نثارناز
سينيئر رڪن
بهترين استاد، بهترين شاعر،شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو پارکو، معروف صحافي مرحوم نورمحمد نور سمون جي سنڌي ادبي شاخ پنگريو ضلع بدين طرفان ملهايل پهرين ورسي ، مرحوم جي ڪتاب ”سوچن جي سفر جي مهورت ۽ ان مهورت ۾ راڳ رنگ جي محفل جو اکين ڏٺو احوال:
جيئن ته مون هڪڙي خبر ڪجهه ڏينهن پهرين توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ ڪئي هُئي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جي سيڪريٽري محترم سليم سنڌي هڪ دعوت نامي ۽ خط ذريعي اهو ٻُڌايو هو ته سائين نورمحمد نور سمون مرحوم جي ڪتاب “سوچن جو سفر” جي مهورت ۽ مرحوم جي پهرين ورسي 24 آڪٽوبر2009 ع بروز ڇنڇر تي سنڌ لاڙ جي ٿر پَٽِيءَ سان بلڪل ويجهو شهر پنگريو ضلع بد ين ۾ ملهائي ويندي. جنهن ڏينهن مونکي اها دعوت ملي انهيءَ ڏينهن بحيثيت شاعر ۽ سنڌ سلامت جي ڪارڪنن جي حيثيت سان اها خبر مون توهان سڀني سان ونڊ ڪري ڇڏي هُئي ۽ پنهنجو اهو ذهن به تيار ڪري ڇڏيو هو ته مونکي ان تقريب ۾ هڪ شاعر ۽ سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان تقريب ۾ لازمي شرڪت ڪرڻي آهي. پر ٿيو ائين جو 23 آڪٽوبر 2009ع بروز جمع شديد بُخار جي ڪري مان اها ڳالهه ئي ڀُلجي ويس ته مونکي پنگريو ۾انهي خالص ادبي تقريب ۾ ڇنڇر بتاريخ 24 آڪٽوبر 2009 ع تي شرڪت ڪرڻي آهي. مان انهيءَ ڏينهن بخار جي ڪمزوري جي ڪري گهر جي هڪ ڇنل کٽ تي صُبح جو يارهين وڳي تائين رلي ڪيو ستو پيو هُئس ته اوچتو مُنهنجي کيسي ۾ پيل موبائيل جيڪووائبريشن مگر سائيلنس تي رکيل هو کيسي واري مطلب دل جي کاٻي پاسي ڪتڪايون ڪرڻ لڳو. مون دل نه چاهيندي به اهو موبائل ريسيو ڪيو. هيلو سر نثار توهان ڪٿي آهيو، مون آواز سُڃاتو ۽ فوري مونکي ياد آيو ته اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد شهر جي طرف لاڙ جي سُونهن ڦُليليءَ جي ڪناري تي آباد هڪ خوبصورت شهر هوسڙي ۾ رهندڙ عبدالغفور سمون کي پنگريو واري ادبي تقريب جي سنڌ سلامت لاءِ وڊيو تقريب کي ڪور ڪرڻ لاءِ سندس ڊجيٽل هينڊي ڪيم کڻي اچڻ جو ۽ گڏجي هلڻ جو چيو هو. ۽ پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان مان صُبح جو ساڍي يارهين وڳي پنگريوشهر وڃڻ لاءِ نڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. موبائل تي عبدالغفور چيو ته سائين نثار مان وعدي مطابق ٽنڊو محمد خان شهر پهچي چُڪو آهيان، ۽ ڊيجيٽل ڪيمرا به ساڻ کڻي آيو آهيان مونکي يقين آهي ته توهان پنگرئي هلڻ لاءِ تيار هوُندا، اڙي ائين چئي بخار جي ڪمزوري جي شدت کي نظر انداز ڪندي پنهنجي مٿان پيل رلي کي هڪ طرف اڇلائيندي ٽُپ ڏئي اُٿي کڙو ٿيس، مُنهنجي هوم سيڪريٽري، مطلب مُنهنجي شريڪ حيات مُنهنجي انهي ٽپ ڏيڻ تي چوڻ لڳي