ڪافي عرصي کان وٺي هڪ پراجيڪٽ ذهن ۾ هو رمضان ۾ سائين عبدالرشيد جن سان به شيئر ڪيم پاڻ به ان ۾ دلچسپي ڏيکاريائون ۽ سائين محمد سليمان جن سان به ان متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڻ به تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي صلاح ڏنائون ليڪن ڪجهه مصروفيتن جي ڪري ان تي تفصيلي گفتگو نه ٿي سگهي وچ ۾ سائين عبدالرشيد جن جي برادر محترم وحيد سمون جي شادي جو مسئلو اچي ويو بهرحال دير آيد درست آيد جي مصداق تحت سڄي سنگت کي هيء خوشخبري ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت جي طرفان پهريون مين پراجيڪٽ الله جي ڪلام پاڪ جو سنڌي ۾ سافٽويئر ٺاهڻ جي ابتدا ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سنڌي ۾ مڪمل قرآن پاڪ جو ترجمون ۽ تفسير جيڪو حضرت علامه محمد ادريس ڏاهري جن جو لکيل آهي ان جي سافٽ ڪاپي ٺاهي سنڌي ٻوليء ۾ اسلامي معلومات جي فروغ جي ڪوشش جي طرف قدم وڌائيندي هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي ان پروجيڪٽ تي تقريبا هڪ لک روپيه خرچ ٿيندو. ڇو جو پهريائين تفسير جيڪو 9 جلد تقريبا 5000 پيج آهي ان سڄي سيٽ جو پهريائين فوٽو ڪاپي ڪرائي پوء ان کي ٻيهر ڪمپيوٽر تي لکرائڻ لاء ڏنو ويندو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيڻ بعد وري اها ڪمپوز ٿيل ميٽر پرنٽ ٿي اسان کي ملندو ان ۾ درستگيون ڪري وري ڪمپوزر کي ڏنو ويندواهڙي طرح ٻيهر پروف ريڊنگ ٿيندي بعد ۾ فائنل ڪاپي سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ سافٽويئر جي لاء سافٽويئر ٺاهڻ واري اداري کي ڏني ويندي. ڪمپوزنگ 5000 پيج 20 روپيه في پيج ته لک روپيه ته اهو ٿيندو ليڪن ان ۾ ديني ڪم جي ڪري اگر ڪجهه رعايت ٿئي تڏهن به 10000 ڪاغذ به گهرجن ان سڄي ڪم لاء سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هن نيڪ ڪم ۾ جيتري قدر ٿي سگهي تعاون ڪرڻ فرمائين ضروري نه آهي ته پئسا ڏين ليڪن اگر ڪو دوست ڪمپوزنگ ڄاڻي ٿو ته ان کي ڪجهه حصو ڏنو ويندو جيڪو ڪمپوز ڪري ڏئي يا وري ڪو دوست ڪنهن اداري ۾ آهي ۽ اتي فوٽو ڪاپي جي سهولت آهي ته تفسير جوجيترو حصو فوٽو ڪاپي ڪري ڏئي سگهي ان طرح مدد ڪري اميد ته سڀ دوست ان ڪار خير ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا. سڀ کان پهريان ان ڪار خير ۾ منهنجي طرفان 5000 روپيه 1. مولوي رحيم بخش 5000 پنج هزار روپيه. 2۔ محترم ايس ايم درس صاحب 500 روپيه۔ 3۔ محترم محمد سليمان وساڻ صاحب 15000 پندرهن هزار روپيه۔ 4۔ محترم حڪيم عبدالقادر سولنگي صاحب 1000 هڪ هزار روپيه۔ 5۔ محترم اسد مير جت عرف مست صاحب 2000 ٻه هزار روپيه۔ 6۔ محترم ذيشان رشيد صاحب 5000 پنج هزار روپيه۔ 7۔ محترم اياز احمد سومرو صاحب 500 روپيه۔ 8۔ محترم صوفي چانڊيو صاحب 1000 روپيه ماشآء الله هن وقت تائين اسان وٽ دوستن 30000 روپين جو ڊونيٽ ڏيڻ جي آفر ڪري چڪا آهن ڪجهه دوست ڏئي به چڪا آهن باقي دوستن کي هن نيڪي جي ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت عرض رکجي ٿي ۔
تمام سٺو اللۡه پاڪ توهان کي اڃان به وڌيڪ همٿ ۽ سگهه ڏي۔ منهنجي پاران 500 روپيه توهان تائين ڪيئن موڪلجن۔ مهرباني ڪري ضرور ٻڌائيندو۔
