اتي ڏسندو ته دنيا جي ٻولين جي لسٽ آهي جن ۾ سنڌي ڪانهي (اردو ۽‌ پشتو به شايد ڪونهن). اتي ئي آپشنز جو هڪ بٽڻ به آهي. ان کي دٻائي توهان چونڊ ڪري سگھو ٿا ته هي صفحو فارسي ۾ ڪونهي ۽‌ مان اها غلطي رپورٽ ڪرڻ‌ ٿو چاهيان. اتي توهان ٻولين جي لسٽ مان ”ٻي ٻولي“ يعني اڌر لينگويج سليڪٽ ڪري لکندو سنڌي ۽‌ اها رپورٽ گوگل کي هلي ويندي. جيئن اهڙيون گھڻيون رپورٽون گوگل کي ملنديون ته هو سنڌي ترجمي کي به شامل ڪرڻ تي غور ڪندا ۽‌ اهڙي طرح اسان جي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي سڃاڻپ ۽ مڃتا جو امڪان آهي. اميد اٿم ته پنهنجي ٻولي سان پيار رکڻ وارا منهنجي هن عرض تي غور ڪندا ۽‌ پنهنجي ٻولي جي هن اهم ذريعه بلاغ تي ترويج لاءِ ڪوشش وٺندا.
    عبدالماجد ڀرڳڙي
    www.bhurgri.com
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شايد ان ئي عمل کي دهرائيندي ... اردو وارن اردو ٻولي کي شامل ڪرائي ڇڏيو آهي... جنهن سان ڪنهن به ويب پني جو اردو ترجمو ته ٿي وڃي ٿو پر ان ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي جيڪا وقت آهر ٿي به ويندي.. سنڌي ٻولي کي شامل ڪرڻ لاءِ ظاهر آهي گوگل وارا ان وقت ئي قدم کڻندا جڏهن سندن سرچ انجن ۾ سنڌي لفظن جو ذخيرو وڌندو رهي... ان ڪري توهان جي هدايت مطابق اسان کي سنڌي ٻولي کي شامل ڪرڻ جي رپورٽس ڪرڻ سان گڏو گڏ ويب پنن تي سنڌي لکائي کي به وڌائڻو پوندو...
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو سڀني دوستن کي گهرجي ته گوگل تي ترجمي لاء سنڌي ٻولي لکي گوگل وارن کي مجبور ڪن۔ مان به اڄ ٻه ٽي صفحا ايئن ئي دهرايا آهن۔ دوستن کي گهرجي ته سنڌي ويب ۽ بلاگ جوڙي سنڌي ٻوليء جي ذخيري کي وڌائن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين ڀرڳڙي صاحب ۽ اوهانجا احسان، اسان به ضرور ڪوشش ڪنداسين مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ذيشان رشيد صاحب تمام سٺو ڏس ڌنو اٿو، ان شا الله هاڻ ضرور ايئن ڪندا سين۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    واھ واھ! ادا رشيد سٺي ڳالھ طرح اشارو ڏنو آھي، نيٽ استعمال ڪندڙ سڀ سنڌي اگر ائين ڪن ته اسان جي ٻولي گوگل ۾ اچي ويندي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه دوستن پڇيو آهي ته سنڌي ٽرانسليشن لاء گوگل کي ڪيئن عرضي موڪلجي۔ دوستو هي هڪ آسان عمل آهي۔ اوهان ڪروم ۾ هن ساڳئي صفحي کي کوليو۔ مٿي هڪ لائين نظر ايندي:

    options
    Not in Persian? Report This error
    Select Language
    Other Language
    Sindhi
    Submit
    طريقو هيٺين تصوير ۾ ڏسو
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ادا سليمان مان پاڻ نه سمجھي ھُئي ويٺو ڳولھيان پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪم ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم شبير ڪنڀار به هن عمل کي سهڻي نموني سمجهايو آهي۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سعيد احمد سومرو

    سعيد احمد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

هن صفحي کي مشهور ڪريو