سائين نورمحمد نور سمون مرحوم جي ڪتاب جي مهورت اکين ڏٺو احوال

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بهترين استاد، بهترين شاعر،شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو پارکو، معروف صحافي مرحوم نورمحمد نور سمون جي سنڌي ادبي شاخ پنگريو ضلع بدين طرفان ملهايل پهرين ورسي ، مرحوم جي ڪتاب ”سوچن جي سفر جي مهورت ۽ ان مهورت ۾ راڳ رنگ جي محفل جو اکين ڏٺو احوال:​

    جيئن ته مون هڪڙي خبر ڪجهه ڏينهن پهرين توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ ڪئي هُئي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جي سيڪريٽري محترم سليم سنڌي هڪ دعوت نامي ۽ خط ذريعي اهو ٻُڌايو هو ته سائين نورمحمد نور سمون مرحوم جي ڪتاب “سوچن جو سفر” جي مهورت ۽ مرحوم جي پهرين ورسي 24 آڪٽوبر2009 ع بروز ڇنڇر تي سنڌ لاڙ جي ٿر پَٽِيءَ سان بلڪل ويجهو شهر پنگريو ضلع بد ين ۾ ملهائي ويندي. جنهن ڏينهن مونکي اها دعوت ملي انهيءَ ڏينهن بحيثيت شاعر ۽ سنڌ سلامت جي ڪارڪنن جي حيثيت سان اها خبر مون توهان سڀني سان ونڊ ڪري ڇڏي هُئي ۽ پنهنجو اهو ذهن به تيار ڪري ڇڏيو هو ته مونکي ان تقريب ۾ هڪ شاعر ۽ سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان تقريب ۾ لازمي شرڪت ڪرڻي آهي. پر ٿيو ائين جو 23 آڪٽوبر 2009ع بروز جمع شديد بُخار جي ڪري مان اها ڳالهه ئي ڀُلجي ويس ته مونکي پنگريو ۾انهي خالص ادبي تقريب ۾ ڇنڇر بتاريخ 24 آڪٽوبر 2009 ع تي شرڪت ڪرڻي آهي. مان انهيءَ ڏينهن بخار جي ڪمزوري جي ڪري گهر جي هڪ ڇنل کٽ تي صُبح جو يارهين وڳي تائين رلي ڪيو ستو پيو هُئس ته اوچتو مُنهنجي کيسي ۾ پيل موبائيل جيڪووائبريشن مگر سائيلنس تي رکيل هو کيسي واري مطلب دل جي کاٻي پاسي ڪتڪايون ڪرڻ لڳو. مون دل نه چاهيندي به اهو موبائل ريسيو ڪيو. هيلو سر نثار توهان ڪٿي آهيو، مون آواز سُڃاتو ۽ فوري مونکي ياد آيو ته اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد شهر جي طرف لاڙ جي سُونهن ڦُليليءَ جي ڪناري تي آباد هڪ خوبصورت شهر هوسڙي ۾ رهندڙ عبدالغفور سمون کي پنگريو واري ادبي تقريب جي سنڌ سلامت لاءِ وڊيو تقريب کي ڪور ڪرڻ لاءِ سندس ڊجيٽل هينڊي ڪيم کڻي اچڻ جو ۽ گڏجي هلڻ جو چيو هو. ۽ پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان مان صُبح جو ساڍي يارهين وڳي پنگريوشهر وڃڻ لاءِ نڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. موبائل تي عبدالغفور چيو ته