اسان جي پياري دوست حاجي محمد پناه دستي صاحب هن نيڪ ڪم لاء 10هزار روپيه ڏيڻا ڪيا آهين ۽ انشاءالله ڏيندو رب پاڪ شل قبول ڪري آمين،،،،، موبائل نمبر 00966555968316 سعودي عرب مڪ پاڪ
الله تعالا اوهانجي دوست حاجي محمد پناه دستي صاحب جي عمر دراز ڪري ۽ صحت ڪامله عطا فرمائي، سندن ايمان سلامت رکي ۔۔۔ آمين ۔۔۔ چڱا ڪن چڱايون، مدايون مندن۔ رب تعالا اوهانکي به پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين سهڻا دوست سليم رند ۔۔۔ اوهان دوست کان پئسا گڏ ڪري سگنت تائين پهتا ڪندا ته جيئن ڪم کي تڪڙو اڪلائي سگهجي ۔۔۔ لک قرب ۔۔۔
جي ها بلڪل سائين مان پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪريان ٿو اسان هر موڙ هرمشڪل ۾ دوستن سان گڏ آهيو،، دعائين ۾ ياد رکندا سائين مهر باني ،،،،،
سائين قبلا جزاڪم الله اوهان جا احسان جو اسان سان هر حال ۾ شموليت اختيار ڪري اسان جي همٿ ۾ اضافو ڪندا رهندا آهيو الله تعالى توهان کي صحت وعافيت سان وڏي ڄمار بخشي۔ قبلا سائين ٻيو عرض ته توهان عربي ته فقط نموني خاطر پيسٽ ڪِئي آهي نه باقي لکو ته ڪونه ٿا نه ؟ جو عربي مواد ته پاڻ وٽ موجود آهيَ قرآن جو متن نه لکندا باقي وچ ۾ ڪا ٿوري عربي عبارت هجي ته لکڻ جي عنايت ڪندا جي گهڻي عبارت هجي ته فقط ”عربي “ لفظ لکي ڇڏيندا ان کي به ايڊٽ ڪري وٺنداسين۔ لک قرب۔ اوهان جا۔
منهجو پويون جواب شايد ڪنهن مسئلي جي ڪري گم ٿي ويو۔ منهنجي پاران 10،000 روپيا قبول ڪندا۔ ۽ جيڪڏنهن پيسا موڪلڻ جوطريقوبه مونکي ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي۔ tom/
ڀاء افتخار پيارا توهان جي مهرباني جو توهان ٿورو تفصيل سان لکيو مٿي اوهان جي لکت واضح نه هئڻ ڪري اسان اوهان کي جواب نه ڏئي سگهياسين پئسن موڪلڻ جو طريقه ڪار اوهان هتي ڪلڪ ڪريو سڀ طريقا معلوم ڪري سگهو ٿا۔ اڃا به اگر ڪو مسئلو درپيش هجي ته 03453802225 تي ڪانٽيڪٽ ڪري سگهو ٿا۔
ادا آئون توهان دوستن کي هڪ هزار پيج ڪمپوز ڪري فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏئي سگهان ٿو جڏهن به توهان منهنجي مٿان اهيو ڪم رکندا آئون حاضر هوندس هي منهنجو موبائل نمبر آهي 03332804478
جزاڪم الله خيرا سائين ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي اڄ ئي توهان ڏانهن ڪم جي تفصيل موڪلجي ٿو الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔جُلد نمبر ست اگر توهان مکتبه ڊاٽ آرگ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ته تمام بهتر ورنه توهان کي جلد نمبر ست ڪنهن نموني پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پهچايو ويندو۔ هن لنڪ تان توهان جُلد نمبر 7 لاهي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا http://www.maktabah.org/component/content/article/40-tafsir/2036-sindhi-tafsir-7.html?directory=71
ادا بهتر ائين ٿيندو ته جتي عربي جي عبارت هجي، اها عبارت ڇڏي ڏيندا، ان جي بدران ٻه ڀيرا انٽر هڻي، اُتي (عربي)، يا وري (ع) لکي ڇڏيندا ته جيئن اسانکي خبر پوي ته هتي عربي جي عبارت آهي۔ اها عبارت بعد ۾ اعرابن سان لکي ڇڏبي۔
