سنڌ سلامت جي خوبصورت ۽ مسڪرائيندڙ چهرن کي ذوالفقار علي جوکيو جي طرفان سلام................. ادا منهنجو نالو ذوالفقار علي جوکيو ويٺل شڪارپور شهر. موبائل نمبر 03123477418 فورم کي جوائن ڪندي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي... اميد ته مستفيد ٿيندس.... والسلام ۽ جيئي سنڌ
سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان جيتوڻيڪ اڳ سنڌ سلامت تي گلن جي هٻڪار سان آجيان ٿيندي هئي پر هاڻ شايد گل مهانگا ٿي ويا آهن ۔۔۔۔ سهڻي، تاريخي ۽ سهڻن انسانن واري شهر شڪارپور کان آيل دوست ذوالفقار جوکيو کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ”وڌي واڙي لڳي ڀاڳ“ جيئان جيترا دوست سٿ ۾ اوترو ئي سگهه وڌاري ۔۔۔ سنڌ سلامت سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي بقا ۽ وفا جي اظهار واري اوطاق آهي ۔۔۔ محبت جو هڪ درياهه آهي جت اسين سڀ پنهنجا سور سلي محبتن جي لهرن جي سفر جو مزو ماڻيندا آهيون ۔۔۔ اميد ته اوهان به سنڌ سلامت کي پنهنجي اوطاق سمجهي پيا ڀيرا ڀڃندا ۽ دوستن سان دوستي نڀائي محبتن جي درياهه جا سفر طع ڪندا ۔۔۔ جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي۔ اوهانکي سنڌ سلامت جي سمورن دوستن پاران دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔
انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي وسنديءَ ”سنڌسلامت ڊاٽ ڪام“ جي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان خوش آمديد چئجي ٿو، مولا ڪندو ته اوهان جو ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ دير پا رهندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ سوچڻ ۽ ڪم ڏيکارڻ ۾ اوهان به اسان سان مصروفِ عمل ٿيندا۔۔۔
سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست ذوالفقار علي جوکيو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ شڪارپور ته سنڌ جي املهه ماڻڪ ماڻهن سان ڀريل آهي جن سنڌ جي تاريخ سنواري آهي۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ادا توها ن کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو پورو پورو موقعو ملندو سدائين گڏ
ذوالفقار علي جوکيو صاحب ،وعليڪم اسلام، اوهان جو سنڌ سلامت ساٿ ۾ شامل ٿيڻ باعث مسرت آهي،اميد ته پنهجي خيالن ۽ جذبن سان سنڌ سلامت جي ساٿين ۾ جدت پيدا ڪندي ،مرڪون وکيريندا،۽ سنڌ امڙ جي سلامتي ميڙ ۾ پنهجي قيمتي راين،ادب و اصلاح،سهڻن سخنن ،قولن وفرمانن،بيتن و آيتن مطلب هر فقر سان نوازيندا،ته جيئن هي قافلو پنهجي منزل ڏانهن هلندو رهي ۽ علم و شعور جي روشني سان هڪ ٻئي کي منور ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنهجي سنڌ جي سينڌ کي انمول ستارن سان سينگاريندو هلي، ڀلي ڪري آيا
دوست ذوالفقار علي جوکئي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