محترم ڀاء ايس ايم درس پيارا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ترت جواب جي عنايت ڪئي ۽ پنهنجي طرفان هن خير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ جي به آڇ ڪئي ۔ ائين قطره قطره سمنڊ ٿي پوندو انشآء الله پئسن وصول ڪرڻ لاء محترم جناب ائڊمين جن جلد ئي ڪو طريقو ٻڌائيندا ۽ انشآء الله ان پراجيڪٽ تي تڪڙو ڪم شروع ٿي ويندو۔
جزاڪم الله سائين تمام بهترين ڪم آهي اردو ۾ کوڙ سارا قرآن شريف جا سافٽويئر آهن جيئن الذکر يسرنا القرآن خزينه الهدايه وغيره ليڪن سنڌي ۾ فقط ترجمون نظر کان گذريو آهي مڪمل تفسير اڃا تائين نظر نه آيو آهي اگر اهو سافٽويئر ٺهي وڃي ته آئنده هميشه لاء ڀلو ٿي پوندو۔ الله توهان کي جزاء خير عطا فرمائي۔
فوٽواسٽيٽ جو خرچ بچائڻ لاءِ هڪڙي قرباني هن طرح ڏئي سگهجي ٿي ته هيءُ تفسير پي ڊي ايف جي صورت ۾ ڪنهن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهي، جيڪڏهن اُتان ڊائون لوڊ ڪري، ڪو دوست ڊائريڪٽ ڪمپوزنگ شروع ڪري ڏئي، يا وري ان جي پرنٽ ڪڍي، پوءِ ڪمپوزنگ ڪري ته اها پڻ سندس سٺي مدد ٿي پوندي۔ 9 جلدن ۾ تفسير هن سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهي: http://www.maktabah.org/quran/tafsir.html
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ تجويز اها پڻ آئي ته جيئن ته مذڪور تفسير هڪ مقرر سائيز ۾ سيٽ ٿيل آهي، انهيءَ ڪري ان جا 5000 صفحا بيٺا آهن، پر جڏهن ڪمپوزر کي ڪمپوزنگ لاءِ ڏبو، ته اهو اي4 سائيز ۾ هوندو، انهي ڪري ڪمپوزنگ ۾ صفحن جو تعداد پڻ گهٽجي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪري خرچ پڻ ڪجهه گهٽبو۔
سائين جزاڪ الله ۔۔۔۔۔ تمام سٺو ڪم اسان جي دوست ابو واصف جون انتهائي اهم ۽ مفيد ڳالهيون پڻ نوٽ ڪيوسين۔ مان پنهنجي پاران پندرنهن هزار روپيه ڏيڻ لاء تيار آهيان ۽ ڪوشش ڪبي ته ڪجهه ٻين دوستن کان به هن نيڪ ڪم ۾ مدد حاصل ڪجي۔ سائين رحيم بخش صاحب اوهان شروعا ت ڪئي ۔۔۔۔ رب پاڪ ضرور مدد ڪندو
سائين اوهان جي مهرباني جو توهان قابل قدر مشورا عنايت ڪيا ، انشآء الله تعالى اسان توهان سڀ گڏجي ان ڪم کي اڳتي ڪنداسين اهو سڄو تفسير مون وٽ پي ڊي ايف فارميٽ ۾ هارڊ ڊسڪ ۾ سيو ٿيل آهي ليڪن جن دوستن سان ڪمپوزنگ لاء ڳالهه ٻولهه ٿي آهي انهن جو چوڻ آهي ته اسان کي پنن جي صورت ۾ کپي جو انهن تان ڏسي ڪمپوز ڪرڻ آسان ٿيندو ڪمپيوٽر تان ڏسي آساني نه ٿيندي ان ۾ ايترو تيزي سان نه لکي سگهبو ۽ جُلد ۾ بائنڊنگ جي صورت ۾ به اسان کي ڏکيو لڳندو جو اسان هڪ واليم کي ٻٽن حصن ۾ ورهائي ڪمپوز ڪنداسين۔ ان متعلق جيڪي دوستن جا مفيد مشورا هوندا ان متعلق سڀ دوست نظر ثاني ڪري ڪو لائحه عمل تيار ڪنداسين۔
تمام گهڻي خوشي جي ڳالھ آهي ، ان سلسلي ۾ اوهان سان ضرور تعاون ڪنداسين هر حال ۾ ، وڌيڪ اوهانسان فون تي گفتگو ڪبي ، ان شاءُ الله
هن خير جي ڪم ۾ جيترو ممڪن آهي وڌيڪ تعاون جي ڪوشش ڪبي۔۔۽ ويجهن دوستن مائٽن کي به هن نيڪي جي ڪم جي دعوت ڏبي 2000 هن مست جي طرفان
محترم جمالي صاحب انشآء الله تعالى جلدي ايڊمين صاحب جن ڪو اڪائونٽ وغيره ٺاهي دوستن کي پئسن موڪلڻ لاء رهنمائي ڪندا۔
پاڻ به هن سهڻي عمل ۾ حصو ضرور وٺنداسون ۔۔۔۔ هر طرح سان ۔۔۔ لکڻ کان آنلائين ڪرڻ تائين جو ساٿ رهندو ۔۔۔ اوهان جي صدقي الله جي ڪلام جي جيتري به خدمت ڪبي سا گهٽ ۔۔۔ آ حاضر آهيان ۔۔۔ پي ڊي ايف فائيل کي ڊائونلوڊ ڪري پرنٽ ڪري لکڻ شروع ڪبو اهو به مڪي پاڪ ۾ ۔۔۔۔ پئسن جي حساب سان به هر حال ۾ گڏ رهبو ۔۔۔ شل نصيب ٿئي۔ جڏهن دوست لکڻ شروع ڪن ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو بيان ڪري ته جيئن ڪم آسان ٿي پوي ۔۔۔ رب العالمين هن عمل ۾ اسانجي مدد ڪري ۔۔۔ آمين
سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔۔ جن دوستن سان هن پروجيڪٽ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ صلاحون ورتيون۔۔۔ جيئن ته هي پروجيڪٽ وقت ۽ پيسو گهرندڙ آهي ۔۔۔ ان ڪري هن موضوع کي لڳاتار اپڊيٽ رکڻ ۽ پروجيڪٽ جي مرحلن کي دوستن اڳيان پيش ڪرڻ ضروري رهندو۔۔۔ خالص نيڪ نيتي تي مشتمل هن پروجيڪٽ جو انچارج محترم رحيم بخش جن پاڻ ئي آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت جا سمورا رڪن کين جا سهڪاري آهن۔۔ اميد ته دوستن جي تعاون سان بظاهر مشڪل نظر ايندڙ هي پروجيڪٽ نيٺ مڪمل ٿيندو۔۔۔ دوستن کي درخواست آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ جهڙي به طرح مدد ڪري سگهن۔۔ مدد ڪن۔۔۔ يعني هن پروجيڪٽ ۾ رقم سان گڏو گڏ هيٺين طريقن سان به مدد ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ ترجمي ۽ تفسير جي پرنٽ ڪڍڻ لاءِ اي فور سائيز جي پيپر جو خريد ڪري ڏيڻ۔۔۔ ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصن جي پرنٽ ڪڍي ڏيڻ۔۔۔ پاڻ يا ڪنهن عزيز کان ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصي کي ٽائيپ ڪرائي ڏيڻ۔۔۔ پروفيشنل ڪمپوزر سان رعايتي اگهن سان ٽائيپنگ طئي ڪرائي ڏيڻ۔۔۔ يا ان کانسواءِ جنهن طرح سان به دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائي سگهن ۔۔۔ چوندا آهن ته اگهي ته پاء نه ته مڻن کي موٽ۔۔۔ سو دوستو هن دنيا ۾ ڪيل توهان جي هي نيڪي جي اگهي وئي ته دنيا ته دنيا آخرت به سنورجي ويندي۔۔۔ جن دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ چاهيو آهي انهن کي ترت طريقو ڪچهري ۾ موڪليو ويندو۔۔۔ سائين رحيم بخش جن کي عرض آهي ته سهڪار ڪندڙن دوستن ڏانهن پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائيل نمبر شناختي ڪارڊ نمبر سان ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن دوست پنهنجي سهولت آهر پيسا موڪلي سگهن ۔۔۔ ان سلسلي ۾ منهنجا به ٽن بينڪن ۾ کاتا موجود آهن جيڪي توهان کي ڪچهري ۾ موڪليندس ته جيئن دوست گهٽ خرچ سان پنهنجو تعاون توهان تائين پهچائي سگهن۔۔۔ مان پنهنجي طرفان به هن نيڪ ڪم ۾ 5000 شامل ڪريان ٿو۔۔
سائين توهان جي مهرباني جو توهان دوستن جي رهنمائي ڪئي جن دوستن مٿي آفر پيش ڪئي آهي انهن کي ۽ ٻين کي ڪچهري ۾ شامل ڪري ڪچهر يء جو هڪ گروپ ٺاهيو ته جيئن ان ڪم کي جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي جلد شروع ڪري سگهجي۔ جيئن ته توهان جي صلاح سان جن دوستن جو ڪنهن ڪمپوزر سان واسطو آهي ته اهو ان سان رعايت طور اگهه طئه ڪري اسان کي ٻڌائي ته ان سان رابطو ڪري ڪم کي باقاعده شروع ڪري سگهجي۔