سائين نثار مان وعدي مطابق ٽنڊو محمد خان شهر پهچي چُڪو آهيان، ۽ ڊيجيٽل ڪيمرا به ساڻ کڻي آيو آهيان مونکي يقين آهي ته توهان پنگرئي هلڻ لاءِ تيار هوُندا، اڙي ائين چئي بخار جي ڪمزوري جي شدت کي نظر انداز ڪندي پنهنجي مٿان پيل رلي کي هڪ طرف اڇلائيندي ٽُپ ڏئي اُٿي کڙو ٿيس، مُنهنجي هوم سيڪريٽري، مطلب مُنهنجي شريڪ حيات مُنهنجي انهي ٽپ ڏيڻ تي چوڻ لڳي ته توهان آرام ڪيو ڇو اُٿيا آهيو . مون جواب ڏنومانس ته “مولائڻ” مونکي هتان کي 120 ڪلوميٽر پري شهر پنگريو هڪ ادبي تقريب ۾ لازمي شرڪت ڪرڻي آهي، عبدالغفور سمون بس در تي اجهو پهتو ئي پهتو. پر توهان کي ته شديد........... ها ها مونکي شديد بُخار هو مگر اهو ڪالهه هو.. هينئر بلڪل ٺيڪ آهيان..... سڌو غسل خاني جو رُخ رکيم ، جيستائين هوسڙي کان آيل عبدالغفور سمون مُنهنجي دروازي تي بيل ڏي تيستائين وهنجي سهنجي تيار ٿي ويس. بس پنهنجي گنج تي بچيل آخري وار کي سنوارڻ لاءِ ڪنگيءَ جا اونڌا سُبتا راڙها ڏئي رهيو هُئس ته دروازي تي بيل وڳي. مُنهنجو سڀ کان ننڍڙو پُٽ ڪاشف ٻاهر نڪتو ۽ در تان ئي آواز ڏنائين ته ابو چاچا عبدالغفور سمون توهان کي سڏي پيو. مان گهر وارن کي پردي ڪرڻ جو چيو ۽ پنهنجي وڏي پٽ محمدعلي جي نئين بنايل مٿي واري ڪمري ۾ عبدالغفور کي وٺي ويس ۽ چيومانس ته بس هلون ٿا. تيار آهيان . ڪجهه هوسڙي شهر جي باري ۾خبرون پڇيومانس. ايتري ۾ منهنجو ٻيو نمبر پُٽ فرحان علي ٿڌي پاڻي جي بوتل گلاس سميت کڻي آيو آيو، غفور کان پڇيم ته ناشتو ڪري آيو آهين، غفور چيو ته سائين ناشتو ڪري آيو آهيان، جيڪڏهن چانهه جي پيالي ملي وڃي ته مهرباني. مون فرحان کي چانهه جو چيو، ٿوري دير ۾ ئي چانهه اچي وئي ڇاڪاڻ جو جڏهن به ڪو مهمان ايندو آهي ته مسز نثارناز سڀ ڪم ڇڏي فوري طور تي رسوئي مطلب باورچي خاني جو رُخ ڪندي آهي ۽ کنڊ کير پتي ۽ پاڻي کي پاڻ ۾ مڪس ڪري چانهه ٺاهڻ جا نوان تجربا ڪندي آهي. پوءِ ڪيڏي مهل ته سندس بنايل چانهه صفا ڪوسو شربت هوندي آهي ته ڪڏهن صفا ڪوسو ڦڪو کير ۽ پتي ۽ اُٻرهيل ٻاڦ وارو پاڻي هوندو آهي پر عبدالغفور سمون جو ڀاڳ ڀلو هو جو غضب جي ڀلي ۽ بهترين چانهه مولائڻ تيار ڪري موڪلي. چانهه پيئڻ کانپوءِ مون پنهنجي اسٽل ڊجيٽل ڪئمرا انهي تقريب جي فوٽو گرافي واسطي پنهنجي شادي جي زماني واري چمڙي جي ٽُٽل ڦُٽل ٿيلهي ۾ وڌي ته عبدالغفور سمون چيو ته سائين مون وٽ بلڪل نئين هينڊي ڪيم وڊيو واسطي موجود آهي توهان پنهنجي ڪئمرا نه کڻي هلو. کيس چيم ته غفور تون هن تقريب کي “سنڌ سلامت” لائي وڊيو جي صورت ۾ ڪور ڪجان ۽ آئون اسٽل فوٽو گرافي ڪري سنڌ سلامت لاءِ تصويرون ڪڍندس. ان کان پوءِ ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس. گهر کان ڪافي پري نڪري وياسين ته ڏٺم ته مُنهنجو ٽيون نمبر پُٽ شاهه زيب ڊوڙندو آيو، ڏٺم ته سندس هٿ ۾ منهنجي جيب خرچ وارو پرس هو، جيڪو مسز نثار ناز پنهنجي مُڙس جي بچيل کُچيل نيڪ ڪمائي کي پنهنجو حق سمجهڻ واري سُنت کي زنده ۽ برقرار رکڻ لاءِ رات جو پنهنجي موروثي ملڪيت سمجهي پاڻ وٽ رکيو هو سو ڏيندي چيائين ته ابو هي وٺو پنهنجو پرس. اڙي وڃ ڙي يار غفور سمان اسان جهونن جي حالت هاڻي وڃي اها رهي آهي جو کيسي ۾ ڍيلو به ڪونه هو ۽ مُڙس هليو هو پنگريو جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ................. عبدالغفور فوري جواب ڏنو ته سائين ڪا ڳالهه ڪانهي مُنهنجو کيسو فل لڳو پيو آهي توهان رڳو هلڻ جي ڪريو.
    پرس پنهنجي کيسي ۾ رکي شهر جي تين بتي چار راسته چوڪ جنهن کي هاڻي شهيد هوش محمد شيدي چوڪ چوندا آهن تي پهتاسين ۽ پنگريو واري بس اسٽاپ تي وڃڻ لاءِ في سواري ڏهه ڏهه روپيه واري ٽانگي تي سوار ٿياسين. توهان سڀني دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته زمانو ترقي ڪري وڃي ڪٿي پهتو آهي پر شهر ٽنڊو محمد خان ۾ اڃان تائين سوين ٽانگا هلندا آهن......................
    باقي ڇا ٿيو سڀاڻي واري قسط ۾ پڙهندا تيستائين سائين نورمحمد نور سمون مرحوم جي ورسي ، سندس ڪتاب سوچن جو سفر ۽ راڳ رنگ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون ڏسو، جيڪي سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ محترم عبدالغفور سمون فرام هوسڙي ۽ مون مسڪين جون مشترڪا ڪاوشون آهن.
    نوٽ : جيئن ته تقريب ۾ ساري رات جاڳيو آهيان اڃان تائين اک به ڪونه پوري اٿم . ايندي شرط انهي اکين ڏٺي احوال کي توهان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ساري رات جاڳڻ جي ڪري ڪجهه ٽيمپريچر به محسوس پيو ٿئي. ۽ ننڊ ۾ اکيون ڀريون پيون آهن. ان ڪري اهو احوال مڪمل ڪري نه سگهيس. توهان جون دعائون شامل حال رهيون ته انشاالله سڀاڻي شام تائين اهو احوال مڪمل اسٽل تصويرن ۽ سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو ۾ سنڌ سلامت جي پيشڪش طور وڊيو جي صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪندس بس ٿورو آرام ٿو ڪيان. ٿورو انتظار. ٺيڪ آهي........................

    سائين مرحوم نورمحمد نور سمون جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ورسي واري تقريبات جو آغاز ڪيو ويو۔ ​


    [​IMG]

    ڪتاب جي مهورت ۾ محترم تاج جويو جي شرڪت​


    [​IMG]

    ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت ۾ محترم عبدالواحد آريسر جي شرڪت​


    [​IMG]

    مهورت واري تقريب ۾ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون ڄام آف سنڌ جي شرڪت​


    [​IMG]

    مهورت واري تقريب ۾ محترم غلام رسول سمون صدر آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جي شرڪت​


    [​IMG]

    ڪتاب سوچن جو سفر واري مهورت ۾ سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن جي شرڪت​


    [​IMG]

    ڪتاب سوچن جو سفر جي مهورت جنهن جناب عبدالواحد آريسر جناب تاج جويو، محترم ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون ڄام آف سنڌ ۔ جناب غلام رسول سمون صاحب ،جناب سليم سنڌي سمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو جن نمايان آهن۔​


    [​IMG]


    [​IMG]
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين ماشاءَ الله تمام بهترين نموني توهان هن پروگرام جي تمهيد پيش ڪئي آهي، توهان گهران نڪرڻ جي حوال ۾ 20 سطرون لکيون آهن، پروگرام ته پوءِ ڪتاب جي صفحن جيترو ئي لکندو۔۔۔
    پر سائين اديب ۽ شاعر جو ڪم ۽ نشاني اها ئي هوندي آهي ته هر شئي کي پيش ڪري ٿو۔۔
    بهترين نموني توهان اسان کي آگاهه ڪيو آهي۔۔ ۽ تصويرن مان ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان پاڻ شريڪ آهيون هن تقريب ۾۔۔۔۔
    باقي سائين توهان پرس وساري وڃو ها ته پوءِ ڏاڍي ٿئي ها۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين چوندا آهن ته ٻين جا دوست پري پر اسان سان ته ساڻ آهن :D:D:D:D

    وڌيڪ توهان سمجهدار آهيو :D:D:D:D


    suhnan saan

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا اسد چواڻي لڳي ائين ئي ٿو ڄڻ اسان خود ان تقريب ۾ شريڪ آهيون

    اهڙي بهترين شيئرنگ بهترين نموني سان شيئر ڪرڻ تي توهان کيرون کنڊون لهڻو .

    دعائڻ ۾ ياد
     
  6. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    shabash زبردست شيئرنگ
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    hall charihall chari
    ادو ڳالهه کولي ڪندو ڪرينس۔۔۔ اسان جي مغز مٿان ڳالهه گذري وئي
     
  8. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين ڪيمرا ته توهان جي هٿ ۾ آهي باقي توهان جو فوٽو ڪنهن ڪڍيو.........
    باقي سائين رپورٽ واهه جي هنئي اٿوَ... مهرباني سائين اهڙي ونڊ ڪرڻ جي
     
  9. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين lajwab-sharinglajwab-sharing
    sadayeen gud
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سمان صاحب تُنهنجي انهي ءَ واهه واهه تان مان نثار۔ مهرباني
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي۔ مهرباني جو مُنهنجي هن اڌوري اکين ڏٺي احوال کي تو پسند ڪيو، مٺا تنهنجي مهرباني جو مونکي اديب به بنائي ڇڏيو ۽ شاعر به، پر سچي ڳالهه اها آهي، ته شاعري واري ڪا شيءَ ۽ ادب واري الف بي به مون وٽ ڪونهي۔ ڪجهه اکرن کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان ڪو شاعر ٿورئي ٿي پوندس۔ مُنهنجو خود خيال آهي ته هن اکين ڏٺي احوال کي ڪتاب وارو رنگ ڏيان پر وري ڊڄان ٿو ته ڪٿي پڙهي پڙهي بور ٿي نه پئو۔ان کان علاوه صحت اجازت به ڪونه پئي ڏي ۔ ان ڪري اڄ هن اکين ڏٺي حوال جي ٻي قسط يا آخري حصو ڪمپوز ڪري نه سگهيس۔۔ باقي توهان واقعي سچ ٿا چئو جي مون واري مولائڻ اهو پرس موڪلي نه ڏي ها ته پريشان ٿيڻ فطري ڳالهه هُئي۔ بلڪل ادا مون سان ڏاڍي ٿئي ها۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا اسد جي چواڻي ۾ واقعي دم آهي، توهان سڀني دوستن طرفان هڪ حقير ڪارڪن جي حيثيت سان مُنهنجي شرڪت بلڪل ائين سمجهي وڃي ته توهان سڀ ان تقريب ۾ موجود هُئا۔ ان تقريب ۾ سائين عبدالواحدر آريسر ، تاج جويو کان وٺي جنهن به ادبي دوست سان مُنهنجي ملاقات ٿي ان کي مون سنڌ سلامت جي باري ۾ ضرور ٻُڌايو هو۔ بهرحال تنهنجي مهرباني جو کيرون ۽ کنڊون مون سان لهڻو پيا۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا احسان توهان جهڙا زبردست ماڻهو ئي اسان جهڙي اڀرن ماڻهن جي ڪاوشن کي زبردست چوندا آهن۔ مهرباني۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت توهان شايد مون واري اڌوري هن رپورٽ جي آخر ۾ اهو پڙهيو ئي ڪونهي ته هي تصويرون مُنهنجي ۽ مون سان هلندڙ دوست عبدالغفور سمون فرام هوسڙي جون مشترڪا ڪوششون آهن۔ ان ڪري اها ڳالهه ڪليئر آهي ته هن حقير جي هٿ ۾ جيڪا ڪئمرا واري تصوير آهي سان عبدالغفور سمون پنهنجي هينڊي ڪيم ڪئمرا مان ورتي هُئي۔ جيڪا صرف سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪرڻ واسطي هتي مون ڏني ۔ باقي رپورٽ جو ونڊڻ توهان کي وڻيو۔ ان لاءِ ٿورائتو آهيان۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    عظيم سائين توهان جو ٿورائتو آهيان جو مُنهنجي هن ڪاوش کي توهان بهتر سمجهي پنهنجا ڪامينٽس ڏنا۔ لک لائق ڪروڙين قُرب۔
     
  16. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين پنهنجي واتان ڀلا پنهنجي تعريف ڪير ڪندو آهي؟... يقينن اهوئي ڪندو جنهن کي ان ڪم جي ڄاڻ نه هوندي آهي.... توهان ته سائين اسان جي علم جي خزانا آهيو... توهان ئي ته آهيو جنهن جو هٿ پڪڙي اسين وڌيڪ خراب ٿينداسينkhil sahi مطلب ادب جو الف کان ي تائين پتو ڪنداسين

    الله توهانجي صحت ۾ وڌيڪ سڌار آڻيندو ۽ توهان جلد کان جلد صحتياب ٿي. اوطاق تي سڄو ڏينهن اچي ويهندا..........
     
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين هميشه جيان توهان جي صحتيابي لاءِ اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن ....
    اڄ ڪالهه نيٽ تي ويهڻ لاءِ وقت هر ڪنهن وٽ گهٽ آهي جنهن ڪري ڪنهن به تحرير کي مڪمل پڙهڻ مشڪل ٿيو وڃي... پر توهان جي لکائي جي هن لاجواب انداز سموري ساٿ وانگر مونکي به لفظ لفظ پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو....
    جڏهن باقي ڇاٿيو تي پهتس ته توهان جي تقريب جي اکين ڏٺي احوال جي ٻي قسط جو انتظار وڌي ويو...
    توهان جي ڪيمرا ذريعي نڪتل تصويرن جو نظارو وڻيو پر يقينن اهڙي پروگرام ۾ تقريرن ڪتاب تي تجزين ۽ تبصرن کانسواءِ يقينن راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي هوندي .... اهو ٻڌايو ته ادا عبدالغفور سمون جي ڪيمرا جواب ته نه ڏئي وئي... يا وري دير ٿيڻ جو سبب سنڌ سلامت جو لوگو ڏئي وڊيو جي صورت بڻائڻ آهي... جي ائين آهي ته سنڌ سلامت سٽوڊيو جي ايندڙ پيشڪش پڻ لاجواب هوندي....
    آخر ۾ عرض ته سائين نور محمد سمون جي ڪتاب مان ڪجهه اقتباس ملي سگهي ته اصل مزو اچي ويندو ..... باقي سندس ڪتاب جي هڪ ڪاپي مون لاءِ ته توهان اڳ ئي رکي ڇڏي هوندي.....
    توهان جي موٽ جا منتظر رهنداسين
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين لَکَ قُرب جو توهان اسان جي هن ننڍڙي راءِ کي اهميت ڏني۔۔
    سائين لکڻ وارو پاڻ ڪجهه به چوي پر سندس لفظ ضرور ڳالهائيندا آهن۔۔ سائين توهان جيترو به حال احوال هن تقريب جو هن فورم تي شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔ اسان توهان جي هر لائن کي دل چسپيءَ سان پڙهنداسين۔۔ هو چوندا آهن نه ته ڳٺڙي کي ڏسڻ سان خبر پئجي ويندي آهي ته اندر ڇا اٿس۔۔ اهڙي طرح توهان جي تمهيد سان اسان کي خبر پئجي وئي ته توهان اسان سان ڪيترو نه بهترين ونڊ ڪرڻ وارا آهيو۔۔۔ اسان کي انتظار رهندو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو