ڪالهه اسانجي دوست فضل الرحمان ۔۔۔ سنڌيڪا واري علامه علي خان ابڙو جو ترجمو ڪيل قرآن شريف ورڊ فارميٽ ۾ موڪليو آهي، دوست مولوي
رحيم بخش ۽
ذيشان رشيد کي عرض آهي ته هو اسانجي رهنمائي ڪن ته ڇا ان موجود قرآن شريف مان ڪا مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ ممڪن ترجمي جو وقت بچي وڃي ۽ صرف تفسير تي ڪم ڪيو وڃي ۔۔۔
دوستن کي عرض آهي ته مٿي ڄاڻايل قرآن شريف جو معائنو ڪري ان مان ضرور مدد وٺن، قرآن شريف ورلڊ فارميٽ ۾ دوست ذيشان رشيد ۽ سليمان وساڻ جي فيسبڪ جي ميسيج باڪس ۾ موجود هوندو ۔۔۔۔
انشاء الله هي ڪم سٺو ڪري پيش ڪرڻ طرف توجهه ڏنو ويندو ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
علامه علي خان ابڙي جي معني واري قرآن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو۔
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَۙ۰۰۱
الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِۙ۰۰۲
مٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِؕ۰۰۳
اِيَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُؕ۰۰۴
اِهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيْمَۙ۰۰۵
صِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ١ۙ۬ۦ
غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّيْنَؒ۰۰۷
(١) خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (يعني) سهڻين ۽ چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي) جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.
(٢) ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
(٣) انهي ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو.
(٤) (اي خدا) اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا.
(٤) (اي خدا) اسان کي (سعادت) جي سڌي واٽ ڏيکار.
(٦) انهن ماڻهن جي واٽ (ڏيکار) جن تي تو نعمتون ڪيون.
(٧) انهن جي واٽ جن تي غضب پيو، ۽ نه انهن جي راھ جي گمراھ ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا.