سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔۔ جن دوستن سان هن پروجيڪٽ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ صلاحون ورتيون۔۔۔
جيئن ته هي پروجيڪٽ وقت ۽ پيسو گهرندڙ آهي ۔۔۔ ان ڪري هن موضوع کي لڳاتار اپڊيٽ رکڻ ۽ پروجيڪٽ جي مرحلن کي دوستن اڳيان پيش ڪرڻ ضروري رهندو۔۔۔
خالص نيڪ نيتي تي مشتمل هن پروجيڪٽ جو انچارج محترم
رحيم بخش جن پاڻ ئي آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت جا سمورا رڪن کين جا سهڪاري آهن۔۔
اميد ته دوستن جي تعاون سان بظاهر مشڪل نظر ايندڙ هي پروجيڪٽ نيٺ مڪمل ٿيندو۔۔۔
دوستن کي درخواست آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ جهڙي به طرح مدد ڪري سگهن۔۔ مدد ڪن۔۔۔ يعني هن پروجيڪٽ ۾ رقم سان گڏو گڏ هيٺين طريقن سان به مدد ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
- ترجمي ۽ تفسير جي پرنٽ ڪڍڻ لاءِ اي فور سائيز جي پيپر جو خريد ڪري ڏيڻ۔۔۔
- ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصن جي پرنٽ ڪڍي ڏيڻ۔۔۔
- پاڻ يا ڪنهن عزيز کان ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصي کي ٽائيپ ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
- پروفيشنل ڪمپوزر سان رعايتي اگهن سان ٽائيپنگ طئي ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
- يا ان کانسواءِ جنهن طرح سان به دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائي سگهن ۔۔۔
چوندا آهن ته اگهي ته پاء نه ته مڻن کي موٽ۔۔۔ سو دوستو هن دنيا ۾ ڪيل توهان جي هي نيڪي جي اگهي وئي ته دنيا ته دنيا آخرت به سنورجي ويندي۔۔۔
جن دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ چاهيو آهي انهن کي ترت طريقو ڪچهري ۾ موڪليو ويندو۔۔۔
سائين رحيم بخش جن کي عرض آهي ته سهڪار ڪندڙن دوستن ڏانهن پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائيل نمبر شناختي ڪارڊ نمبر سان ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن دوست پنهنجي سهولت آهر پيسا موڪلي سگهن ۔۔۔ ان سلسلي ۾ منهنجا به ٽن بينڪن ۾ کاتا موجود آهن جيڪي توهان کي ڪچهري ۾ موڪليندس ته جيئن دوست گهٽ خرچ سان پنهنجو تعاون توهان تائين پهچائي سگهن۔۔۔
مان پنهنجي طرفان به هن نيڪ ڪم ۾ 5000 شامل ڪريان ٿو۔۔