ادا رياض حسين گلال اميد ته توهان کي سائين عبدالحفيظ جن جي رهمنائي سان ڊونيشن جمع ڪرائڻ جي معلومات ٿي چڪي هوندي ليڪن اگر اڃا به ڪو مسئلو درپيش هجي ته ٻڌائيندا ۔
قبله سائين مان ڪم جاري رکيو آهي، ڪتابن جا حوالا جتي ختم ٿين ٿا اتي نئين پيرا تي انڊر لائين ڪري ڏنا اٿم پو ڀل اهو پيج جي اڌ م اچن ٿا، نئون موڪليل مواد جو پيج وري نئين پيرا تي لکڻ شروع ڪيان ٿو، ورڊ جو نئون پيج شروع ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان، باقي جڏهن توهان وٽ مواد پهچندو پنهنجي مرضي مطابق سيٽنگ ڪري وٺجو۔
ادا عبدالوهاب توهان تحرير جو اقتباس ورتو آهي لڳي ٿوته اوهان نوان آهيو شايد اوهان کي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي اگر توهان ڪنهن به موضوع ۾ ڪجهه پنهنجي طرفان لکڻ چاهيو ٿا ته توهان لاء موضوع جي آخر ۾ لکڻ لاء ورڊ پيڊ جو هڪ خالي باڪس جي صورت ۾ موجود آهي ان ۾ لکي سگهو ٿا يا ڪنهن مخصوص تحرير جو جواب ڏيڻ چاهيو ٿا ته ان جي هيٺان جواب ڏيو تي ڪلڪ ڪري پوء ٿورو انتظار ڪيو جڏهن ان سليڪٽ ڪيل تحرير جي هيٺان ڪرسر بلڪنگ ڪري ته پوء توهان پنهنجي راء لکي سگهو ٿا۔
دوستن جي معلومات لاء عرض آهي ته محترم جناب پروفيسر عبدالجبار شيخ صاحب جن جي کي هن ڪم لاء 100 پيجز موڪليا ويا هئا جيڪي سائين جن پنهنجي مصروفيتن باوجود بالڪل ٿورڙي عرصي ۾ بهترين نموني ڪمپوز ڪري موڪلي ڏنا آهن سائين عبدالحفيظ جن به ٻڌايو هو ته سندن حوالي ڪيل پيج پاڻ مڪمل ڪري چڪا آهن تمام خوشي جي ڳالهه آهي جو دوست اسان جي هن ڪار خير ۾ ڀرپور معاونت ڪري اسان جي همت کي وڌائي رهيا آهن الله تعالى سڀني پيارن جي سندن طرفان ڪيل محنت جو کين اجر عطا فرمائي۔
سائين اوهان پاران مليل مونکي 100 پيج ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهن، پر بجلي جي آذار سبب اهو ڪم سهڻي نموني ادا نٿو ٿي سگهي، پو به ڪوشش آهي ته جلد کان جلد مڪمل ڪري ڏجي۔ دعائن ۾ ياد
ادا رياض حسين گلال پيارا توهان جي طرفان هن ڪار خير لاء 2000 روپيه ايزي پئسا ذريعي وصول ٿيا الله تعالى توهان کي سلامت رکي توهان جي دين ايمان ۾ برڪتون عطا فرمائي۔
سائين مان بهي انشاءالله ڪجھ ڏينهن اندر سعودي عرب کان سنڌ آچي رهيو آهيان اسان بهي مدد ڪنداسين ۽ هتي رهندڙ ٻين دوستن کي بهي عرض ڪندسين،،،،
ماشآء الله هن وقت تائين هن موضوع کي 77 دوست ڏسي چڪا آهن ليڪن جواب ڏيڻ ۾ شريڪ فقط 25 ٿيا آهن شايد ٻيا دوست مڪمل موضوع ڊگهو ٿي وڃڻ جي ڪري نه پڙهي سگهيا هجن ان ڪري جواب نه لکي سگهيا آهن سڀني دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي طرفان هن موضوع ۾ شرڪت ڪن اگر ڪو دوست مسڪين آهي اهو مالي مدد نه ٿو ڪري سگهي ته خير آهي اسان سان ڪجهه پيجز لکڻ ۾ مدد ڪري جيڪڏهن اهي 77 دوست روز هڪ پيج لکن ته منهنجي خيال ۾ اسان جو ڪم تمام جلد مڪمل ٿي ويندو ڪجهه مهربان دوست اسان سان هن خير جي ڪم ۾ شريڪ آهن باقي رهيل دوستن کي گذارش آهي ته اهي پاڻ يا ڪنهن دوست کان اسان کي لکرائڻ ۾ مدد ڪن ڀلي مناسڀ معاوضو به وٺن اسان ڪجهه دوستن کي 10 روپيه في پيج جي حساب سان مواد ڏنو آهي اگر ڪو دوست ان طرح ڪنهن کان لکرائي ڏئي ته به اسان کي ٻڌائي ته سندس مهرباني ٿيندي جو اڃا تفسير جا ڪجهه جلد رهيل آهن۔ جن تي اڃا ڪم شروع نه ڪري سگهيا آهيون۔
آڄ مان سائين نثار ابڙو سان ملاقات ڪئي تقريبن اسان هڪ ڪلاڪ کن گڏ گذاريو مان جس ڏيندس سائين نثار ابڙو صاحب کي جن پنهنجي مصروفيتن جي باوجود 700 سو پيج لکڻ جو عظم ظاهر ڪيو شل رب پاڪ سائين کي صيحت عطاء فرمائي سائين مون کي تسفيرقران ڪريم جو ڪاپيون پڻ ڏيکاريون انشاءالله هن نيڪ ڪم ۾ اسان بهي برپور حصو وٺنداسين،،،،،،،، هي صدقا جاريا آهي جيتراانسان هن کي پڙهندا اوترو دوستن کي ثواب ملندو انشاءالله هي ڪم جلد مڪمل ٿيندو ،، مان دوستن کي اپيل ڪندس ته دل کولي هن ڀلاري ڪم ۾ حصو وٺو،،،،،،،،
ادا، مان رياض حسين ڪلهورو هن نيڪ ڪم ۾ 500 روپيه ڏيندس، اوهان جڏهن به حڪم ڪريو مان حاضر آهيان. منهنجو موبائيل نمبر آهي 03453849625
ادا مان پاڻ هن ڪم ۾ دل چسپي ورتي آهي ۽ مان هن ڪوشش ۾ آهيان ته هڪ ننڊو پارٽي ڪري دوستن کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي هن کان پوء دوستن آڏو هن پروجيڪٽ جي باري ۾ تفصيلي ڳالهـ ٻول ڪجي ۽ جيڪو ٿيي سکهي هن ڀلاري ڪم ۾ ونڊ ڪجي مان دوستن مان ڪافي پراميد آهيان ته اوهي مدد ضرور ڪندا هن سلسلي ۾ مان سائين نثارابڙو سان بهي ملاقات ڪئي ۽ ڪجھ ٻين دوستن کي بهي چيو آهي ،،،،
جيئن ته ڪافي مصروفيت جي باوجود مون محترم دوست مولوي رحيم بخش جي تجويز ڪيل قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير لکڻ شروع ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪافي ڊگهو آهي، جنهنجو اندازو هيٺ صرف پنجن آيتن جي ترجمي مان لڳائي سگهجي ٿو، پر پو به همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ نيڪ ڪم ۾ الله جي نصرت هوندي آهي۔۔۔۔ جنهن قرآن پڙهيو ۽ پڙهڻ ۾ مدد ڪئي اهو ماڻهون الله جي پناهه ۾ هوندو آهي۔ ڪيل ترجمي ۽ تفسير جو نمونو پيش آهي: الٓرٰ ۟ تِلۡکَ اٰیٰتُ الۡکِتٰبِ الۡمُبِیۡنِ ۟﴿۱﴾اِنَّاۤ اَنۡزَلۡنٰہُ قُرۡءٰنًا عَرَبِیًّا لَّعَلَّکُمۡ تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۲﴾نَحۡنُ نَقُصُّ عَلَیۡکَ اَحۡسَنَ الۡقَصَصِ بِمَاۤ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ ہٰذَا الۡقُرۡاٰنَ ٭ۖ وَاِنۡ کُنۡتَ مِنۡ قَبۡلِہٖلَمِنَ الۡغٰفِلِیۡنَ ﴿۳﴾اِذۡ قَالَ یُوۡسُفُ لِاَبِیۡہِ یٰۤاَبَتِ اِنِّیۡ رَاَیۡتُ اَحَدَعَشَرَ کَوۡکَبًا وَّ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ رَاَیۡتُہُمۡ لِیۡ سٰجِدِیۡنَ ﴿۴﴾قَالَ یٰبُنَیَّلَا تَقۡصُصۡ رُءۡیَاکَ عَلٰۤی اِخۡوَتِکَ فَیَکِیۡدُوۡا لَکَ کَیۡدًاؕ اِنَّ الشَّیۡطٰنَ لِلۡاِنۡسَانِ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۵﴾سوره يوسفجو ترجموالف، م، را هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن آيت 1بيشڪ اسان نازل ڪيو انکي قرآن عربي تانته اوهان سمجهوآيت 2اسين بيان ڪيونٿا توتي قصن مان تمام سهڻي کي سببان ان جي جو وحي ڪيوسون توڏانهن هي قرآن جيتوڻيڪ هئين تون اڳي انکان البته خبر نه رکندڙن مانآيت 3(ياد ڪر) جڏهن چيو يوسف واسطي پيءُ پنهنجي اي پيءُ منهنجا! بيشڪ مون ڏٺا يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺو مون انهن کي پنهنجي لاءِ سجدا ڪندڙآيت 4فرمايائين ته اي پٽ منهنجا! نه بيان ڪر خواب پنهنجو ڀائرن پنهنجن تي پوءِ رٿيندا تنهنجي لاءِ رٿ بيشڪ شيطان واسطي انسان جي کليل دشمن آهي.آيت 5 سوره يوسفجو تفسيرالرآ، هي مقطعات حروف آهن جن جي متعلق گذريل سورتن جي شروعات ۾ آيل حرفن جو تفسير ڪندي وضاحت ٿي چڪي آهي (عربي) هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن، مطلب ته هي آيتون جنهن ڪتاب ۾ نازل ڪيل آهن ان جو الله جل جلاله وٽان هجڻ بلڪل واضح آهي ۽ جن احڪام ۽ شرائع يا مواعظ ۽ نصيحتن تي هي مشتمل آهي اهي نهايت روشن ۽ صاف آهن. آيت 1(عربي) يقينن اسان ان کي عربي (زبان ۾) ڪري نازل ڪيو آهي تانته اوهان سمجهو، ڇو ته عربي زبان، ٻوليءَ جي لحاظ سان وڌيڪ فصيح، وسيع ۽ اهڙين معنائن ادا ڪرڻ ۾ نهايت روشن آهي جيڪي اثرائتيون آهن، انجي ڪري ڪتابن ۾ وڌيڪ شرف وارو ڪتاب قرآن ڪريم، ٻولين ۾ وڌيڪ شرف واريءَ عربيءَ ٻوليءَ ۾، رسولن ۾ وڌيڪ شرف واري رسول حضرت حبيب ڪريم عليه وعليهم الصلوات والسلام جن تي ملائڪن ۾ وڌيڪ شرف واري ملائڪ جي واسطي سان لاٿو ويو ۽ انجي نزول جي ابتدائيه مهينن ۾ وڌيڪ شرف واري مهيني رمضان المبارڪ ۾ ان سرزمين تي ڪئي وئي جيڪا گهڻين زمينن کان وڌيڪ شرف واري ۽ شان واري آهي. آيت 2(عربي) انجي ڪري جو اسان توڏانهن هي قرآن وحي ڪيو آهي اسين تنهنجي اڳيان قصن مان نهايت سهڻي قصي کي بيان ڪيونٿا. مطلب ته؛ ان وحي جي ذريعي جيڪو قرآن جي صورت ۾ اوهان ڏانهن نازل ٿي رهيو آهي اسين هڪ نهايت سهڻو بيان، نهايت سهڻي انداز ۾ جيڪو اڳين تاريخدانن هڪ ناول ۽ افساني جي صورت ۾ بيان ڪيو هو ان جي نهايت ضروري ۽ فائدي ڏيندڙ جزن کي اهڙي عجيب ترتيب، بليغ ۽ موثر انداز سان بيان ٿا ڪيون جنهن سان نه صرف اڳين تاريخ لکندڙن جي ڪوتاهيءَ جي خبر پوندي پر موقع به موقع اعلا نتيجن ڏانهن رهنمائي پڻ ٿيندي ۽ قصي جي ضمن ۾ هدايت ۽ ڪيترن علمن جا دروازا کوليا ويندا. احسن القصص سڏڻ جو سبب؛ سيدنا يوسف علا نبينا و عليه الصلوات والسلام جي قصي کي احسن القصص (قصن ۾ تمام سهڻو قصو) انجي ڪري سڏيو ويو آهي جو ان ۾ انساني زندگيءَ جا سمورا ڪردار انتهائي سهڻي نموني ۽ اهڙي انداز سان پيش ڪيا ويا آهن جو هر هڪ جي حقيقت نهايت کلي سامهون اچي ٿي ۽ معاشري سان نهايت گهاٽو تعلق آهي ان ۾ توحيد جا دلائل، خوابن جو تعبير، سياسي مسئلا، معاشري جون پيچيدگيون، معاشي اصلاح جون تدبيرون، مطلب ته اهي سمورا امور جيڪي دين ۽ دنيا جي اصلاح ۾ موثر هوندا آهن، عجيب انداز سان بيان ڪيل آهن، قرآن پاڪ ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه قصو بيان ٿيل ناهي جنهن ۾ اهڙيون عبرتون ۽ حڪمتون بيان ٿيل هجن (1ا) علامه ثناءُ الله پاني پتي قدس سره العزيز لکيو آهي ته؛ حضرت يوسف عيله الصلوات والسلام جي قصي کي احسن القصص سڏڻ جو سبب هي آهي جو اهو عجيب ڳالهين، عبرتن، حڪمتن ۽ اهڙن فائدن تي مشتمل آهي جن سان دين ۽ دنيا جي اصلاح ٿئي، بادشاهن، ملڪن، تعبير جي علم، عورتن جي مڪر، دشمنن جي ايذاء تي صبر ڪرڻ ۽ طاقت ۽ قوت ملڻ کانپوءِ مخالفن کان درگذر ڪرڻ وغيره جو ذڪر آهي، خالد بن معدان فرمايو آهي ته؛ جنت وار جنت ۾ سوره يوسف ۽ سوره مريم پڙهي (ائين) لذت حاصل ڪندا( جيئن اهي جنتي ميون کائڻ سان لذتون ماڻيندا) ابن عطاء جو قول آهي ته ڪوبه ڏکويل سوره يوسف پڙهندو ته راحت نصيب ٿينديس (ا) آيت 3(عربي) جيتوڻيڪ انکان اڳي تون خبر نه رکندڙن مان هئين، غافلين جو مادو آهي غفل، غفل الشيءَ جي معنيٰ آهي سها عنه وترکه غفل الشئ، ستره معني ڪنهن شئي کي وساريائين، يا ڇڏي ڏنائين يا پردي ۾ رکيائين ۽ هتي مراد به ذهن ۾ نه رکڻ مناسب لڳي ٿو ڇو ته اڳتي (اذ قال يوسف) ۾ اذ جو لفظ بيٺو آهي ۽ جتي اذ جو لفظ ذڪر ڪيل هوندو آهي ته ان کان پهريا اذڪر لفظ مقدر هوندو آهي هن آيت ۾ آيل لفظ ” اذ قال“ جي وضاحت ڪندي علامه اسماعيل حقي عليه الرحمت لکيو آهي ته؛ اي اذڪر يا محمد! وقت قول يوسف (3) يعني اي محمد! عليه الصلوات السلام يوسف جي چوڻ وارو وقت ياد ڪر، پوءِ هن غافلين مان مراد آهي ته؛ اي حبيب پاڪ! (عليه والصلوات السلام) جنهن ڳالهه ڏانهن اوهان توجهه نه فرمايو هو ۽ اوهان جي مان ائين نڪري وئي هئي ڄڻ ته اوهانکي خبر ئي نه هئي اسان هن قرآن پاڪ جي وحي ڪرڻ سان اوهانکي اهو سهڻو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا (4) والله اعلم ياد ڪري اي حبيب! (عليه الصلوات والسلام) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته منهنجا پيءُ بيشڪ مون يارهن تارن ۽ سج ۽ چنڊ کي پاڻ ڏانهن سجدو ڪندڙ ڏٺو، هن حصي ۾ حضرت يوسف عيله الصلوات والسلام جو اهو خواب بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڻ ڏٺو هيائين ته يارهن تارا، سج ۽ چنڊ کيس سجدو ڪري رهيا آهن. حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام اهو خواب ڪڏهن، ڪهڙي مهيني ۾ ۽ ڪهڙي وقت ڏٺو؟ ياد رکڻ گهرجي ته حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام اهو خواب رمضان المبارڪ مهيني جي قدر واري رات ڏٺو هو حضرت امام غزالي عليه الرحمته فرمايو آهي ته حضرت يوسف اهو خوب ڏينهن جو ان وقت ڏٺوهو جڏهن پاڻ پنهنجي والد حضرت يعقوب عليهما الصلوات والسلام جي هنج ۾ مٿو رکي ستو پيو هو ۽ جيڪي ماڻهون چون ٿا ته ڏينهن وارو خواب معتبر نه آهي اهي غلط آهن. (5) خواب ڏسڻ وقت حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام جي عمر مبارڪ ڪيتري هئي، ان ۾ ٽي قول آهن، ”1“ ست سال، ”2“ ٻارنهن سال، ”3“ سترهن سال (6)، علامه مفتي احمد يار خان عليه الرحمته هن آيت جي تفسير ۾ لکيو آهي ته پهريون قول وڌيڪ قوي آهي علامه رازي عليه الرحمته لکيو آهي ته؛ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام اهو خواب ننڍيءَ عمر ڏٺو هو، ۽ وهب جو قول آهي ته؛ حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام ستن سالن جي عمر ۾ ڏٺو ته يارهن وڏيون لٺيون زمين ۾ دائري وانگر کتل آهن ۽ اوچتو هڪن ننڍي لٺ آئي جيڪا انهن يارهن ئي وڏين لٺين کي ڳهي وئي پوءِ حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام اهو خواب پنهنجي پيءُ حضرت يعقوب عليه الصلوات والسلام ٻڌايو ته ان منع ڪيس ته اهو خواب ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ، انکانپوءِ وري ٻارنهن سالن جي عمر ۾ خواب ۾ ڏٺائين ته سج، چنڊ ۽ يارهن تارا کيس سجدو ڪري رهيا آهن اهو خواب به پيءُ کي ٻڌايائين ان کيس فرمايو تها خواب به ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ (1) خواب ڏسڻ جي ڪيفيت هيئن هئي ته پهريان تارا لهندي نظر آيا ۽ زمين تي پهچڻ کانپوءِ حيواني شڪل يا ڪيڙن جي صورت ۾ حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيا انکانپوءِ سج پنهنجي روشني سان لهي سجدي ۾ ڪري پيو انکانپوءِ چنڊ به ائين نظر آيو (2) ڪن مفسرن لکيو آهي ته سجدي مان اصطلاحي ۽ شرعي سجدو مراد ناهي جنهن جي معنيٰ هڪ متعين ۽ معروف صورت سان زمين تي مٿو رکڻ آهي بلڪ هتي سجدي مان مراد انقياد، اطاعت، تذلل جي مترادف آهي، ساجدين جي معني متواضعين (3) آيت 4(عربي) فرمايو (حضرت يعقوب عليه الصلوات والسلام) اي منهنجا پٽڙا! پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ پوءِ تو لاءِ يقينن سازش ڪندا ”بني“ (منهنجا پٽڙا!) تصغير جو صيغو آهي جيڪو انتهائي محبت جو اشارو ڪري رهيو آهي، ذهن ۾ وهارڻ گهرجي ته حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام جي نوراني چهري تي سليم الطبع هجڻ، شرافت، مدارج عاليه تي فائز ڪرڻ وارين صلاحيتن جا آثار ۽ انوار نمايان هئا، انجي ڪري حضرت يعقوب عليه الصلوات والسلام ان کي دل سان چاهيندو ۽ ساڻس گهڻي محبت رکندو هو ۽ جڏهن پاڻ اهو خواب پنهنجي والد کي ٻڌايائين ته ان خواب جي تعبير ٻڌائڻ کان اڳ ۾ کيس هدايتون ڏنيون هيون ته ان عظيم خواب جو ذڪر ڀائرن سان نه ڪري، ڇو ته کيس خبر هئي ته ڀائر ساڻس حسد رکنٿا ويتر اهو خواب ٻڌي وڌيڪ دل آزاري جي پويان پوندا. (عربي) بيشڪ شيطان انسان جي لاءِ کليل دشمن آهي. مطلب ته شيطان جنهن جو ڪم ئي آهي ماڻهن کي گمراه بنائڻ، برن ڪمن، سخت ڏوهن کي حسين ۽ دلڪش بنائي پيش ڪرڻ اهو تنهنجن ڀائرن کي تنهنجي خلاف ڀڙڪائي توکي ايذاء ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو. فائدا؛ هنن آيتن مان هي فائدا حاصل ٿيا؛ 1. اصل قرآن عربي زبان ۾ آهي انجو ترجمو قرآن ناهي ۽ قرآن پاڪ جي اصلي عربي لفظن جي حفاظت الله جل جلاله جي ذمي آهي، ترجمي ۾ غلطي ٿي سگهي ٿي اصل عربي لفظن ۾ نه ٿيندي. 2. قرآن پاڪ جي عربيءَ ۾ اچڻ اصل ته الله تعالا جو عربن تي احسان آهي، پر جڏهن ته اهو به نبي پاڪ عليه الصلوات والسلام جن جي صدقي آهي انجي ڪري اهو انهن تي حضور پاڪ عليه الصلوات والسلام جو به احسان آهي. 3. قرآن پاڪ علم سان گڏ عقل به عطا ڪرڻ وارو آهي جيئن (لعلڪم تعقلون) مان واضح آهي 4. (عرب) (يارهن تارا) حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام جي ڀائرن کي تارا سڏڻ مان واضح ٿيو ته اهي ڪافر نه هئا حضرت يوسف عليه الصلوات والسلام جي صحبت سان مشرف ٿيڻ جي ڪري مومن هيا. آيت 5
سائين نثار صاحب اسلام عليڪم، اها ڳالهه درست آهي ته هر هڪ آيت جو تفسير تمام وڏو لکيل آهي، پر ان ۾ گهڻي حد تائين معلومات ۽ سمجهاڻي پيش ٿيل آهي جنهن سبب هر هڪ عام ماڻهو سولي سنڌي ۾ مقصد سمجهي سگهندو، ٻيو ته ان تفسير ۾ جيڪي سوال اُٿن ٿا انهن جو پڻ جواب پيش ٿيل آهي، ۽ ان تفسير جي حوالي سان فائدا ۽ ان سان لاڳاپيل حديثن جو پيش ڪرڻ تمام بهترين ڳالهه آهي، ۔۔پر جئين ته لکڻ جي ڳالهه آهي ته ڪجهه ساڃاهه وند پاڻ ۾ ويهي هڪ ڳالهه تي متفقا فيصلو ڏين ته ڪهڙيون ڳالهيون ان تفسير منجهان سوفٽويئر ۾ شامل ڪيون ويندون؟ ٿي سگهي ٿو اسان سڀ مُحبت ۽ عشق منجهان سمورو جو سمورو مواد لکي رهيا آهيون ۽ پو وري سوفٽويئر وارا مواد کي شارٽ ڪري شامل ڪن ته افسوس ٿيندو۔ ان ڳالهه تي تبصرو ضرور ڪندا۔