ته توهان آرام ڪيو ڇو اُٿيا آهيو . مون جواب ڏنومانس ته “مولائڻ” مونکي هتان کي 120 ڪلوميٽر پري شهر پنگريو هڪ ادبي تقريب ۾ لازمي شرڪت ڪرڻي آهي، عبدالغفور سمون بس در تي اجهو پهتو ئي پهتو. پر توهان کي ته شديد........... ها ها مونکي شديد بُخار هو مگر اهو ڪالهه هو.. هينئر بلڪل ٺيڪ آهيان..... سڌو غسل خاني جو رُخ رکيم ، جيستائين هوسڙي کان آيل عبدالغفور سمون مُنهنجي دروازي تي بيل ڏي تيستائين وهنجي سهنجي تيار ٿي ويس. بس پنهنجي گنج تي بچيل آخري وار کي سنوارڻ لاءِ ڪنگيءَ جا اونڌا سُبتا راڙها ڏئي رهيو هُئس ته دروازي تي بيل وڳي. مُنهنجو سڀ کان ننڍڙو پُٽ ڪاشف ٻاهر نڪتو ۽ در تان ئي آواز ڏنائين ته ابو چاچا عبدالغفور سمون توهان کي سڏي پيو. مان گهر وارن کي پردي ڪرڻ جو چيو ۽ پنهنجي وڏي پٽ محمدعلي جي نئين بنايل مٿي واري ڪمري ۾ عبدالغفور کي وٺي ويس ۽ چيومانس ته بس هلون ٿا. تيار آهيان . ڪجهه هوسڙي شهر جي باري ۾خبرون پڇيومانس. ايتري ۾ منهنجو ٻيو نمبر پُٽ فرحان علي ٿڌي پاڻي جي بوتل گلاس سميت کڻي آيو آيو، غفور کان پڇيم ته ناشتو ڪري آيو آهين، غفور چيو ته سائين ناشتو ڪري آيو آهيان، جيڪڏهن چانهه جي پيالي ملي وڃي ته مهرباني. مون فرحان کي چانهه جو چيو، ٿوري دير ۾ ئي چانهه اچي وئي ڇاڪاڻ جو جڏهن به ڪو مهمان ايندو آهي ته مسز نثارناز سڀ ڪم ڇڏي فوري طور تي رسوئي مطلب باورچي خاني جو رُخ ڪندي آهي ۽ کنڊ کير پتي ۽ پاڻي کي پاڻ ۾ مڪس ڪري چانهه ٺاهڻ جا نوان تجربا ڪندي آهي. پوءِ ڪيڏي مهل ته سندس بنايل چانهه صفا ڪوسو شربت هوندي آهي ته ڪڏهن صفا ڪوسو ڦڪو کير ۽ پتي ۽ اُٻرهيل ٻاڦ وارو پاڻي هوندو آهي پر عبدالغفور سمون جو ڀاڳ ڀلو هو جو غضب جي ڀلي ۽ بهترين چانهه مولائڻ تيار ڪري موڪلي. چانهه پيئڻ کانپوءِ مون پنهنجي اسٽل ڊجيٽل ڪئمرا انهي تقريب جي فوٽو گرافي واسطي پنهنجي شادي جي زماني واري چمڙي جي ٽُٽل ڦُٽل ٿيلهي ۾ وڌي ته عبدالغفور سمون چيو ته سائين مون وٽ بلڪل نئين هينڊي ڪيم وڊيو واسطي موجود آهي توهان پنهنجي ڪئمرا نه کڻي هلو. کيس چيم ته غفور تون هن تقريب کي “سنڌ سلامت” لائي وڊيو جي صورت ۾ ڪور ڪجان ۽ آئون اسٽل فوٽو گرافي ڪري سنڌ سلامت لاءِ تصويرون ڪڍندس. ان کان پوءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس. گهر کان ڪافي پري نڪري وياسين ته ڏٺم ته مُنهنجو ٽيون نمبر پُٽ شاهه زيب ڊوڙندو آيو، ڏٺم ته سندس هٿ ۾ منهنجي جيب خرچ وارو پرس هو، جيڪو مسز نثار ناز پنهنجي مُڙس جي بچيل کُچيل نيڪ ڪمائي کي پنهنجو حق سمجهڻ واري سُنت کي زنده ۽ برقرار رکڻ لاءِ رات جو پنهنجي موروثي ملڪيت سمجهي پاڻ وٽ رکيو هو سو ڏيندي چيائين ته ابو هي وٺو پنهنجو پرس. اڙي وڃ ڙي يار غفور سمان اسان جهونن جي حالت هاڻي وڃي اها رهي آهي جو کيسي ۾ ڍيلو به ڪونه هو ۽ مُڙس هليو هو پنگريو جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ................. عبدالغفور فوري جواب ڏنو ته سائين ڪا ڳالهه ڪانهي مُنهنجو کيسو فل لڳو پيو آهي توهان رڳو هلڻ جي ڪريو. پرس پنهنجي کيسي ۾ رکي شهر جي تين بتي چار راسته چوڪ جنهن کي هاڻي شهيد هوش محمد شيدي چوڪ چوندا آهن تي پهتاسين ۽ پنگريو واري بس اسٽاپ تي وڃڻ لاءِ في سواري ڏهه ڏهه روپيه واري ٽانگي تي سوار ٿياسين. توهان سڀني دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته زمانو ترقي ڪري وڃي ڪٿي پهتو آهي پر شهر ٽنڊو محمد خان ۾ اڃان تائين سوين ٽانگا هلندا آهن......................
باقي ڇا ٿيو سڀاڻي واري قسط ۾ پڙهندا تيستائين سائين نورمحمد نور سمون مرحوم جي ورسي ، سندس ڪتاب سوچن جو سفر ۽ راڳ رنگ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون ڏسو، جيڪي سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ محترم عبدالغفور سمون فرام هوسڙي ۽ مون مسڪين جون مشترڪا ڪاوشون آهن.
نوٽ : جيئن ته تقريب ۾ ساري رات جاڳيو آهيان اڃان تائين اک به ڪونه پوري اٿم . ايندي شرط انهي اکين ڏٺي احوال کي توهان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ساري رات جاڳڻ جي ڪري ڪجهه ٽيمپريچر به محسوس پيو ٿئي. ۽ ننڊ ۾ اکيون ڀريون پيون آهن. ان ڪري اهو احوال مڪمل ڪري نه سگهيس. توهان جون دعائون شامل حال رهيون ته انشاالله سڀاڻي شام تائين اهو احوال مڪمل اسٽل تصويرن ۽ سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو ۾ سنڌ سلامت جي پيشڪش طور وڊيو جي صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪندس بس ٿورو آرام ٿو ڪيان. ٿورو انتظار. ٺيڪ آهي........................
سائين مرحوم نورمحمد نور سمون جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ورسي واري تقريبات جو آغاز ڪيو ويو۔

ڪتاب جي مهورت ۾ محترم تاج جويو جي شرڪت

ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت ۾ محترم عبدالواحد آريسر جي شرڪت

مهورت واري تقريب ۾ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون ڄام آف سنڌ جي شرڪت

مهورت واري تقريب ۾ محترم غلام رسول سمون صدر آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جي شرڪت

ڪتاب سوچن جو سفر واري مهورت ۾ سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن جي شرڪت

ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت جنهن جناب عبدالواحد آريسر جناب تاج جويو، محترم ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون ڄام آف سنڌ ۔ جناب غلام رسول سمون صاحب ،جناب سليم سنڌي سمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو جن نمايان آهن۔