سبحان الله ، تمام گهني خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي دوستن هن نيڪ ڪم ۾ هر طرح جو ڀرپور حصو ورتو آهي، الله پاڪ کان دعا آهي ته پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي صدقي شل پنهنجي ٻاجهه هميشه انهن سڀني ٻانهن تي ڪري جن وس آهر هن نيڪ ڪم ۾ هر اها مدد ممڪن ڪري ڏيکاري آهي، الله پاڪ هر مشڪل کان سڄڻن کي پنهنجي پناهه ۾ رکي۔ آمين ثم آمين۔ سائين منهنجو عرض هي آهي ته هي عاجز به اوهان پاران موڪيل 100 پيج ڪمپوزنگ ڪري رهيو آهيان، پر مان جنهن ايريا ۾ رهان ٿو هتي بجلي وڏو آزاز آهي ، مان هڪ ٻه پيج (ايم ايس ورڊ جا) ڏينهن ۾ مشڪل سان لکي ٿو سگهان۔ ۽ ٻيو ته مون وٽ گهر ۾ ذاتي سسٽم ڪونهي، بس آفيس ۾ ئي اهو ڪم جاري رکيون ٿو اچان ، دعا ڪجو ته جلد کان جلد اهو ڪم اڪلائي توهان ڏي موڪليان، ٻيو ته تفسير اندر جيڪا عربي اچي ٿي مان ان ۾ هن ريت خالي جڳهه ڇڏي ڏني آهي۔ ” “ ۔ سدائين گڏ
سائين منهنجا سڀني پيارن جي مهرباني جو هن ڪار خير ۾ تمام دلچسپيء سان حصو وٺي رهيا آهن اوهان ڄاڻايو آهي ته انورٽيڊ ڪاماز ۾ عربيء لاء جڳهه ڇڏي رهيو آهيان اهو به درست آهي ليڪن بهتر آهي ته توهان ٻه ٽي لفظ هجن ته لکي ڇڏيو اگر گهڻو مواد هجي ته لفظ ” عربي “ هاء لائيٽ ڪري لکي ڇڏيو ته جيئن اتي عربي رکڻ ۾ آساني ٿئي۔
اسلام عليڪم سائين ڏاهري صاحب جيئن ته ڪجهه ڏينهن مصروفيت سبب نه سنڌ سلامت کي وقت ڏئي سگهيس نه ئي ڪمپوزنگ کي توهان کي آگاۡه ڪندو هلان ته 50 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي باقي انشآ الله رهيل ڪم به جلد مڪمل ڪري توهان کي ميل ڪبو۔ اميدن تي دنيا قائم آهي انشا الله هن مهيني جي آخر ۾ يا پهرين تائين ڪم مڪمل ڪري توهان ڏانهن ميل جي ذريعي موڪليو ويندو۔ بس پنهنجي وس آهر هر طرح سان جلد کان جلد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان۔ بس هر وقت پنهنجي دعا ۾ ياد رکندا۔ فقط توهان جو پنهنجو ايس ايم درس۔
سائين تمام بهتر جو اوهان هن ڪم جو اونو رکو پيا انشآء الله دير سوير آخر الله جي مدد سان ان ڪم کي پار پهچائبو۔
سائين منهنجي طرفان به ان ڪم ۾ 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي اميد آهي ته جلد کان جلد مڪمل ڪري اوهان کي ميل ڪيان، ۽ ٻي وضاحت ڪندو هلان ته مان سمجهان ٿو ته مونکان لکائي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ٿي چڪيون هونديون اهي مهرباني ڪري نظرانداز ڪري انهن کي درست ڪري ڇڏيندا، ممڪن هجي ته ڪا هڪ اڌ لائين به رهجي وئي هجي، ۔۔خير اهو ته اوهان پروف ريڊنگ ۾ درست ڪري وٺندا پو به مان معافي جو طلبگار آهيان۔
ساءين تونهانجي وڊي مهرباني، جيڪدهن توهان مونڪي پنهنجو نالو ۽ ايڊريسس منهنجي ايميل ايڊريسس تي موڪليندا ت مهرباني ٽيندي۔ مان تونهانجي لنڪ تي ڪلڪ ڪيو پر مان سحيح انفورميشن واري پيج تي ن پهڄي سڳهيس۔
سائين پيارا لنڪ ته درست ڪم ڪري ٿي پئي ليڪن اگر توهان صحيح پيج تي نه پهچي سگهيا آهيو ته مون پنهنجي ايڊريس ۽ مڪمل تفصيل توهان کي پرسنل ميسيج ۾ موڪلي ڇڏيو آهي اڃا به جيڪڏهن ڪم مسئلو درپيش آهي ته مهرباني ڪري پنهنجو موبائيل نمبر ٻڌائيندا ته توهانکي موبائيل تي تفصيل سمجهائجي اوهان اي ميل جي ڳالهه ڪئي آهي ليڪن اوهان اي ميل به نه موڪلي آهي اگر اي ميل ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي اي ميل ايڊريس موڪليندا ته نهايت مهرباني ٿيندي۔
سنڌ سلامت سٿ جي سمورن دوستن کي جس هجي ،پاڪ ڪتاب قرآن مجيد کي انٽرنيٽ تي مڪمل تفسير سان آندو پيو وڃي ،ان سٺي فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪجي ٿي ۔