کدڙن کي مارڻ وڏو ڏوه آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ AZAM AFZAL طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    کاله رات مون جڏهن!
    پنهنجي بندوق ۾ ڪارتوس ڀري،
    پنهنجي چائنٺ کي اورانگيو پئي
    تڏهين منهنجي جيجل امڙ
    مونکي روڪيندي چيو ته
    پٽ ائين نه ڪر، اهو ڏوه آهي !!
    مون چيو ته امان ڇو ڏوه آهي
    هنن ته سنڌ امڙ جي عزت کپائي آهي
    پوءِ انهن کي مارڻ ته جائزآهي او امان
    جي پٽ مارڻ جائز نه پر فرض آهي پر!!!!
    مون پڙهيو آهي ته
    کدڙن کي مارڻ وڏو ڏوه آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    کدڙا ڪڏهن ڪنهن جو حق ڪو نه کائيندا آهن،کدڙا ڪڏهن ماء ڪو نه کپائيندا آهن،کدڙا پنهجي فائدي لاء پنهجا ساٿي ڪو نه ڪهائيندا آهن،
    اهي جنگلي بگهڙ آهن جن کي مارڻ ثواب آ،اهي اصل ڌاڙيل آهن جن پوري سنڌ لٽي آهي ،انهن جي ٽولي ۾ شامل ڪنگال اڄ ڪروڙ پتي آهن،ڇا اهي ان لائق آهن ۔
    جن هر هڪ کاتي ۾ پنهجي ماروئڙن کي ڦريوآهي ۔اهو ڪو ادارو ٻڌايو جتي سنڌي ماڻهو وڃي ۽ ذليل نه ٿئي۔
    سوا رشوت ڏيڻ جي ڪو ڪم نٿو ٿئي هر کاتو هنن جي پنهجي جاگير ٿي ويو آهي،،هنن وزيرن پاڻ ته جيڪي ڪيو سو ڪيو پر انهن جي پُٽن ،زالن ۽ ڌيئرن به دڪان کوليا آهن جتي هر ڪم پئسن سان ٿو ٿئي۔هيڙا ڪميڻا ڪڏهن ڪو نه ٻڌاسين ،
    وڏا بدنصيب آهيون اسين ۽ اسان جو اولاد جن کي اسان اهڙن حرامين جي حڪومت عطا ڪئي،
    ۽ افسوس جو پنهجي اولاد کي ٻڌائڻ لاء سواء شرمساري جي ٻيو ڪجه به ڪونهي،
    اسان پنهجن فائدن ۾ انڌا ٿي قوم جي هن نسل کي حقيقي غلامي سان همڪنار ڪيو آ
    هنن حرامين هاڻي جي ماڻهن کي ته جيئڻ جهڙو ڇڏيو ئي ناهي پر هنن ايندڙ نسل جو به سودو ڪري ڇڏيو آهي،
    کدڙا ته خيرخواه هوندا آهن ،اولاد لاء دعاگو هوندا آهن،
    کدڙا اهي نه پر اسان آهيون
    جيڪي تاڙيون وڄائڻ ۾ مشغول آهيون ۔ڪلهه به وڄايون سين ،دنيا کي ڏيکاريوسين ته اسان اڃان نچون ٿا،
    اهي کدڙا نه۔ اهي دلا آهن ، جن قوم کي کدڙو سمجهو آهي
    هر ڪو پيو ٿو لٽي
    هڪ نگاه ڏسو ته سهي هن قوم کي خدارا
    هن جي بيوسي،سادگي،سستي، ڪاهلي، بي رخي،ڇا چوان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪنهنتي اعتبار ڪيان
    افسوس ته ڪي نام نهاد ليڊر بنجي پنهجي قوم جي عزتن جا لٽيندڙ ته ڪي دولت جا لٽيرا ،ته ڪي احساسن جا لٽيرا،هر طرف کان لٽيندڙ ڪاهي پيا آهن
    ڪنهن کي چوان منهجو،ڪير آهي منهجو؟
    وڄايو تاڙيون،ڪڏهن هي ٿا چون،ڪڏهن هو ٿا چون، ،،،،، اسين ته تاڙيون ئي وڄائيندا رهيا آهيون
    تڏهن ئي سڀن سمجهو آ
    ته
    اسين ئي کدڙا آهيون،هي قوم ،،،،،،،،،،،،
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڳالهيون ته سڀ سچيون آهن پر ڪيون ڇا؟ قومپرستن جو ڪردار به سڀني جي سامهون آهي، فرشتا ڪٿان آڻجن۔۔
    هتي اليڪشن ۾ هڪڙو چور آهي ته ٻيو ڌاڙيل۔۔ هاڻي ووٽ ڏجي ته ڪنهن کي۔۔ جيڪڏهن چور کي ٿا ووٽ ڏيون ته هو اليڪشن کٽڻ کان پوء ڌاڙيل ٿي ٿو وڃي۔۔ هاڻي وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي۔۔ آهي ڪا واه؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. AZAM AFZAL

    AZAM AFZAL
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2012
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    لآڙڪآڻو
    سائين خاموش نياپو آهي
    مون خود کدڙا صرف اڄ جي ظالم حڪمرانن کي چيو آهي باقي جيڪي توهان کدڙاه سمجهيا آهن آهي ته فقيرکدڙا آهن۔
    سنڌ کي کپائڻ
    سنڌ کي ورهائڻ
    فقير کدڙڻ جو ڪم ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو