ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو...!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2012۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو...!
    يوسف جوکيو
    [​IMG]دنيا جي سمورين گهروارين ۾ اوهان کي ٻه هڪجهڙائيون ضرور ملنديون. هڪ اها ته اهي هر وقت مڙس جي مبينا محبت کي ماپڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اينديون. ٻي اها معلوم ڪرڻ جي هورا کورا ته امڪاني جهيڙي يا دهماني رسامي جي صورت ۾ مڙس وٽ بهترين متبادل آپشن ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي.جيڪڏهن اوهان مڙس آهيو ۽ ياد رکو ته مڙس هجڻ لاءِ مڙس ماڻهو هئڻ ضروري نه آهي، ته ٻه سوال اوهان کي هر هر ملندا ٻڌڻا پوندا هوندا: هڪ اهو ته ”مون سان ڪيتري محبت اٿئي...؟“ ۽ ٻيو اهو ته ”مري وڃان ته ٻي شادي ڪندين، ڪندين ته ڪنهن سان ڪندين...؟“ انهن ٻنهي سوالن جا جواب ڏيڻ وقت ئي توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان مڙس ماڻهو وڌيڪ آهيو يا مڙس!
    اوهان مڙس آهيو ته پوءِ ڀلي ڇو نه سڄا سون ٿي پئو پر زال اوهان مان ڪا نه ڪا وِڏ ضرور ڪڍندي. مشهور قصو آهي ته هڪ درويش، جنهن کي ڪيتريون ئي روحاني طاقتون حاصل هيون، ان ويچاري کي به زال کنگهندي ئي ڪانه هئي. هڪ ڏينهن زال تي رعب وجهڻ لاءِ گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ گهٽيءَ ۾ پهچڻ بعد ڊوڙ پائي هوا ۾ اڏامڻ شروع ڪيائين. درويش پنهنجي گهر جي مٿان به پکيءَ جيان ڪيتري ئي دير تائين لامارا ڏنا. ڪجهه دير بعد ردِ عمل معلوم ڪرڻ لاءِ گهر پهتو ته زال چيس: “مئا، تون ته ڪنهن ڪم جو ناهين، اڄ هڪ حسين مرد کي گهر جي مٿان پرواز ڪندي ڏٺم، توسان شادي ڪرڻ تي پڇتاءُ پيو ٿئي.“ چون ٿا ته درويش پنهنجا ڪالر درست ڪندي کيس چيو ته، ”نيڪ بخت، اهو حسين مرد آئون ئي ته هئس، جنهن کي تون اڄ تائين ننديندي رهي آهين!“ زال وات چٻو ڪندي چيس، ”هان ته اهو تون هئين، آئون به چوان ته اڏامڻ وقت همراهه جي هڪ ڄنگهه هيٺ ته ٻي مٿي ڇو پئي وڃي!“ ويچاري درويش کي زال وٽ مڃتا ته نه ملي، اٽلندو سندس روحاني طاقتون به کسيون ويون. مٿس انڪشاف ٿيو ته روحاني قوتون زال سان گڏ رهڻ واري بي مثال سهپ جي ڪري ئي کيس عطا ڪيون ويون هيون.هونئن به زالن آڏو مڙس ماڻهو ٿيڻ جا فائدا گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ هجن ٿا. سياڻا چون ٿا ته توهان دشمن کي سڃاتو ڄڻ اڌ جنگ کٽي ورتي، پر هتي ته اوهان جي سموري جاگرافي اڳ ئي وائکي ٿيل هجي ٿي.
    سياڻن تي ياد آيو ته زالن سان سياڻپ يا چالاڪيءَ واري چريائپ به ڪڏهن نه ڪرڻ گهرجي. ٻڌائين ٿا ته دنيا جو وڏو ڏاهو سقراط به جڏهن اڻ پڙهيل زال آڏو بيهندو هو ته ويچاري کان سموري ڏاهپ ۽ دليل وسري ويندا هئا.زال جي ڇڙٻن تي ماٺ رهڻ جي ڪري ئي ته کيس اڄ دنيا جو سڀ کان وڏو ڏاهو مڃيو وڃي ٿو...! ان مثال مان ثابت آهي ته زال اڻ پڙهيل هجي يا گريجوئيٽ، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، زالن آڏو عقلمندي جا رباب وڄائڻ کي وڏي بيوقوفي سمجهيو ويندو. توهان ڇا ٿا سمجهو، ڇا سقراط زال تي پنهنجي ڏاهپ، منطق ۽ لاجواب ڪري ڇڏيندڙ دليلن جو جادو هلائڻ جا وس نه ڪيا هوندا، ڌاڪو ويهارڻ جي ڪوشش نه ڪئي هوندي!؟ بلڪل ڪئي هئي ۽ هڪڙو ۽ آخري ڀيرو ئي ڪئي هئي، پر نتيجو اهو ئي نڪتو جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، يعني سڄي عمر جون رهڙون، ڇڙٻون، مهڻا ۽ داٻا...
    چون ٿا ته ان بدنصيب ڏينهن جڏهن سقراط، زال تي ڏاهپ جو ڌاڪو ويهارڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن هن هڪ ميڻ بتي ٻاري ۽ زال کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”پياري زال، ٻڌاءِ ته هيءَ ميڻ بتي جي روشني ڪٿان آئي؟“ سقراط کي يقين هو ته سندس زال سوال ٻڌي گهٻرائجي ويندي، دنگ رهجي ويندي ۽ جواب معلوم ڪرڻ لاءِ منٿون نه به ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ تجسس وچان مجبور ٿي سوال ضرور ڪندي ۽ ائين مڙس جي اهميت به کيس سمجهه ۾ اچي ويندي... پر افسوس، ڏاهي ماڻهوءَ جا سمورا خيال خام ثابت ٿيا... سقراط جي سوال پڇڻ شرط سندس زال ڦوڪ ڏئي ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏيو ۽ چيائينس: ”ميان سقراط، پهرين تون اهو ٻڌاءِ ته هيءَ روشني هاڻي ڪيڏانهن ويئي ته پوءِ مان توکي ٻڌائينديس ته اها روشني ڪٿان آئي!“ چوڻ وارا چون ٿا ۽ ٿڌا ساهه ڀري چون ٿا ته زال جو جملو ٻڌي سقراط تي سڪتو طاري ٿي ويو، پَٽ تي ويهي رهيو ۽ ڏندين آڱريون پئجي ويس. اهو ڏينهن ۽ زهر جو پيالو پيئڻ وارو ڏينهن، ويچاري سڄي عمر زال آڏو ڪڏهن به منطق جي ڳالهه نه ڪئي، نه وري ڪو دليل استعمال ڪيائين!
    ڪجهه ماڻهو هن واقعي جي صحت تي اعتراض واريندي ان کي فيمنسٽ تحريڪ جي سازش ڀلي قرار ڏين، حقيقت اها ئي آهي ته زالن آڏو داناءُ ٿيڻ نسوري ديوانگي آهي. اهڙي ديوانگي تازو اسان جي هڪ نادان دوست به ڪئي، جنهن جو خيال هو ته عورتن کي ڪوڙيون سچيون تعريفون ڪري بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو... زال پڇيس: ”مون سان ڪيتري محبت ٿو ڪرين..؟“ همراهه کي مشهور ناول ’رهجي ويل منظر‘ جو ڊائلاگ ياد اچي ويو ۽ وڏي رومانٽڪ انداز ۾ چيائينس: ”پياري تون منهنجي لاءِ آڪسيجن آهين!“ نتيجو سقراط واري صورتحال کان ڪو خاص مختلف نه نڪتو. سندس انٽر پاس صحتمند زال کيس ڪنڌ ورائي مڪ وهائي ڪڍي ۽ وڏي رڙ ڪري چيائينس: ”مئا، مون رڳو طارق عالم ابڙو جو اهو ناول ئي نه پڙهيو آهي پر نائين جماعت ۾ اهو به پڙهيو هو ته ماڻهو هڪ ساهه ذريعي آڪسيجن کي نڪ ذريعي ڦڦڙن تائين پهچائي ٿو ۽ ٻئي ساهه ذريعي ان کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙي گدلي گئس بڻائي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. تنهنجي محبت مون سان ايتري مختصر ۽ ايتري گدلي آهي!؟“ سقراط جيان منهنجي هن دوست کي به وري ڪڏهن زال آڏو سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو ويو آهي.
    زالن جو قصو نڪتو ته ڪجهه ذڪر ’زال‘ لفظ جو به ڪري وٺجي! ڪجهه ماڻهن کي هي لفظ ڏاڍو وڻي ٿو پر ان صورت ۾ جڏهن اهو ٻئي جـِي لاءِ استعمال ٿئي. تڏهن ته گهڻا ماڻهو پنهنجن دوستن آڏو ’زال‘ کي ’ڀاڀي‘ يا ’ڀاڄائي‘ بڻائي پيش ڪن ٿا. غلط فهمي کان بچڻ لاءِ اڳيان ’توهان جِي...‘ جهڙن لفظن جو اضافو به ڪريو ڇڏين.
    ڪجهه ماڻهن جو ’گهرواري‘ لفظ تي گذارو ٿيو وڃي، ته ڪي وري انگريزي لفظ ’وائيف‘ جي استعمال ۾ پنهنجي عافيت سمجهن. اها پڪ ته ڪنهن به خيالِ بـَد جي اڏام ’ڊبليو‘ جي وڪڙن، ’آءِ‘ جي اوچائي، ’ايف‘ جي بيهڪ ۽ ’اِي‘ جي لاهيءَ تان لهندي، لهندي ڦهڪو اچي ڪندي! وڌيڪ حساس ۽ محتاط قسم جا ماڻهو وري زال کي ماڳهين ’ٻار‘ بڻايو ڇڏين. زال بيمار ٿي پوي ته چون: ’ٻارن جي طبيعت صحيح ناهي.‘ زال سوڌو ڪيڏانهن وڃن ته چوندا ’ٻارن سان پيو وڃان.‘
    سنڌ ۾ لفظن جو رڳو عجيب و غريب ئي نه پر غلط استعمال به ٿئي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح مدي خارج ٿي ويا آهن. نوان اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ٺهڻ وارو تخليقي عمل ڄڻ بيهجي ويو آهي... مثال طور، اڄ به اسان وٽ مائرون پنهنجي اولاد کي ڪو غلط ڪم ڪرڻ کان روڪڻ يا هوڏ تان لاهڻ لاءِ اهو چتاءُ ڏين ٿيون ته فلاڻو يا ٽيرو مٽيرو ڪم ڪيئي ته توکي پنهنجي ٿڃ نه بخشينديس...! ٿورو سوچيو، نئين دور جي جنهن ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ بدران دٻن وارا کير پياريا آهن، اها ويچاري پنهنجي اولاد کي ڪهڙي وارننگ ڏيندي؟؟؟ ’دٻي جو کير نه بخشيندي مانءِ...!!؟؟‘ اولاد کي وارننگ جاري ڪرڻ واري حق کان محروم ٿي ويل هنن مظلوم مائرن کي سندن بنيادي حق ڪير وٺي ڏياريندو؟ سنڌي لينگويج اٿارٽي کي ان مسئلي جو نوٽيس وٺندي فوري طور هڪ متبادل اصطلاح متعارف ڪرائڻ گهرجي!
    هاڻي اچو ته ٻئي معاملي تي غور ڪريون. سنڌ ۾ ماڻهو قدرتي آفتن، حادثن يا فوتگين جي صورت ۾ بي اختيار دانهن ڪندا آهن ’گهوڙا ڙي...!‘ گهر ۾ ڏاڏي گذاري وڃي ته به گهوڙا ڙي، ڀِت ڪري پوي تڏهن به گهوڙا ڙي، ٻيو ته ٺهيو پير ۾ ڪنڊو لڳي ته به گهوڙا ڙي...! ٻار ويچارا پريشان ته: گهوڙن ڏاڏيءَ کي ڪيئن ماريو، گهر جي ڀت ڪڏهن ڪيرائي، پير ۾ ڪنڊو ڪيئن هنيو!

    روزاني ڪاوش حيدرآباد جي مھرباني سان
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها

    هي مضمون پڙهندي اسان جي دوست ۽ پرين پياري چاچي ڪريم چانڊيي کي ياد ڪندو رهيس، جيڪڏهن هو هي ڪالم پڙهندو ته صفا خوش ٿي ويندو۔ گهڻيون ڳالهيون دل سان لڳيون ۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    بس ابا سليمان جي ڳاله وانگر ڪم گهڻو آهي چاچي ڪريم واري سياست ئي اهڙي جاء تي ڪم ڏيندي آهي باقي سقراط وارا فارمولا پراڻا ٿي ويا لڳي ٿو ڪي نوان فارمولا سکڻ لاء سچل ڳوٺ جو چڪر هڻڻو پوندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مضمون دلچسپ ،وزنائتو ۽ وڻندڙ آهي ۔ محمد سليمان وساڻ ۽ علي ظفر اسان واري لڏي ۾ نوان ،نوان شامل ٿيا آهن ،ٿورا پراڻا ٿين ته زالن جي نخرن ۽ اڌ مڪرين جو پتو پوندن، پو اسان وانگر ڏيهن کي ڏس ڏيندا ۽ گهٽين ۾ چرين وانگر چوندا وتنمدا، ته اي ڪاش اسان اهو ڄاڻو ها ! باقي رهيو سوال چاچا ڪريم جو ته اهو ويچارو عالمي ٽائيٽل جو حقدار آهي جو پهاڙ کان به وڏي زال کي منهن ڏيو اچي ۔
    زالن جي تپايل ماڻهن تي هڪ ڪتاب ڇپايل آهي ،ان کي ڪو جيڪڏهين پڙهي ڏسي ته پتو پوندن ،هٽلر ،مسولني، ابراهيم لنڪن ،جارج واشگٽن،نيپولن ۽ لينن وغيره وغيره جهڙن طاقتورن ماڻهن جو به زالن جي اڳيان ساه ٻوساٽبو هو،ڪن وڃي خود ڪشيون ڪيون ته ڪن سدائين ڪنڌ نه کنيون ۔
    زالن اڳيان ساه سڀني جوٿو وڃي ، پر مون وانگر اعتراف ڪو به ڪونه ٿو ڪري ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ او چاچا ڪريم بابل اسان ٽينشن فري پيڪيج ورتو آهي۔

    ڀلي اسان لاء بد دعائون ڪر پر يار اسان ته اوهان لاء دعائون ڪندا آهيون ۔۔۔۔۔۔ خير بابل سائين، هي مايون زور آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ وري ڪنهن ڪاوش ۾ لکيو آهي ته ميار رڳو زالن تي ،مرد ڀي گهٽ گھر جا ناهن، شايد زالن جي مڪر ۽ فريب کان ويچارو ناواقف آهي ۔
     
  7. هوشو هيمون

    هوشو هيمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2012
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    چمڙا پوش
    ماڳ:
    ڄامشورو
    رَنا ربّ وڃايون ، ڏاڙهين ڪهڙو ڏوهـ
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ذڪر مڙسن ۽ زالن جي روين جو!
    16 آڪٽوبر تي روزاني ڪاوش ۾ ’ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو...‘ عنوان هيٺ يوسف جوکيو صاحب جو ڪالم شايع ٿيو، جنهن ۾ هن زالن جي روين بابت لکيو آهي. اهو ليک ’مڙسن‘ کي پڙهڻ ۾ ته ضرور پسند آيو هوندو. جوکيو صاحب کي مڙسن جي روين بابت به ضرور لکڻ گهرجي ها. شادي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن جي ذميوار فقط زال اڪيلي ناهي هوندي، بلڪه مڙس به پنهنجن بدلجندڙ روين سبب ڪوتاهيون ڪن ٿا. تاڙي هڪ هٿ سان ته ناهي وڄندي نه؟ تاڙي وڄائڻ لاءِ ٻن هٿن جي ضرورت پوي ٿي. مڙس گهر جو Head ۽ Finance Minister آهي ته زال به گهر جي Home Minister آهي. هڪ سٺي زال مڙس کي سٺو مڙس بڻائي سگهي ٿي. بلڪل ساڳي طرح هڪ سٺو مڙس، زال کي سٺي زال بڻائي سگهي ٿو. اڄڪلهه جي ترقي يافته ۽ جديد دور ۾ جيڪڏهن زالون ڪمال آهن ته مڙس به گهٽ ناهن. مڙس سڄو ڏينهن گهرن کان ٻاهر ۽ زالون گهرن ۾ بند! زال ان ڪري هر هر پنهنجي مڙس کان اهو ڄاڻڻ چاهيندي آهي ته هو کيس ڪيتري محبت ڪري ٿو جو مڙس، مڙس ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ٿيڻ واري گهرواريءَ آڏو ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا محبت جو اظهار ڪندو آهي، ساڻس ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ دنيا جا باقي سمورا ڪم ڇڏي ڏيندو آهي. جڏهن ته شادي کانپوءِ کيس محبت ڀريا لفظ چوڻ لاءِ به وقت ناهي هوندو يا وري چوندي شرمائيندو آهي ته هاڻي هيترا ٻار ٿي ويا آهن، زال سان ڇا محبت جو اظهار ڪريان؟ روز روز جي جهيڙي يا بحثبازي ۾ ڄڻ پيار ڪرڻ ئي وسري ويندو اٿن. اهو سڀ غلط آهي. هڪ سٺي مڙس کي گهرجي ته هو هر ڏينهن پنهنجي رفيق حيات کي اهو احساس ڏياري ته هو ساڻس ڪيتري محبت ڪري ٿو. زال کي به گهرجي ته منهن ۾ گهنج وجهي مڙس کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ مڙس پاران ڪيل پيار جي اظهار جو مسڪرائيندي خوشي مان جواب ڏئي.​
    نعيم شيخ/دبئي​
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مايون ته زور آهن پر سليمان اهو ٽينشن فري وارو راز مون سميت چاچا ڪريم ء حفيظ کي نٿو ٻڌائي
    يار سليمان ٻڌاء ٻيلي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    اميرالمومنين حضرت علي عليه سلام جن فرمايو ته اهي زالون ڪيڏيون بي وقوف آهن جي پنهنجي مڙسن کي پنهنجي پيار ۾ غلام بڻائن ٿيون ۽ ان غلام جون زالون سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿيون ، پر اهي زالون ڪيڏيون عقلمند آهن جي پنهنجي پيار ۾ پنهنجن مڙسن کي بادشاه بڻائڻ ٿيون ۽ ان بادشاه جون زالون سڏجن ٿيون ۔ غلام جي زال غلامڻ هوندي آهي جڏهن ته بادشاه جي زال راڻي هوندي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هڪ زال پنهنجي مڙس کان پڇيو مونسان ڪيترو پيار ٿو ڪرين ؟
    همراه: _ چنڊ تارن کان به وڌيڪ سمنڊ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ، زمين کان آسمان تائين
    زال خوش ٿيندي چيو ته جي مان مري ويس ته ؟ مڙس جواب ڏنو ته ايئن نه چئو مان ته چريو ٿي ويندس
    زال وري پڇيو ٻي شادي ته نه ڪندين نه ؟ همراه جواب ڏنو ته چريو ته ڪجه به ڪري سگهي ٿو ، ڇو ته چرين تي ڪا ميار ناهي هوندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    چون ٿا پراڻي دور جا حڪيم ڪڏهن به نسخو نه ٻڌائيندا هيا ۔ يا وري ڪنهن همراه کي ڪو ڏاهپ وارو دڳ هٿ آيو ته به ڪنهن کي نه ٻڌائيندا هيا ، لڳي ٿو ميان محمد سليمان وساڻ صاحب به انهن جي پيرو ورتو آهي يا ته اسان جي ڀاڄائي ( محمد سليمان وساڻ جي شريڪ حيات) ڀائو سليمان کي ڪَرڙي اک سان چئي ڇڏيو آهي خبردار جو ڪٿي به چوڻي ۽ لکڻي ۾ زالن جي خلاف ڪجه به ٻول ٻوليو اٿئي ته خير نه هوندئي ؟
    مٿين ٻنهي صورتن ۾ ڀائو سليمان ڪجه به نه ٿو بڌائي سگهي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻڌائي نه ٻڌائي اها محمد سليمان وساڻ جي مرزي ، اسان راز معلوم ڪري وٌنداسين ۔۔
     
  14. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاهاهاهاهاهاهاهاها
    هل ڙي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا اسان سان به اها ويڌن آهي ٽي حصا سنگت وڃائي ويٺا آهيون هڪ حصو سنگت به اها بچي آهي جيڪا غير شادي شده آهي ۽ عنقريب ان سنگت تان به هٿ کڻڻو پوندو۔
    ادا حضرت بابا آدم جيڪو اسان اولاد کي پهريون سبق ڏنو هو اهو اهو ئي ته هو ته زن مريدي جو انجام جنت مان اخراج آهي سوسندس اولادجي اڪثريت اڃان تائين ان ڳالھ کي پئي آزمائي۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن سڀ جو نچوڙ مون کي سنجي دت جو اهو ڊائيلاگ لڳندو آه ته

    ”محبت انڌي ضرور آهي پر شادي اکيون کوليو ڇڏي“

    باقي چا چا ڪريم سچو آهي۔ سليمان انتهائي خوشنصيب آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    لغاري صاحب توهان جون ڳالهيون پڙهي چوڻي ياد اچي ويندي آهي سؤ ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو